دُورِ بابت
معنيٰ
ڏُور، پري، ڏورانھون، بعيد. علحده، جدا، الڳ، ويڇِي.
Away, far away, remote
بيتن ۽ وائين ۾
- تَرسُ طَبِيبَنِ جو، جَڏَنِ ڪِئو نَہ جاتِ، جَو ويڄَنِ جي واتِ، دارُوئا تَنھِن دُورِ ٿِئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ويڄَ وِڄائُون ڇَڏِ، دُورِ ڪَري ٻِئا ڊَڀَڙا، آندِيَئِي جي اَگَهنِ لَئي، سي گورِيُون گورِيُنِ گَڏِ، صاحِبُ سوئِي سَڏِ، جَو پَرکا…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ڪَنزَ قُدُورِي ڇَڏِ، سِٽُون پَڙُه ساڃاءِ جُون، وانءُ تَنِي جي سَڏِ، جَنِي سانگُ نَہ ساھَ جو.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- ڪَنزَ قُدُورِي ڪافِيا، پَنا پَڙِهيَمِ پوڄَ، جَڏھِن مَھِراڻَ ڏِنِي مَوجَ، حَرَفُ نَہ گَڏِئو حَرَفَ کي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، عاشِقَ ٿِيءُ آچامُ، سَمُھان سَلَ سَيِّدُ چئَي، ڪَندَءِ تِيرَ تَمامُ، ڪَھِجِ ڪو مَ ڪَلامُ، جِمَ دوسِتَنِئُون…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چيتاريجِ چِتُ، تَہ دائِما دُورِبِيءَ ۾، پَسِين ولاتُنِ وِتُ، نِيَھُ نِکاري نِتُ، مَلاحَ گَڏِ مُعلِمَ سين.[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- پَڳَھَ پَنڌَ پَرُوڙِ، آيَلَ سامُونڊِيَنِ جا، ساندارو سَمُنڊَ جو، آھي دُوران دُورِ، ڪي لَنگِهئا پِھرِئين پُورِ، ڪَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- پُران مانَ پُڄان، بَندَرَ مُون دُورِ ٿِئا، نَہ مُون ھَڙَ نَہ ھَنجَ ڪِي، جي ڪِي چَئِي چَڙِھان، تِيَھِين ڪِجِ، پاتَڻِي،…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ چَتُون ۽ چِيھا، مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، ڪَنِ ٻولِيُون ٻاٻِيھا، ساٿِي سَنِيھا، ويلو ڪَنِ نَہ…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- پُڇين جانۡ ٻَروچُ، تانۡ پاسي ڪَرِ پَرھيزَ کي، جَنِ ڏِٺو ھوتُ، تَنِ دِينَ سَڀَيئِي دُورِ ڪِئا.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، جِتِ ٻيلِي ناھِ ٻِئو، ھَئَي ھيڪلو جِندَڙو، پَھڻَنِ مَنجِهہ پِئو، اِيءُ قَضا ڪَمُ ڪِئو، رَسِجِ رَھبَرَ…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، جِتِ ساٿِي نَہ پانڌِي، لَٽي لوڙُه فَقِيرِ جو، ڪالَهہ وَھِئا ڪانڌِي، جَا دِلِئُون دَرماندِي، تَنھِن کي…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- مَنزَلَ دُورِ مَ مَٽِ، ڇَڏِ مَ سَيرُ سِڪَڻُ جو، لَنئُن جِي واٽَ مَ لَٽِ، لَنئُن ريءَ حَيفُ ھُوئَڻَ کي.[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- سَڀا سِياھِي آھي آرِيءَ ڄامَ ري، ڪَڏِھِين پَسي ڪانَہ ڪا، ريءَ لالَڻَ لالائِي، دُودُ دِلِ تان دُورِ ڪَري، ساڄَنَ صَفائِي،…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- تو دَرِ آيو راڄِيا، ٻِئا دَرَ ڪَري دُورِ، سائِلُ ٿو سَينَ ھَڻي، ھَر دَمُ آن حُضُورِ، ٻِئو نَہ مَڱي مُورِ،…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- سَردِيءَ سالِمُ نَہ رَھان، ڪوسِي سَھان ڪانَہ، اَمُنُ ڏيجِ اَمانَ تُون، دُورِ ڪَري ٻِئا دانَ، پانڊَپَ کائِي پانُ، وِجِهجِ پِڪَ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- اَلوِداعُ ھَئَي اَلوِداعُ، جانِئا ڪِيئَڙُئِي جُدا، ھِي جَو آيو مَڱِڻو، مَتارا ماري، دوسَ دوسَنِئُون دُورِ ڪَري، ٿو ڏَيا ڏيکاري، ھَڻُ…[ سُر سورٺ - وايون ]
