آگم ڪيو اچن...

Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words:
Lexical Words:*
Non-lexical words:**
Lexical Density:

* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection

   ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
ڀٽائي پيڊيا جو واٽس ائپ چئنل فالو ڪريو

QR Code of This Bait

- سُر سريراڳ جَي صراف ۽ جوھري جو بيت

سينڌو ھُئَين صَرافَ سين، تَہ ھُوندَ ٿِئَين ھِيئَن،
جيڪُسِ جَوھَرِيَنِ سين، ڪِينَ گُذارِيَئيِ ڏِينھَن،
جَبَلَ مَنجهان جِيئَن، سوجهي ڪَڍِيائُون سونَ کي.

رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو

سمجهاڻي

جيڪڏهن تون سچن صرافن جو واقف ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارو هجين ها تہ تنھنجا اهي حال نہ ٿين ها، جيڪي هاڻي آهن (توکي سچ ۽ ڪوڙ جي خبر ئي ڪانہ آهي). شايد اهي جوهري جيڪي قيمتي ڌاتن جا پارکو آهن، تن سان تو ڪو وقت ئي ڪونہ گذاريو آهي (انهن کان تو ڪجهہ نہ پرايو). اهي جبلن (جي کاڻين) منجهان سون (ڪيڏي وڏي محنت ۽ ڳولا سان) هٿ ڪندا آهن.
[مثنوي روميءَ ۾ صرافن بابت گهڻو ڪجهہ چيو ويو آهي. هڪ هنڌ هيءُ شعر ملي ٿو:
گر تو صراف دلي فکرت شناس،
فرق کن سردو فکر چون نخاس.
(دفتر سوم، بيت- 4392)
معنيٰ: جيڪڏهن تون دلين جو صراف يعني پارکو آهين، ۽ توکي اها معلومات آهي تہ پوءِ ٻنهي ڳالهين (چڱي ۽ مٺي، کوٽي ۽ کري) جي باري ۾ ماهر دلال وانگر پنھنجي راءِ ڏي يعني فرق ڪري ڏيکار].

[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]

گنج ۾، سرود راڳ، بيت نمبر : 1353

سِيْڌُوْ هُهٍ صَرَافَس﮼ تَہ هُنْدَ نَٿِه﮼ هِيَ﮶
جٖيْڪُسِ جُوْهَرِيَنِس﮼ ڪِيْنَ کُذَرِيَئِى ڎِيْهَ﮶
جَبَلَ مَنجَا جِيَ سُوْجٖيْ ڪَڊِئَاءٌ سُوْنَکٖيْ﮶

  ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी

सेंधो हुएं स़राफ़ सें। त हूंद थिएं हींअं।
जेकुसि जोहरियनि सें। कीन गुज़ारियई डीं॒हं।
जबल मंझां जीअं। सोझे कढियाऊं सोन खे।

ROMAN SINDHI

Seendho huen Saraf'a seen, ta hoond'a thiyen heeyan,
Jekus johariyan seen, keen'a guZaaryaee Deenhan,
Jabal'a manJhan jeean, soJhe kaDhhiyaoon son'a khe.

