Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رامڪلي جَي جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان جو بيت
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، نَہ سِڱِيُون سيلِهيُون ڇَڏِ،
دُونھِيَئُون دُورِ ٿِي، مَڙِهي مُورُ مَ اَڏِ،
سُپيرِيان جي سَڏِ، نانگا اونءُ نِڱِئو.
رسالن ۾ موجودگي: 29 سيڪڙو
سمجهاڻي
جيڪڏهن تون جوڳي ٿيڻ گهرين ٿو تہ پوءِ اهي وڄائڻ جون سڱڙيون ۽ هٿن ۾ ڳوٿريون کڻڻ ڇڏي ڏي. ظاهري دونھيون دکائڻ کان پري ڀڄ ۽ ٽڪڻ واسطي مڙهيون (اوتارا) ٺاهڻ بند ڪر. بلڪ جڏهن پرينءَ جو سڏ ٻڌين تہ اوڇڻ کان بيپرواھ ٿي نڪري پئو:
[مثنوي روميءَ ۾ حمام جو مثال ڏيندي هينئن چيو ويو آهي:
تابروني جامها بيني و بس،
جامه بيرون کن درآ، اي هم نفس.
(دفتر اول، ب- 2771)
معنيٰ: جيستائين تون ٻاهر ڪپڙن سان بيٺو آهين، تيستائين اهو ئي تنھنجو خيال آهي. روح جي پاڪائي لاءِ ڪپڙا لاهي اندر گهڙي اچ، اي منھنجا دوست!]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2554
جٖيْ ڀَائِي﮼ جُوْکِيْ ٿِيَان تَہ سِنکِّيٌ سٖيْـلِيٌ ڇَڎِ﮶
دُوْهِيَـنِئُوْ دُوْرِ ٿِيْ مَرِيْ مُوْرِ مَ اَڎِ﮶
سُپٖيْرِيَانجٖيْ سَڎِ نَاکَا وَاءُ نِکِئُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जे भांयें जोगी॒ थियां। त सिंङियूं सेल्हियूं छडि॒।
दूंहियनिऊं दूरि थी। मड़ही मूर म अडि॒।
सुपेरियां जे सडि॒। नांगा वांउ निङिओ।
ROMAN SINDHI
Je bhan'een joGee thiyan, tan singyoon selehiyoon chhaD,
Doonhiyoon door thi, marrhee moor'u ma aD,
Superiyaan je saD, naanga oon'u ningyo.
TRANSLATIONS
یہ صنم خانے اور یہ ناقوس
کاش ہٹ جائیں تیری راہوں سے
دیکھ ساجن تجھے بلاتا ہے
کن نفاست بھری نگاہوں سے
گر یہ چاہے کہ تو بنے جوگی
اپنا دامن بچا گناہوں سے
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَرَڪُ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، طَمَعُ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، مَڙُه…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، وَٺِي…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، ٿِيءُ…