- سُورَنِ سانگهيڙا ڪِئا، مَٿي مُون مَعذُورِ، آئُون ھِتِ ويٺِي وِنجُهلان، مَران نِتُ مَهجُورِ، جٖي دوسِتَ مُنھِنجا دُورِ، سي والِي وَھِلا…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- صُبوحَ سِڱَڙِيُون کَڻِي، وِئا دُکائي دُورِ، ٿِئا ڏيٺارِئان ڏُورِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، نَہ سِڱِيُون سيلِهيُون ڇَڏِ، دُونھِيَئُون دُورِ ٿِي، مَڙِهي مُورُ مَ اَڏِ، سُپيرِيان جي سَڏِ، نانگا اونءُ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- پِنَنِ ڪِينَ پَٽُ کَڻِي، گُهرَنِ ڪِينَ گهَران، مَھيسِي مَخلُوقَ جي، اُڀِيَنِ دُورِ دَران، پُڇَنِ توءِ شَرَعَ، جَي عَدالَتَ اُنِ کي.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- جوڳِي جَلالِي جَلَبَتِي، مَهارِي مَرويسَ، دُورِ ڪِئائُون دُئارڪا، مارِي ھَلِئا ميسَ، ڏوري ڏيوَرَ ديسَ، گُرُ لَڌائُون گِرنارَ ۾.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- دِلِئان دُورِ نَہ ڪِيجي، پِياري والَڙِي سا ڳالِهڙِي، رانجَهنِ والا زَھرُ پِيالا، شَربَتُ ڪَري پِيجي.[ سُر رامڪلي - وايون ]
- دِلِ لائي دُورِ نَہ جا، آئُون تُنھِنجي دَرسَ ديوانِي موٽُ مِيان، قاضِي پَڙِهئا پُڇِ رَھِيان، ھِتِ ناھِ طَبِيبان دِي جاءِ،…[ سُر پورب - وايون ]
- مَڻِيو تان نَہ مَڻِيو، جو تُون پَسِي ھارُ ھِرکِي، اَصلِ آھي اَڳھَيِن، سَندو ڪُوڙَ ڪَڻِيُون، گهوڙَنِ ھَئِيي گهَڻِيُون، دوسِتَنِئان دُورِ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- تو ڪوٺي تو ڊوھي، تو ڌِڪي ڪِيَسِ ڌارَ، پَئِي رَھِئا پَٽَ ۾، سوڀِيءَ جا سِينگارَ، مَڻِيي مُٺِيَسِ جيڏِيُون، ھائِيءَ وِڌِيَسِ…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ڪا تُون ڪانِيۡ پاءِ، وَنِيُنِ ۾ وِصالَ جِي، دوبِينائِي دُورِ ڪَري، مَعرِفَتَ مَلهاءِ، سُپيرِيان جي سُونھَن ۾ رُخنو ڪونَہ رِھاءِ،…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- سُمَهڻُ تَنِ ثَوابُ، جي ٿِئا حَلُ حَبِيبَ سين، نيڻَ ھيرائي نِنڊَ سين، خُوشِ ڪِئائُون خُوابُ، اوسِيڙو عَذابُ، دِلِئان تَنِي دُورِ…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- جٖي وَڍي وَڻَ جُدا ڪِئا، ڌُرِيائِين دُورِ، تَنِ سُڪَنِ سَندي سُورِ، اَبُرُ اوڪائي وِئو.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- هيڪاندِيءَ حُضُورِ، جٖي گهَرِ گَهارِئَمِ ڏِينھَڙا، سيئِي سِڪان سارِيان، پَچان پائُرَ پُورِ، حَمِيراڻا هَٿَڙا، ڪِينَ مَڃِيندِيَسِ مُورِ، سَنجهي سَتِ گُذارِيان،…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- کائُرِ ڏانھَن کَڻِي وِئا، رَهِئا ڍَٽان دُورِ، سَڀَ لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري اُورِ، وَڏي ڪَنھِن ضرُورِ، مارُنِ مَلِيرُ مَٽِئو.[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- پَنَ پَٻَڻِ ڪُمَ ڪُوڻِيُون، بِھَ ڏوڏا ڏاجونِ، نِعمَتَ لوڙَهَ لَطِيفُ چئَي، کيڻُ مَڇِي کاڄونِ، رَھَنِ ٻَھَنِ سِرِ ٻانڌِينِ، دُورِ دَران…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]