TRANSLATIONS
  • Abkhaz
  • Acehnese
  • Acholi
  • Afar
  • Afrikaans
  • Albanian
  • Alur
  • Amharic
  • Arabic
  • Armenian
  • Assamese
  • Avar
  • Awadhi
  • Aymara
  • Azerbaijani
  • Balinese
  • Baluchi
  • Bambara
  • Bashkir
  • Basque
  • Batak Toba
  • Batak Karo
  • Batak Simalungun
  • Belarusian
  • Bemba
  • Berber
  • Betawi
  • Bhojpuri
  • Bosnian
  • Breton
  • Bulgarian
  • Buryat
  • Cantonese
  • Catalan
  • Cebuano
  • Central Bikol
  • Chamorro
  • Chechen
  • Chichewa
  • Chinese (Simplified)
  • Chinese (Traditional)
  • Chuukese
  • Chuvash
  • Corsican
  • Crimean Tatar (Cyrillic)
  • Crimean Tatar (Latin)
  • Croatian
  • Czech
  • Danish
  • Dari
  • Dhivehi
  • Dinka
  • Dogri
  • Dombe
  • Dutch
  • Dyula
  • Dzongkha
  • English
  • Esperanto
  • Estonian
  • Ewe
  • Faroese
  • Fijian
  • Filipino
  • Finnish
  • Fon
  • French
  • French (Canada)
  • Frisian
  • Friulian
  • Fulani
  • Ga
  • Galician
  • Georgian
  • German
  • Greek
  • Guarani
  • Gujarati
  • Hakha Chin
  • Haitian Creole
  • Hausa
  • Hawaiian
  • Hebrew
  • Hiligaynon
  • Hindi
  • Hmong
  • Hunsrik
  • Hungarian
  • Iban
  • Icelandic
  • Igbo
  • Ilocano
  • Indonesian
  • Inuktut (Syllabics)
  • Inuktut (Latin)
  • Irish
  • Italian
  • Jamaican Patois
  • Japanese
  • Javanese
  • Jingpo
  • Kalaallisut
  • Kannada
  • Kanuri
  • Kapampangan
  • Kazakh
  • Khasi
  • Kiga
  • Kikongo
  • Kinyarwanda
  • Kituba
  • Konkani
  • Korean
  • Krio
  • Kurdish (Kurmanji)
  • Kurdish (Sorani)
  • Kyrgyz
  • Lao
  • Latin
  • Latgalian
  • Latvian
  • Ligurian
  • Limburgish
  • Lingala
  • Lombard
  • Luo
  • Luxembourgish
  • Macedonian
  • Madurese
  • Malagasy
  • Malay
  • Malay (Jawi)
  • Malayalam
  • Mam
  • Manx
  • Maori
  • Marathi
  • Marwadi
  • Mauritian Creole
  • Meadow Mari
  • Meiteilon (Manipuri)
  • Minang
  • Mizo
  • Mongolian
  • Myanmar (Burmese)
  • Ndau
  • Ndebele (South)
  • Nepali
  • Nepalbhasa (Newari)
  • NKo
  • Nuer
  • Occitan
  • Odia (Oriya)
  • Oromo
  • Ossetian
  • Pangasinan
  • Papiamento
  • Pashto
  • Persian
  • Polish
  • Portuguese (Brazil)
  • Portuguese (Portugal)
  • Punjabi (Gurmukhi)
  • Punjabi (Shahmukhi)
  • Quechua
  • Romani
  • Rundi
  • Russian
  • Samoan
  • Sanskrit
  • Santali (Latin)
  • Santali (Ol Chiki)
  • Scots Gaelic
  • Sepedi
  • Serbian
  • Seychellois Creole
  • Shan
  • Shona
  • Sicilian
  • Silesian
  • Sinhala
  • Slovak
  • Slovenian
  • Somali
  • Spanish
  • Sundanese
  • Susu
  • Swahili
  • Swati
  • Swedish
  • Tahitian
  • Tamazight
  • Tamazight (Tifinagh)
  • Tamil
  • Tatar
  • Telugu
  • Tetum
  • Thai
  • Tibetan
  • Tigrinya
  • Tiv
  • Tok Pisin
  • Tongan
  • Kokborok
  • Tsonga
  • Tshiluba
  • Tulu
  • Tumbuka
  • Turkish
  • Turkmen
  • Tuvan
  • Twi
  • Udmurt
  • Ukrainian
  • Urdu
  • Uyghur
  • Uzbek
  • Venda
  • Venetian
  • Vietnamese
  • Waray
  • Welsh
  • Wolof
  • Xhosa
  • Yakut
  • Yiddish
  • Yoruba
  • Yucatec Maya
  • Zapotec
  • Zulu
  •   داستان اندر ٻيو اندراج
      ھِن سُر جي راڳ بابت

    سريراڳ: شاستري سنگيت جو ھڪ مکيہ راڳ

    ٺاٺ: پوربي (پوروا)

    سُرن جي بيھڪ: 

    آروھا: سا ري ما پا ني سا

    آوروھا: سا ري ني ڌا پا ما پا ڌا ما گا ري سا

    ھن راڳ جو وادي سر ”رکب“ ۽ سموادي سر ”پنڇم“ ٿئي ٿو.

    ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.