Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر ليلا جَي ليلا ليلائيج جو بيت
ھُيَئِينءَ تَہ گهَڻو ھُوشِيارُ، ڪَلَ پِہ ھُيَئِي ڪانڌَ جِي،
توڀانيو موچارِي ٿِيان، ڳِچِيءَ پائي ھارُ،
ڪانڌَ ڪُوڙِيءَ جو نَہ وَڻي، سَھِسين ڀَتين سِينگارُ،
وَھمَ لَھي وينجهارُ، دِلِيُون پَرَکي داسَڙو.
رسالن ۾ موجودگي: 86 سيڪڙو
سمجهاڻي
(ليلان ٿي چوي) آءٌ گهڻي عقل واري هيس، پر مان پنھنجي مڙس کي صحيح سمجهي نہ سگهيس. مون سوچيو هو تہ آءٌ ڇاتيءَ تي (ڳچيءَ ۾) هار پائي وڌيڪ سهڻي ۽ خوبصورت ٿي پونديس. پر منھنجي سرتاج کي (ٺڳيءَ ۽ دغابازيءَ وارو) اهو جڙتو قسمن جو هار سينگار هرگز پسند نہ آيو. هو وڏو پارکو ۽ داناءُ آهي جيڪو (ظاهري هار سينگار کي نہ پر) دلين جو امتحان ٿو ڪري.
[مثنوي روميءَ ۾ هن باري ۾ هڪ وڏيءَ معنيٰ وارو شعر هن ريت آهي:
ما که باطن بين جمله کشوريم،
دل بہ بينيم و بظاهر ننگريم.
(دفتر چهارم، ب- 2175)
معنيٰ: اسان هر شيءِ جي اندر ۾ ڏسندا آهيون، اسان دلين کي آزمائيندا آهيون ۽ ظاهر کي نہ ڏسندا آهيون.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ليلا چنيسر، بيت نمبر : 2324
هَيَ تَہ کَنٌ هُشْيَارُ ڪَلَ پِہ هُيَىءِ ڪَاندَ جِيْ﮶
تُوْ ڀَايُوْ مُوْچَارِيْ ٿِيَان کِچِيَ پَائٖيْ هَارُ﮶
ڪَاندَ ڪُوْرِيَجُوْ نَوَنٖيْ سَھْسٍ ڀَتٍ سِنْـکَارُ﮶
وَھْمَ لَھٖيْ وِيْجَارُ دِليٌ پَرَکٖيْ دَاسَرُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
हुयईंअ त घणू हूशियारु। कल पि हुयई कांध जी।
तो भांयो मोचारी थिआं। ग॒चीअ पाए हारु।
कांध कूड़ीअ जो न वणे। सह्सें भतें सींगारु।
वहिम लहे वेंझारु। दिलियूं परखे दासड़ो॥
ROMAN SINDHI
Huein taa ghano hoshiyaar, ka'l pey hueiy kaanD' jay,
To'h bhaayo mochaaree theiyaan, Gichii paaey haar,
KaanD' koore jo'o waneiy jo naa waney, sahseein bhatein seenGaar,
Weham laahe wenjhaaro, dilyon parkhey daasro.
TRANSLATIONS
O Leela! You were so discreet but you misunderstood your consort (as to what strict task master He is!). Did you, by going in for the necklace, wish to be more attractive by wearing it round your neck? The consort does not approve of faithless women, even though they bedeck themselves in multifarious ways. The All-wise Allah knows the secrets of heart, just as a lapidary knows a gem internally.
Note: This verse contains reproachful solicitude of Leela's friends for her.
TRADITION: Allah does not look to your faces and possessions, but He takes into account your intents and acts.
ای بسا نازا کہ گردد آں گناه
افگند مر بنده را از چشم شاه
(Roomi)
Excessive ornamentation becomes a sin, and it erodes appreciation of the King.
You knew well your spouse! you were so smart!
Yet you thought with necklace you would yourself adorn!
Spouse cares not how a fickle wife is decked,
He reads your deepest thoughts and knows your heart.
