Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر راڻو جَي موٽ ۽ پرچ راڻا جو بيت
توکي مَعلُومُ مُنھِنجُون، سوڍا سَڀَيئِي،
آڳانڍو اَرواحَ کي، آھِينِ اُھيئِي،
وِھَڪَ مُون ويئِي، پُڇايو پُڇان پَھِي.
رسالن ۾ موجودگي: 68 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي سوڍل سياڻا! توکي منھنجيون سڀ ريجهہ رهاڻيون ياد آهن. اُهي ئي منھنجي روح لاءِ آسرو ۽ آٿت آهن. توکان پوءِ هڪ جاءِ تي آرام ۽ خوشيءَ سان ويھي رهڻ مون کان موڪلائي ويو آهي، هاڻي آءٌ رڳو ويٺي واٽ نهاريان ۽ هر ايندڙ ويندڙ کان پيئي تنھنجي باري ۾ پڇائون ڪريان.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3800
تُوْکٖيْ مَعْلُوْمُ مُھْجِيٌ سُوْڊَا سَڀٖيْئِـےْ﮶
آَکَاڊُوْ اَرْوَاحَکٖيْ آَهِيْنِ اُهٖيْئِيْ﮶
وِهَڪَ مُنْ وٖيْئِيْ پُڇَايُوْ پُڇَان پَھِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
तोखे मालूमु मुंहिंजूं। सोढा सभेई।
आगां॒ढो अर्वाह खे। आहीनि उहेई।
विहक मूं वेई। पुछायो पुछां पही।
ROMAN SINDHI
Tokhe maloom'u muhinjoon, soDhha sabheyi,
AagganDhho arwaaH khe, Aaheen uheyi,
Wehak moon weyi, puchhayo puchhan pahee.
TRANSLATIONS
O Sodha! You know all my lapses, but inspite of them I depend on you as the only anchorage for my soul. I am very restless. Hence I am enquiring all the time about you from way-farers.
Note: Shah addresses the Prophet and submits to him: "You know well that I am a sinner; but inspite of my sins I depend on you for saIvation, as there is none else to look in to. Because of my turpitudes and the punishment I am likely to receive I am naturally anxious to contact you; and I am therefore enquiring about you to request you for intercession with Allah."
بران نازمِ کہ ہستم امتی اوؐ
گنہگارم و لیکن خوش نصیبم
I am proud of the fact that I am his followers I am indeed a sinner, but a lucky one.
Sodha, you know all about me,
You are the solace of my soul I can't sit still,
I inquire about from every one whoever goes past.
حال حوال میرا توں جانے لُکیا تیتھوں ناہیں
ٹیک سھارا روح مری دا توں ہی میرے باتیں
تین بِن چین آرام نا مینُوں راہ تیرا میں پچھاں
روز و شب تیری جستجو ہی تو ہے
مجھ کو اک تیری آرزو ہی تو ہے
تجھ پہ ظاہر ہیں سب گناہ و ثواب
ظاہری فرق ما و تو ہی تو ہے
تجھے تو معلوم اے رانا، میرا حال یہ سارا،
روزِ ازل سے میرے من کا، ساجن! تو ہی سہارا،
نندیا چین بِسارا، تیرا پتہ میں سب سے پوچھوں۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آيا اُڪائِي، آتَڻُ پَسِي گوجِرو،…
- (بيت) آکُون ڊاکُون سِرکَنڊَ شاخُون، جِتِ…
- (بيت) اللهَ سوڍَلُ آڻِيين، جانِي اَٿَمِ…
- (بيت) اَڱَڻِ آڻي ڪَرَھو، جَهلِي وِھُ…
- (بيت) اَڱَڻِ جهوڪي ڪَرَھو، وِيَڙين جِيئَن…
- (بيت) اِيندا ويندا اَڙِئا، ڏيسارُو ھُئا،…
- (بيت) تِيئَن مان وَڏو ڀاڳُ، جِيئَن…
- (بيت) جِيئَن اِينديئِي موٽِيين مَينڌَرا، وَڏِي…
- (بيت) راتِ وِھامِي ڏِينھُن ٿِئو، پِرِين…
- (بيت) رِءَ رَتُ روءِ، ڳَلِيُون نِھاري…
- (بيت) سوڍو تِيئَن نَہ سِکِئو، جَڳُ…
- (بيت) سِڪي ھِنيُون سَڌَ مَري، راڻي…
- (بيت) مَيي ۽ مَينڌَري، ڏِٺي ٿِيڙَمِ…
- (بيت) مُون وَٽِ مِيرُ مَينڌَرو، اَدِيُون…
- (بيت) مِيان مَينڌَرا موٽُ، بَخشُ ڪَرِ…
- (بيت) ويرُون تارِ وِصالَ ۾، گهُورُنِ…
- (بيت) وِھان ڪِيئَن ڪَري مُون سِرِ…
- (بيت) ڪاھِ مَيا ڪَرَھَلَ، ريلِ تَہ…
- (بيت) ڳَلِ ڳانا مُنھِن ماڻِڪِي، مَيي…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)
