قَضا بابت
معنيٰ
امر الاهي، حڪم الاهي. مخلوق جي حق ۾ خدا تعاليٰ جو ڪيل حڪم. تڪميل، خاتم، انجام، بجا آوري. پيدائش، تقدير، قسمت، لکيو، موت، ڪال. اوچتو واقعو.
Chance, accident. Destiny, fate, God's wish.
بيتن ۽ وائين ۾
- موکِيءَ سَندي مَٽَ ۾، سُرِي سَپُ پِئو، قَضا ڪَمُ ڪِئو، ڪونِهي ڏوھُ ڪَلاڙَ جو.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- اَڳي اِنَ تَڙانُ، ويندِيَ مُون وَرِھَ ٿِئا، قَضا آندِيَسِ ڪُنَ ۾، گهُرائي گهَران، پُنا جَڏھِن پَرِئان تَڏِھِين تانگهوئِي تارِ ٿئو.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- نَہ ڪانِيءَ نَہ ڪانھَنۡ، نَڪو ڏوھُ قَلَمَ جو، اَنگُ اُتي ئِي لِکِئو، جِتِ نَہ رَسي ٻانھَن، ڪَنھِن کي ڏِيان دانھَن،…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- قَضا قَلَمُ وَھايو، نَہ تَہ آئُون سِياڻِي، پاڻان پَلِئو ڪيتِرو، ڏَمَ ٿي ڏِھاڙِي، اَڳھَيِن مُنھِنجي اَنگَ ۾، لِکِئو ھو پاڻِي،…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- جَرَ گِهڙِيي جوکو ٿِئي، آئُون ڪِ نَہ ڄاڻان اِيئَن، قَضا جَا ڪَرِيمَ جِي، تَنھِن کان ڪَنڌُ ڪَڍِئو ڪِيئَن، ھِڪُ لِکِئي…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ڪيرِ ڪُنَ آئُون ڪيرَ، ڪيرَ ڏَمَرَ سَھي ڏَمَ جا، قَضا ريءَ ڪانَہ ڏي، مَٿي پاڻِيءَ پيرَ، ڀينَرُ ڀِنِيءَ ويرَ، لِڌو…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، آيا پاڻَ پيھِي، پَھُ ڪِيائُون پاڻَ ۾، مُقابِل ويھِي، قَضا ھِيءَ ڪيھِي، ھئَي ھئَي ٿِي حُسينَ…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- ڀَڄِي جانۡ ڀَنڀورَ کان، ڏُونگَرُ ڏورِئو مُون، ڪاھي رَسِيَسِ ڪيچَ کي، جِتي پاڻَ پُنهون، سَڀَتِ آھِين تُون، قَضا ڪَندين ڪَنِ…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ھيڪاندِيءَ ھوئِي، اُٿِي راتِ رَوان ٿِئا، ساھُ سَڳي ۾ سُورَ جي، پُنهون وِئو پوئِي، جيڏِيُون جَي مانۡ وَسِ جَتَ ھُئا،…[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- ڇَپَرِ اوتارا ڪَري، ماڻِيائِين مَزا، پَريٽِ کي پَٻَ ۾، ڪارِئو پَنڌُ قَضا، وَسِ نَہ ويچارِيءَ جي، سَندِي رَبَ رَضا، مَٿان…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، جِتِ ٻيلِي ناھِ ٻِئو، ھَئَي ھيڪلو جِندَڙو، پَھڻَنِ مَنجِهہ پِئو، اِيءُ قَضا ڪَمُ ڪِئو، رَسِجِ رَھبَرَ…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- گِلا ڪا مَ ڪَري، مُنھِنجِي شَھَرَ ڀَنڀورَ ۾، جَنھِن وَڻَ ھيٺان ھَلِئا، سَڄَڻَ سانگُ ڪَري، لامُون تَنھِين وَڻَ سَندِيُون، لوڏِيان…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- مُنھان مَھِندِ ٿِئا، سُورَنِ ٻَڌو سَندِرو، ڏورِ تَہ ڏورِيُون اُنِ کي، وِندُرِ جٖي وِئا، سيڻَ مُنھِنجا سَرَتِيُون، قَضا ھي ڪِئا،…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ڪيچِي ڪَندا ڪوھُ، مُون مُئي کان پوءِ، اَچِي ماءُ ڀَنڀورَ ۾، ھاڻِ نَہ جِيئان جيڏِيُون، جِيئَڻ جاڙَ ٿِئو، پَٻُ پارَسَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- آيَلِ آديسِيَنِ جُون، اَڌَ لَڳِيُون آھِين، وِھو وِھائِينِ، ڪا قَضاني راتِڙِي،[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- رييَئُون راضِي رُوحَ ۾، مَٿي رَبَ رَضا، مَڃِئائُون مَحَبتَ سين قادِرَ جِي قَضا، رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُمْ وَرَضُوا عَنْهُ ، جوڳِيَنِ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- وَقتُ وِڃائي ويھُ، قَضا جِي ڪا مَ ڪَرِ، ھِيءُ تَنِي جو ڏيھُ، ٻَئِي جَنِي ڇَڏِيُون.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- قَضا جِي ڪامَ ڪَرِ، وَقتَ وِڃائي ڇَڏِ، ”آئُون“ ”اَسِين“ ڪَنِ جي، پاسي تَنِ مَ اَڏِ.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- وَقتُ جو وَڃي، سو قَضا ٿِئي ڪِيئَن، جَا پَرِ عَزازِيلَ جِي، تان نَہ گُهرِجي تِيئَن.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- پَڙَهنِ وَقتَ نِمازَ جا ۽ قَضا ساري ڪَنِ، پايو مُنھُن مُصحفَ ۾، راتو ڏِينھَن رَڙَنِ، اُوءِ مُٺا ڪِيئَن مَرڪَنِ، اَندَرِ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- نَڪِي پَڙَهنِ نِمازَ کي، نَڪِي قَضا ڪَنِ، سارِئو سُپَيرِيَن کي، سِڪَنِ ۽ سَڙَنِ، پَڙَهندَلَ پوءِ رَھَنِ، ھوءِ اَڳھَيِن ھُونِ اُتَھِين.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- وَطَنُ مُون مَلِيرُ، قَضا آندِيَسِ ڪوٽَ ۾، اَصلِ مُنھِنجي اَنگَ ۾، جُڙِئو ھو زَنجِيرُ، چانڪ پِيئَندِيَسِ پِرِينءَ سين، پائُرَ جو…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- قَيدُ الماءِ ڪَھَنِ جو، سو مُون پاندِ پِئو، جفَّ القلمُ بما هُوَ ڪائنٌ ، وَھِي قَلَمُ وِئو، اِيءُ قَضا ڪَمُ…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- اِيءَ نَہ مارُنِ رِيتِ، جِيئَن سيڻَ مَٽائِينِ سونَ سين، قَضا آندِيَسِ ڪوٽَ ۾، ڪَندِيَسِ ڪانَہ ڪُرِيتِ، پَکَنِ جِي پِريتِ، ماڙِيءَ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- آئُون مارُوءَ جِي آھِيان، مُون کي مارُوءَ جو آسِرو. مارُو مُون نَہ ڇَڏِيندو سُومَرا، ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، قَضا پاڻِ ڪَرِيندو،…[ سُر مارئي - وايون ]