You were clever and thought you knew you consort very well,
You thought you would look beautiful by wearing necklace,
But the consort does not like fakes even if lavishly adorned,
For he knows them inside out.
يا ليلىٰ! أنت كنت شاطرة قوية!
وذكية وتعرفن زوجك أنت حسبت تصيرين لائقة وجميلة عندما تلبسين عقدا حول الرقبة العريس لايحبالعروسة الخائنة وغير وفيه ولو هي تزين نفسها بمئات أذياء هو خبير ويرىما فى القلوب ويفحص القلوب.
يعني الشاعر يشر إلى رب العالمين بأنه ينظر إلى قلوبهم ولا ينظر إلى ملابسهم الظاهرية وهو يعرف عن أسرار القلوب.
بڑی چلاک چتر توں لیلا تھوں کنتے دا جانے
ریجھے گا اوہ ہار دیکھ کے گل وچ تیرے بھانے
ایہہ چلتر تیرے چنیسر چنگی طرحاں پچھانے
ظاہر داری بھوندی ناہیں پرکھ کرئے اوہ دل دی
پریتم کو میں پرکھ نہ پائی، یوں تو تھی ہشیار،
سوچا تھا کہ سندر لاگوں، گلے میں ڈالوں ہار،
لیکن پریتم کو کب بھاتا ہے، جھوٹا ہار سنگھار،
جانے جاننھار ، جو دل میں بھید چھپے ہیں۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَلا ڏاھِي مَ ٿِيان، ڏاھِيُون…
- (بيت) اَوَڳُڻَ ڪَري اَپارَ، تو دَرِ…
- (بيت) توڻي تُون ھَميشه، ڪانڌَ نَہ…
- (بيت) توھان ٽُٽي ڌارَ، ڪَنھِن ھَزارين…
- (بيت) جان مُون پوءِ پَرُوڙِئو، اِيءُ…
- (بيت) جي ڪارُون آڙِئا ڪانڌَ کي،…
- (بيت) جَي لِيلائي نَہ لَھين، تَہ…
- (بيت) جَي مُون مُوڙِھِي مَتِ، تَہ…
- (بيت) جَڏھِن جَرُ ھارئو ٿي جَکِري،…
- (بيت) ساھيڙِيُون ۽ سَرَتِيُون، کِلَنِ سَڀَ…
- (بيت) سونا ڪُرَ ڪَنَنِ ۾، ڳِچِيءَ…
- (بيت) سَڳو ڏِسِي سُهِڻو، مَڱِي آندو…
- (بيت) سُورِيءَ سُٿَرِيا، پَڪو سَهو وِلارِئو،…
- (بيت) عَيبَ نَہ اَچَڻُ ڏِينِ، مُون…
- (بيت) لَکَڻَ ڪِيمَ ڳَڻيجِ، جِيئَن مُورائِين…
- (بيت) لِيلان حِيلا ڇَڏِ، جَي تُون…
- (بيت) نَہ ڪِي ٻانھَڙِيُنِ ۾، نَہ…
- (بيت) پائي آيَسِ پاندَ ۾، تو…
- (بيت) ٿِڙڪِي پَسِي ٿوڪُ، تِرڪِي تَڪَبُرَ…
- (بيت) چانڪِ چَڙَھَندِيَسِ کَٽَ تي، ريجهائِيندِيَسِ…
- (بيت) ڍَڪَڻَ مَٿي ڍولَ جا، جَڏھِن…
- (بيت) ڏاھِي ھُيَسِ ڏيھَ ۾، سَرَتِيُنِ…
- (بيت) ڪارا ڪَري ڪيسَ، مَتان ڪا…
- (بيت) ھَيبَتَ ڪانَہ ھُياسِ، ڪا دِلِ…
- (بيت) ھُيَسِ ھِندورَنِ ۾، سَرَھِي سانجِهيءَ…
- (بيت) ھُيَسِ ھِندورَنِ ۾، سَرَھِي سَڄي…
- (بيت) ھُيَسِ ھِندورَنِ ۾، پيَمِ ڪانَہ…
