Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر ليلا جَي ڏيئي جي ڏھاڳ جو بيت
ھُلِي ھارُ وِئو، ھو بَھانو بوڇَ جو،
وَرَ تُون ٿو وِلِهِيُون ڪَرِيين، ڏوٻاسا ڏِئو،
ھَٿان مُون پِئو، تُون کَمين نَہ کانڌيلا سُپِرِين.
رسالن ۾ موجودگي: 26 سيڪڙو
سمجهاڻي
جيتوڻيڪ (بظاهر) هار مشھور ٿي ويو، پر اصل ۾ ان بُڇان يا نفرت جو
سبب ٻيو ڪجهہ هو. اي منھنجا سرتاج (انهيءَ اصلي ڪاوڙ سبب) تون ميارون ڏيئي ۽ طعنا هڻي مون کي پاڻ کان الڳ پيو ڪرين (ڇوري ڇني پيو ڪرين) بيشڪ مون کان خطائون ٿيون، پر هاڻي اي وڏي صبر ۽ سھپ وارا مون کي جيڪر بخشي ڇڏين (تون معاف نہ ڪندين تہ ٻيو ڪير ڪندو)
[مثنوي روميءَ ۾ اهو خيال هن ريت ملي ٿو:
پس کجا زارد کجا نالد لئيم،
گر تو نپذيري بجز نيک اي کريم،
سر کجا بنهد ظلوم شرمسار
جز بدرگاه تو اي آمرزگار.
(دفتر دوم ب 335)
معنيٰ: ڀلا هي ڪمينو ڪٿي روئي ۽ ڪنھن کي دانھن ڏئي، جيڪڏهن اي ڪريم، تون نيڪن کان سواءِ ڪنھن جي دعا نٿو قبول ڪرين. هي گنهگار ۽ پشيمان گنهگار ۽ پشيمان تنھنجي در کان سواءِ، ڪٿي وڃي پنھنجو مٿو ٽڪرائي ڇو تہ تون ئي معاف ڪندڙ آهين.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
हुली हारु विओ। हो बहानू बोछ जो।
वर तूं थो विलिहियूं करियें। डो॒बा॒सा डि॒ओ।
हथां मूं पिओ। तूं खमें न खांधेला सुपिरीं॥
ROMAN SINDHI
Hal'eiy haar wa'o, hu' baha'no boa'chh jo,
War'r toon tho'w wal'heiyon karein, doba'saa do'ow,
Hita'an moon pe'ow, toon kha'mein na'a khanDei'la supreen.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آيَمِ مَنجِهہ ڏُھاڳَ، سَندا جوڀَنَ…
- (بيت) آھِين سُونھون ساٿَ جو، ھِتي…
- (بيت) اَسان تُونھِين تُون، توھُ تُنھِنجو…
- (بيت) تاسِريءَ تيلُ پِئو، ڪوسو چَڙِهئو…
- (بيت) تو ڪوٺي تو ڊوھي، تو…
- (بيت) تو ڪوٺي تو ڊوھي، ڏِنو…
- (بيت) جي مُون کي وَرَ وِھارِيين،…
- (بيت) جيڪي چَئِين ٿِي ھيرَ، تَنھِنجِي…
- (بيت) جيڪَرَ ڀانيان اِيئَن، تَہ دِلِ…
- (بيت) سائِين سَمُجِهَيسِ ڪِينَڪِي، ڳَڻي گَتِ…
- (بيت) سي ڪاپائِتِيُون ڪِيئَن، ھارُ جَنِي…
- (بيت) لَکين لِيلائُون، چَنيسَرَ جي راڄَ…
- (بيت) لِيلان ڇَڏِ لِهورُ، وَڃُ پَنھِنجي…
- (بيت) لِيلان ڇَڏِ لِھورُ، وَڃُ پَنھِنجي…
- (بيت) مُون جِيئَن مُٺِي وَلَهي، ڪَڏِھِين…
- (بيت) وارِيءَ جِيئَن ويئِي، لَڄَ مُنھِنجِي…
- (بيت) ويٺي وِھسِيَسِ وِچَ ۾، سَرَھِي…
- (بيت) پاڻُ سُڃاڻي ڪانڌُ، پاڻيهِي پيھِي…
- (بيت) ڀينَرُ ڀيرِئو داسَڙو، چَنيسَرُ چئَي،…
- (بيت) ڏيئِي جَي ڏُھاڳُ، مُون کي…
- (بيت) کِلِي ھارُ ھَٿِ ڪِئوءِ، ٿِيئَن…
- (بيت) ڪَونئُروءَ ڪوسو چاڙِھئو، تُون لِيلان…
- (بيت) ڳوڙَھَنِ ڳاٽُ ڀَري، جان آيَسِ…
- (بيت) ھَئِي ڦِٽو ڪَرِ ھارُ، سونَ…
- (بيت) ھُيَسِ دادِلِي دوُسَ جِي، ٻئو…
- (بيت) ھِي جي ڏُوڻَ ڏُجاڻِيُون، سي…
- (بيت) ھِيئَن ڪَرِئو ھُونئَن ڪَرِين، ھِيءَ…
