ھارُ بابت
معنيٰ
ڪَنٺو، مالا، مالها. ڳَھَ جو هڪ قسم، ڳچيءَ ۾ پائڻ جو ڳَھُ، ڪنڍي، ڪئنٺي. سون چاندي يا موتين مان ٺهيل هارُ.
A necklace. (Kind of an ornament)
بيتن ۽ وائين ۾
- ساٿَر صِحَتَ سُپِرِين، آھي نَہ آزارُ، مَجلِسَ ويرَ مِٺو ٿِئي، ڪوٺِيندي قَھارُ، خَنجَرُ تَنھِن خُوبُ ھَڻِي، جَنھِن سين ٿِئي يارُ،…[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- کاءِ نَہ کَٽَڻَھارُ، چَندَنَ جا چُوپا ڪَري، اَگَرَ اوڏو نَہ وَھي، سِر کَنڊَ لَھي نَہ سارَ، لاڻي جِيءَ لَغارَ، مَيو…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ چُورُ ٿِئي چُوڙو، طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ ٻُڏَندَنِ ٻُوڙو، گهورِئو ڏَمُ ڪُوڙو، مُون ميھارُ ئِي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ ٻِيڙَ ٿِئي ٻانھِين، طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ پَرِ اَسانھِين، پُئان مَ پانھِين، مُون ميھارُ ئِي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- پُڇَنِ جٖي ميھارَ کي، پُڇي سي ميھارُ، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اي پَرُوڙِجِ پارُ، تُرَھو تَنِي بارُ، عِشقُ جَنِي کي آڪِرو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- توڏِي توڙائِين، نِينھَن نَوازِي سُهڻِي، ڳِچِيءَ ھارُ حَبِيبَ جو، لائِقُ لَڌائِين، سو تَڙُ سُوٺائِين، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- سِياري سِھَ راتِ ۾، جَا گِهڙي وَسَندي مِينھَن، ھَلو تَہ پُڇُون سُهڻِي، جَا ڪَرَ ڄاڻي نِينھَن، جَنھِن کي راتو ڏِينھَن،…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ڪِٿي ٿِئو ميھارُ، ڪِٿي ٿو گِهنڊُ گُڙي، ڪِٿي دونھِين دوسَ جِي، ڪِٿي پَرِيُون پارُ، جَنھِن مُون سَڀَ ڄَمارَ، جَرَ ۾…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- مَري مَ ميھارُ، وَٿاڻُ وِلِهو مَ ٿِئي، وَڇُنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِئي مَ وارُ، ساھَڙُ مُون سِينگارُ، ماڻُهنِ ليکي…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون لُڙُ لِڱَنِ لائي، آندا ڪَؤُنئرَ ڪُنڊِيين، پُورَنِ ۾ پائي، ميھارُ مَ لاھي، مِھرَ پَنھِنجي مالَ…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- گِهڙِئا سي چَڙِهئا، اِيھِين اَٿيئِي، مَئي مَتي مَھِراڻَ ۾، پَئُہ ٽَپو ڏيئِي، ميھارُ مِليئِي، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- جيڏاھَن چِتَ چاھُ گهَڻو، آرُ پِہ اوڏاھِين، وَڃي وَھُ واڪا ڪِئو، تِکو تِھائِين، ميھارُ مِلائِين، لَهرِنِ ۾ لَطِيفُ چئَي.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- پَلِيان پَلِيو نَہ رَھي، نِرتُون نِينھُن نِبارُ، گِهڙان گهورِئُمِ جِندَڙو، اُٽَلَ مُون اوڀارُ، جَنِي مَنِ ميھارُ، ھَلَڻُ تَنِي حَقُ ٿِئو.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- اُڀو تَڙِ ميھارُ، مَلاحَنِ سَڏَ ڪَري، آئُون پُڻ وِجهان ھَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو ڄارُ، گهورِيُون ڪارُونڀارُ، مانَ مِڙَنِھَئُون سُپِرِين.