Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر راڻو جَي موٽ ۽ پرچ راڻا جو بيت
جِيئَن اِينديئِي موٽِيين مَينڌَرا، وَڏِي جاڙَ ڪِئاءِ،
وِڙُ نَہ ھُئَين وَلَها، ھُوندَ جَٽي مُون جاڳاءِ،
سُتي جِي ساڃاءِ، سوڍا سِگهِيائِي ٿِيَئِي.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
(مومل ٿي چوي) اي مينڌرا محبوب! تون رات جو اچي وري (انهيءَ مھل ساڳئي پير) موٽي هليو وئين. تو (مون هيڪليءَ سان) اها وڏي جُٺ ڪئي. اي منھنجا ڪانڌ! تون موٽڻ جي بجاءِ ڪجهہ جهٽ ترسي مون کي جاڳائين ها. (توکي بنا جاچ ۽ پڇا ڪرڻ جي ائين ورڻ مناسب نہ هو). جيڪڏهن تون ائين ڪرين ها، تہ توکي بروقت (سچ ڪوڙ جي) خبر پئجي وڃي ها، تہ مون سان ڪير سُتي پيئي آهي!
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3783
جِنْ اِيْدِہْ مُوْٽِهْ مَئِدَرَا اِيَ وَڎِيْ جَارَ ڪِيَاءِ﮶
وِرُ نَھُىءٍ وَلَھَا هُنْدَ جَٽٖيْ مُنْ جَاکَاءِ﮶
سُتٖيْ جِيْ سَاڃَاءِ سُوْڊَا سِکِيَائِيْ ٿِي﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जीअं ईंदेई मोटियें मेंधरा। वडी॒ जाड़ किआए।
विड़ु न हुएं वलहा। हूंद जटे मूं जागा॒ए।
सुते जी साञाए। सोढा सिघियाई थियई।
ROMAN SINDHI
Jeean endeyi motteen mendhara, waDee jaarr kiya'e,
Warr'u na huen walaha, hoond'a jatte moon jagga'e,
Sutee je sanjaa'e, soDhha sighiyaee thiye.
TRANSLATIONS
O Mendhra! You were very unfair to me when you returned home immediately after visiting me. O Darling! Were you not my husband? You could have stayed (for a while) and awakened me. You would then have learnt immediately as to who was sleeping with me, O Sodha!
Oh Mendhra1 your coming and going in haste was unjust,
Were you not my spouse? Why did you not ask and wait?
You then would have known who was the sleeping one.
O Mendhra, you did injustice to me, you come and immediately left away,
You were my consort, you should have stayed and awakened me,
O Sodha, you would have verified as to whom was I sleeping with.
يا رانا! أنت جئت ورجعت طوالي ظلمت عليّ ظلما كثيرا.
يا زوجي! هل لم تكن زوجا لي.؟
لو إنتظرت قليلا زأو قظتني عرفت صحيحا من هو كان يرقد معي على نفس السرير.
کاہلی دے وچ غلطی کیتی مڑگیوں آوندا آوندا
توں سیں سر دا سائیں میرا مینوں آن جگاوندا
ترت پتا لگ جاندا کیہڑا نال مرے سی سُتا
مجھ کو اپنا ہی جب بنانا تھا
ظلم ایسا نہ مجھ پہ ڈھانا تھا
کوئی مشکل نہ تھی مری پہچان
پاس آکر مجھے جگانا تھا
اے مرے میندھرے! مرے سوڈھے!
یوں نہ آتے ہی لوٹ جانا تھا
آکر لوٹ گئے تم ساجن!، کیسا ہےیہ ستم،
یار! جگاتے، میں سمجھاتی، کیسے تھے ہمدم،
کیوں روٹھے تم پریتم!، سچ تو جانا ہوتا۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آيا اُڪائِي، آتَڻُ پَسِي گوجِرو،…
- (بيت) آکُون ڊاکُون سِرکَنڊَ شاخُون، جِتِ…
- (بيت) اللهَ سوڍَلُ آڻِيين، جانِي اَٿَمِ…
- (بيت) اَڱَڻِ آڻي ڪَرَھو، جَهلِي وِھُ…
- (بيت) اَڱَڻِ جهوڪي ڪَرَھو، وِيَڙين جِيئَن…
- (بيت) اِيندا ويندا اَڙِئا، ڏيسارُو ھُئا،…
- (بيت) توکي مَعلُومُ مُنھِنجُون، سوڍا سَڀَيئِي،…
- (بيت) تِيئَن مان وَڏو ڀاڳُ، جِيئَن…
- (بيت) راتِ وِھامِي ڏِينھُن ٿِئو، پِرِين…
- (بيت) رِءَ رَتُ روءِ، ڳَلِيُون نِھاري…
- (بيت) سوڍو تِيئَن نَہ سِکِئو، جَڳُ…
- (بيت) سِڪي ھِنيُون سَڌَ مَري، راڻي…
- (بيت) مَيي ۽ مَينڌَري، ڏِٺي ٿِيڙَمِ…
- (بيت) مُون وَٽِ مِيرُ مَينڌَرو، اَدِيُون…
- (بيت) مِيان مَينڌَرا موٽُ، بَخشُ ڪَرِ…
- (بيت) ويرُون تارِ وِصالَ ۾، گهُورُنِ…
- (بيت) وِھان ڪِيئَن ڪَري مُون سِرِ…
- (بيت) ڪاھِ مَيا ڪَرَھَلَ، ريلِ تَہ…
- (بيت) ڳَلِ ڳانا مُنھِن ماڻِڪِي، مَيي…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)
