Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر آسا جَي کَرُ ۽ حوصلو حيرت جو بيت
حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي لَڄاڻو،
ويچارو ڪاڻو، ڏِسِي ٿِئو ڏِسَڻَ کي.
رسالن ۾ موجودگي: 74 سيڪڙو
سمجهاڻي
حيرت جي مرحلي تي عقل توڙي هوش پنھنجي بيوسيءَ جي ڪري شرمسار ٿئي ٿو. هن جو مثال ان ڪاڻي شخص وانگر آهي، جيڪو شيءِ کي پوريءَ طرح ڏسي نٿو سگهي (ڇو تہ هو هميشه اڌ يا ڪجهہ حصو ڏسي ٿو). ان ڪري هو سڄي صورت کي ڏسڻ لاءِ وري وري ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو (پر هو ڪڏهن بہ سڄي نٿو ڏسي سگهي!)
[هتي مثنوي روميءَ جو هيءُ بيت ڏسو، جنھن ۾ شيطان کي هڪ اک وارو يعني ڪاڻو چيو ويو آهي:
بادو ديده اول و آخر ببين،
هين مباش اعور چو ابليس تعين،
اعور آن باشد که حالي ديد و بس،
چون بهائم بي خبر از پيش و پس.
(دفتر چهارم، ب- 1709 ۽ 10)
معنيٰ: ٻنهي اکين سان اول ۽ آخر کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪر. خبردار، شيطان ملعون وانگر ڪاڻو نہ ٿيءُ. ڪاڻو اهو آهي، جيڪو صرف وقتي طور ڏسي ٿو ۽ جانورن وانگر اڳ ۽ پوءِ کان بي خبر آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود آسا، بيت نمبر : 3433
حُوْصِلُوْ حَيْرَتَم﮼ وَڃِيْ لَڃَانٌ﮶
وٖيْچَارُوْ ڪَانُوْ ڎِسِيْ ٿِئُوْ ڎِسَنَکٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
होसिलो हैरत में। वञी लजा॒णू।
वेचारो काणू। डि॒सी थिओ डि॒सण खे॥
ROMAN SINDHI
HoSilo Herat'a me wanjee laJhhaanno,
Wechaaro kaannoo, Disee thiyo Dissann'a khe.
TRANSLATIONS
The human sense of understanding is baffled and is ashamed of itself. Poor imbecile! Its potentiality has been affected by the immeasurable vastness of the Divine Transcendance and Immanance. It is unable to stand its sight.
ذہن میں جو گھر گیا لا انتہا کیونکر ہوا،
جو سمجھ میں آ گیا پھر وہ خدا کیونکر ہوا۔
What is encompassed by reason can not be deemed limitless. What could be comprehended can never be Allah.
Note: The man does not apprehend correctly the attributes of Allah. Sometimes he erroneously thinks that he knows Allah. Whatever he can think about Him is of the worldly pattern and perishable; and nothing perishable can be identified with Allah. The human thought is a creature and a creature is definitely different from the Creator who is Imperishable.
بحیرت حوصلہ شد شرم چون سایہ بہ سر آمد
کہ دارد عقل ناقص آن چہ داند روزگار عشق
محبت چون تماشہ نیست تا بازد باد ہَرکس
چہ داند چشم پوشیدہ چہ باشد کاربارِ عشق
حیراں ہے جگ سارا، دیکھ کے عقل لجائی،
ایک آنکھ سے اندھے ہیں کہاں ہے وہ بینائی۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اللهَ کَرَ جِيَنِ، جٖي پاڙي…
- (بيت) اللهَ کَرَ جِيَنِ، مَدِي جَنِ…
- (بيت) حوصِلو حَيرَتَ جو، آھِ نَہ…
- (بيت) حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي ٿِئو…
- (بيت) حوصِلو حَيرَتَ ۾، ڪَري ڪونَہ…
- (بيت) خَبَرَ ٿِئي کَرَنِ کي، تَہ…
- (بيت) سَڄَڻَ سَنيُون ڪَنِ، لوڪان ليکي…
- (بيت) سِڪَ سِڪائي سِکُ، سِڪَ نَہ…
- (بيت) نَڪو مُنھُن نَہ مُھاڙَ ڪا،…
- (بيت) ٺَڪَ مَ رَھِجِ ٺَنڀِجِي، ٺَرِيءَ…
- (بيت) ڏِسَڻُ ڏِسين جَي، تَہ ھَمَه…
- (بيت) کَران وِجُهہ مَ واتِ، ڍولَ…
- (بيت) کَرَ جَا کَڏَ کَنئِي، پَوَڻَ…
- (بيت) کَرَ ٿو کَرايُون ڪَرِيين، ھَرَ…
- (بيت) کَرَ کي کَپُرُ کاءِ، نانگُ…
- (بيت) کَرُ کاريندو سي، ماٺو جَنِ…
