Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر حسيني جَي وايون جي وائِي
جانۡ تُون وَڃين ڪيچِ ڪَھِي اي اَدا،
ڏِجِ پارانڀو پِرِينءَ کي،
مُون مُٺِيءَ مَٿان ڪيتِرا، وِئَڙا ڪانگَ لَنِئي،
آئُون ڦوڙائِي مارِي، مُنھِنجا واقُفَ وِئَڙا وَھِي،
ھيڏي شَھَرَ ڀَنڀورَ ۾، سارِئان ڪونَہ صَحِي،
ڏُکُ مُنھِنجي ڏِيلَ ۾، سَگهان تان نَہ سَھِي.
رسالن ۾ موجودگي: 51 سيڪڙو
سمجهاڻي
(اي ادا پانڌي) جڏهن تون وڃي ڪيچ پھچين تہ منھنجا هي پيغام ۽ نياپا منھنجي پرينءَ تائين پھچائج. منھنجي اندر ۾ ڏاڍو ڏک ۽ سور آهي جيڪو آءٌ برداشت ڪري نٿي سگهان. مون کي جدائيءَ ۽ فراق جي درد ماري وڌو آهي ۽ منھنجا سڃاڻو ۽ واقف انهيءَ واٽ سان اڳتي نڪري ويا. اي ڀينر، آءٌ ڀنڀور ۾ پنھنجو ڪو خيرخواھ ڪونہ ٿي ڏسان. (منھنجي واٽ ۾ اها حالت آهي جو) مون کي مُئل سمجهي ڪيترا ڪانگ مون مٿان ڪان ڪان جي ٻولي ڪري هليا ويا.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڏھر، بيت نمبر : 3023
جَا تُنْ وَنڃّٖيْ ڪٖيْـچِ ڪَھِيْ اٖيْ اَدَا ڎِجِہ پَارَا اُڀُوْ پِرْيَکٖيْ﮶
مُنْ مُئِيَ مَٿَا ڪٖيْـتِرَا وِئَـرَا ڪَانکَہ لَئِيْ﮶
آَءٌ ڤُوْرَائٖيْ مَارِيْ مُھْجَا وَاقُفَ وِئَـرَا وَهِيْ﮶
هٖيْڎٖيْ شَهْرَ بَنڀُّوْرَ م﮼ آَءٌ سَارِيَان ڪُوْنَ سَھِيْ﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जां तूं वञीं कैचि कही ए अदा।
डि॒जि पारांभो पिरींअ खे।
मूं मुठीअ मथां केतिरा। विअड़ा कांग लंई।
आऊं फोड़ाई मारी। मुंहिंजा वाक़ुफ़ विअड़ा वही।
हेडे॒ शहर भंभोर में। सारिआं को न सही।
डु॒खु मुंहिंजे डी॒ल में। सघां तां न सही।
ROMAN SINDHI
jaa'n too'n wanjee'n kech'ay kahi ae adaa,
ddij'ay paaraanbho pireen'a khhay,
moo'n muthhi'a mathaa'n ketiraa, wi'arraa kaang'a lan'ee,
aaun phorraa'ee mari, muhinjaa waaqif'a wi'arraa wahi,
heddi shahar'a bhanbhor'a mayn, saari'aa'n ko'na sahi,
ddukhh'u munhinji ddeel'a mayn, saghhaa'n taa'n na sahi.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) آئُون جا ويندَڙي پارِ پِرِيَنِ…
- (وائِي) اللهَ واري آڻِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ…
- (وائِي) اَجهو ڪِئو آرِي، ھِيءَ ويچارِي،…
- (وائِي) جَي ھُوندَ ڏِٺائُون وو جيڏِيُون،…
- (وائِي) روئِي لاٿو مُون، جان جان…
- (وائِي) شادِيءَ جو سِينگارُ، آيَلِ آيَلِ…
- (وائِي) لائي جَڙَ جَتَنِ سين، آئُون…
- (وائِي) لَڳو مَنجِهہ لَڪَنِ آيَلِ تازو…
- (وائِي) مُنھِنجا پيرَ پُنهون، يارَ پُنهون،…
- (وائِي) مُنھِنجي حُجَتَ ناھي واٽَ، جِيجَن…
- (وائِي) مُون رَتُ رُنُو ٿي رائي،…
- (وائِي) مُون سين ھوتَ نَہ ڪَندَڙا…
- (وائِي) مُون نَہ پَروڙِئو ماءُ تان…
- (وائِي) مِلَندي سِيئَن مَرَندي سِيئَن، مُون…
- (وائِي) وَسان تي ويياسِ، آيَلِ آيَلِ…
- (وائِي) وَڃِي وَڃِي ويٺَڙِي تِتي، جِتِ…
- (وائِي) وِھان ڪِيئَن ڀَنڀورَ ۾، مُنھِنجو…
- (وائِي) پَلَيءِ لَڳِي آھِيان، مُون کي…
- (وائِي) پُنهون پِريشانُ، ھئَي ھئَي حالُ…
- (وائِي) ڏِيندِيَسِ ماھُ مِرُنِ کي، آئُون…
- (وائِي) ڪارُون وَسَ ڪِئامِ، ڙي ھئَي…
- (وائِي) ڪوئِي ڏُونگَرُ ڏورِيان، ڪوئِي جَبَلُ…
- (وائِي) ڪوھِيارِي جِي ڪا ماريندِيَمِ ماءَ،…
- (وائِي) ڪيچِي ڪَندا ڪوھُ، مُون مُئي…
- (وائِي) ڪَلَ نَہ پييَمِ ڪا تَہ…
- (وائِي) ھاڙِھي ويندا ھوتَ مُئِيءَ جا،…
- (وائِي) ھاڙِھي ھوتَ مُياسِ، دوستَ مُياسِ،…
- (وائِي) ھاڙھي ويندا ھوتَ مُئيءَ جا،…
- (وائِي) ھوتَ ھاڙِھي جا بَلوچَ، ڙي…