[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- اُڀو آڇي اَڇَ، ميھارُ مَلاحَنِ کي، آئُون پُڻ وِجهان ھَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو رَڇَ، ڪَنڌِيءَ ڪُنَ ڪُڙِڇَ، مَنَ ھُونِ سَلامَتَ…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- اُڀو ڪَري سَڏَ، ميھارُ مَلاحَنِ جي، اَدا اِنَهِيءَ پارَ جا، مُوڙي اَچو مَڏَ، وِئا جٖي وَھَ گَڏَ، سي ھَلو تَہ…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- پَرِينءَ ڀَرِ ڀِيرِين، پَسُ جَي پارِ پَوَندِيُون، آڻِئو وِجهي آرَ ۾، وَڏا وَڻَ ويڙِھِين، ميھارُ مُون ميڙيِن، لَهِرِنِ ۾ لَطِيفُ…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- گهَرُ نَہ وَرُ نَہ وَٿُ ڪا، آھيمِ مَنِ ميھارُ، اِنَ اوسِيڙي اُٿِيان، سَنجهي ڪَري سِينگارُ، پِرِين تُنھِنجو پارُ، پَسان مان…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- اَدا اي ٻانڌِي ٻيٽَنِ وارا، اي ريٽَن وارا ڪِٿي پِرِيَنِ پارُ، ڪَنڌِيءَ ڪَندُمِ ڪارَڻِي، ساھَڙ ڄامُ سَتارُ، ساڻِي ٿيندو سِيرَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- چِيھو چُکِيءَ ڪَنڌيين، ڪِئائِين گَڙنگَ تي گُلَ، ھَڏا ڪُٽِئان ھَليو، ڀَري تَرايُون تَلَ، آسدِي آبَ اُڇَلَ، مَٿي باغَ بَھارُ ڪَري.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، جَهلي مَيَنِ مَھارُون، وِجِهئو ھَٿَ واڳَنِ ۾، ڪَري ٻانڀَڻِ ٻاڪارُون، وَڃِي ڪِيُون وَڻِڪارَ ۾، چانگَنِ چانگارُون، ڪِئَمِ…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- نَڪَ ناڪِيلِيُون سونَ جُون، موتِيُنِ مَھارُون، لَنگهِيُون راتِ لَطِيفُ چئَي، ڪَرَھَنِ قَطارُون، ٻانڀَڻِ ٻاڪارُون، ڪَرِ تَہ رَسين ڪيچَ کي.[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- ڦازا ڦيريائُون، مَھارُون مَيَنِ جُون، مَروشِي جَبَلِ رَوان، واڳُون وارِيائُون، مُون کي مارِيائُون، پُنهون نِيائُون پاڻَ سين.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- شادِيءَ جو سِينگارُ، آيَلِ آيَلِ مَرَڪُ مُنھِنجو مُون پِرِين، آھي ڳَھُ ڳِچِيءَ ۾، ڏي ھالُورا ھارُ، آھي اُگهاڙَنِ کي، جانِبَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، آيُسِ موچارِيءَ ماھَ، جَي وِھاڻِيءَ ويرَمَ ڪَرِين، مُون ھِينئَرَ ئِي ھَلاءِ، سُونھارا سورَٺِ وَرَ، ڳالِهہ ھِنيَين سين…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- چارَڻَ چَنۡگُ ٻَنگُ لَھِي، وَڄايو وَڏاڻُ، سِرَ جو ھَڏِ آسانُ، پَرَ مَڱَڻَھارُ مَٿي وَھي.[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- جاجِڪَ تو جُھارُ، ڏَھَ ڀيرا ڏِياچُ ڏي، جَنھِن ۾ مالُ نَہ مِرِيءَ جيتَرو، تَنھِن تُون طَمَعدارُ، جَي اَچي ڪَمِ ڪَپارُ،…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- ڏِسَنديئِي ڏياچَ کي، مَرَڪِئو مَڱَڻَھارُ، اَڄُ مُنھِنجو اَگِهئو، وِڄا جو واپارُ، ڪاٽِبو ڪَپارُ، مَٿو مُندائِتو ٿِئو.[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- جَو تَرَڪُ طَمَعَ کي ڪَري، سو ڪِي مُون سُڻاءِ، جيڪِي چَئِين جِيءَ مان، سوڳورَ مَنجهان ڳالَهاءِ، مَڱَڻَھارُ مَلَهاءِ، جو وِچان…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- جو وِچان ويرِيَنِ آيو، سو مَڱَڻَھارُ مَ موٽاءِ، جا جِيءَ اَندَرِ مُون ڳالِهڙِي، سا پاندِ پَلَئِي مُون پاءِ، جو گهُران…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- مَڻِيو وِجهان مَچَ ۾، ھائِيءَ وِجهان ھارُ، ڀِري جي ڀَتارُ، تَہ ميرِيائِي مانُ لَهان.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- مَڻِيو وِجِهي مِٽِيءَ ۾، ھائِيءَ وِجِهِج ھارُ، سُوڀِي سُکُ سَيِّدُ چئَي، ڪَرِيين ڪوھُ قَرارُ، راجا رِيساڻُون گهَڻو، سَٽاڻُون سَرِدارُ، چوڏِسِ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- مَڻيي مَٿي جٖي ھُئا، تَنِ چِٽَنِ ڦيرِيُمِ چِتُ، ھارُ کَٽَندِيَسِ ھوڏَ ۾، نيبَھُ ٿِيندُمِ نِتُ، ڪَؤُنرؤ جو ڪِرِتُ، مُونھان مَٿاھُون…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- کَڻِي ھارُ ھَڻِي، پَلَنگَ سِرِ پِٿُون ڪَرِيان، وِينڊَڙِئارو وَلَهو، وِئو چِتُ کَڻِي، سو پِٿُون ٿِئي پَڻِي، مانَ سَرِچي مُون پِرِين.