Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رامڪلي جَي جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان جو بيت
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، مَڙُه پُوري مَنجِهہ مارِ،
دائِما دُونھِين دِلِ ۾، مَنَ ۾ مالا وارِ،
سَھُ سَڀَڪا آرِ، آگي جِي اَدَبَ سين.
رسالن ۾ موجودگي: 86 سيڪڙو
سمجهاڻي
جيڪڏهن تو ۾ (سچي) جوڳي ٿيڻ جي تمنا آهي تہ پھرين جوڳين جي راھ و رسم (ريت ۽ رواج) اختيار ڪر (ان تي پورو ٿي هل). عبداللطيف چوي ٿو تہ عام ماڻهن کان ڪنڊائتو ٿي پنھنجي دل ۾ سڄڻ کي ويھي سار (ان جي نالي جو ذڪر ڪر يعني تسبيح پڙه). توکي گهرجي تہ اهو موقعو مھل نہ وڃائين، بلڪ پوري ڌيان ۽ خيال سان اها تڪليف ۽ سختي برداشت ڪرين.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2545
جٖيْ ڀَائِي﮼ جُوْکِيْ ٿِيَان تَمَرُ پُوْرٖيْ مَنجِّ مَارِ﮶
دَائِمَا دُوْهِيْ دِلْم﮼ مَنَم﮼ مَالَا وَارِ﮶
سَهُ سَڀَڪَا آَرِ اٰکٖيْجِيْ اَدَبَس﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जे भांयें जोगी॒ थियां। मड़्हु पूरे मन्झि मारि।
दाइमा दूंहीं दिलि में। मन में माला वारि।
सहु सभका आरि। आगे जी अदब सें।
ROMAN SINDHI
Je bhaneen joGee thiyan, marrh'u poore manJh maar,
Daima doonheen dil me, man'a me maala waar,
Sah'u sabh'ka Aar, Aage jee adab 'a seein.
TRANSLATIONS
If you want to be jogi, you shall have to control (the urges of) your heart first, and then neutralize them. Kindle a dull glow of reverance therein and remember Allah on rosary with your heart (rather than vocally.) You should be ready to endure meekly all His tests.
If you want to be a Jogi, control and subdue your mind,
Kindle loves flame within your heart, utter on rosary God's name,
With reverence, submit yourself to what God ordains.
لو تريد أن تكون عابدا صادقا أحكم على نفسك أقتلها فى داخلك شب فى قلبك الكبوة دائما وسبح بسبحتك من فؤادك.
واقبل رضا ربك دائما واخضع له.
گر یہ چاہے کہ تو بنے جوگی
اپنے مالک سے لو لگائے جا
من کی مالا نہ ہاتھ سے چھوٹے
اور یہ سنکھ بھی بجائے جا
دھول تن پر نہ ڈال اے سوامی
صبر کی گڈریاں سلائے جا
گر تو جوگی بننا چاہے، اپنے نفس کو مار،
پیار سے پھیر تو مالہا سائیں!، من میں اگنی بار،
اس ساجن کے کار، رضا میں رہ تو راضی۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَرَڪُ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، طَمَعُ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، نَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، وَٺِي…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، ٿِيءُ…