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- مَڻِيو تان نَہ مَڻِيو، جو تُون پَسِي ھارُ ھِرکِي، اَصلِ آھي اَڳھَيِن، سَندو ڪُوڙَ ڪَڻِيُون، گهوڙَنِ ھَئِيي گهَڻِيُون، دوسِتَنِئان دُورِ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- جَو تو ڀانيو ھارُ، سو سُورَنِ سَندو سَنگهِرو، چَنيسَرُ چِتُ کَڻِي، ٿِئو پورِھِيَتِ جو پارُ، اَڻَ وَڻَتِ جو آچارُ، شَلَ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- مَڻيي مَٿي موھِجِي، ھارِي ڳِيَڙُءِ ھارُ، ڪوڙيِين ڪِئا ڪيتِرا، اِنَهِيءَ کَرَ خُوارُ، ڀِرِي وِئو ڀَتارُ، تي آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- سُھاڳُ پُڻ سَنبران، ڏُھاڳُ پُڻ ڏِٺومِ، ھَي اَڀاڳي حالَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ، تِھان پوءِ ٿِئومِ، قَدُرُ ڪاڻِيارِنِ جو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- سُھاڳُ پِہ سَنبِران، ڏُھاڳُ پہ ڏِٺومِ، سَرَتِيُون ڪَنھِن سَڀَاڳَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ، ڍيلي ڍولُ وِئومِ، سَندا جوڀَنَ ڏِينھَڙا.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- چَنيسَرُ چَورَنگُ، ٻِہ رَنگُ لوڪُ ٻِئو، تَنھِن سين ڇِنِئو سَڱُ، وَڃِئو ھارُ ھَٿِ ڇُھين.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- ھُيَسِ ھِندورَنِ ۾، سَرَھِي سَڄي راتِ، چانڪِ ھارُ کَٽندِيَسِ ھوڏَ ۾، ڏيھُ پُڻ لَھيندِيَسِ ڏاتِ، تَہ وِھاڻِيءَ پِرڀاتِ، مَنڊي اُڀِيين…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- ھُيَئِينءَ تَہ گهَڻو ھُوشِيارُ، ڪَلَ پِہ ھُيَئِي ڪانڌَ جِي، توڀانيو موچارِي ٿِيان، ڳِچِيءَ پائي ھارُ، ڪانڌَ ڪُوڙِيءَ جو نَہ وَڻي،…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- جان مُون پوءِ پَرُوڙِئو، اِيءُ وِڏُوڻُو واپارُ، ھاڻي کَڻُ ھِيءُ پَنھِنجو ھارُ، واري ڏي مُون وَلَهو.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- جيڪَرَ ڀانيان اِيئَن، تَہ دِلِ مَٽِيندو داسَڙو، تَہ سُوڙَه لَڳَندي سِينءَ، ھُوندَ ھَٿين ھارُ نَہ جَهلِيان.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ھَئِي ڦِٽو ڪَرِ ھارُ، سونَ ڦُلَنِ سين ڪَنجِرو، کوءِ اُھَندَڙُ پَٽَ جو، جَنھِن مان وِڏُوڻُو واپارُ، ڪِيَڙُئِي جو ڪارُون ڪَري،…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ھُلِي ھارُ وِئو، ھو بَھانو بوڇَ جو، وَرَ تُون ٿو وِلِهِيُون ڪَرِيين، ڏوٻاسا ڏِئو، ھَٿان مُون پِئو، تُون کَمين نَہ…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- کِلِي ھارُ ھَٿِ ڪِئوءِ، ٿِيئَن سَرَھِي سانجِهيءَ ويرَ، خَبَرَ نَہ پييَئِي تِهيرَ، تَہ پِرھَہ ٿِيندِينءَ پَڌِرِي.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- سي ڪاپائِتِيُون ڪِيئَن، ھارُ جَنِي جي ھَٿِ، ڏِنِيَئِي نَہ ڏُوڻَ ڏُجاڻِيين، پِشيمانِيءَ جِي پَتِ، مُٺِي مُوڙِھِيَئِي مَتِ، جِيئَن دوسِتُ وِڃايُئِي…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- آءُ پِرِين گهَرِ پيھِي، مِيان چَنيسَرَ، ھارُ ھَٿان مُون ڇڏِئو، پُڇَنِ لِيلان ھُوءِ ڪَنِ حِيلا، ٻَھران اَچِئو ٻيئِي، دوسِتُ نِئائُون…[ سُر ليلا - وايون ]
- مَٿي جَنھِن مَدارُ، کانڌِ تَنھِنجو تَڪِيو، پاڻَ اُوچو عادَتَ نِيچِي، سِينھان اِيءَ پَرِوارُ، ڪَرِ ڪيسَرِ جو جُھارُ، ڏِٺي جَنھِن ڏارَتِ…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، پَسان ڪِيئَن پَنوَھارُ، ڌُڻي جَا ڌَراڙُ، تَنھِن رُوءَ ريءَ رُچڻُ ناھِ ڪو.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]