Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر راڻو جَي چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ جو بيت
رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، سوڍو سَوائِي،
لُڊُوڻِئان لَطِيفُ چئَي، لالِي تَنھِن لائِي،
ڪانِهي ٻِي وائِي، ٿِئو مِڙوئِي مَينڌَرو.
رسالن ۾ موجودگي: 78 سيڪڙو
سمجهاڻي
(مومل ٿي چوي) منھنجو راڻو سوڍو ٻين سڀني کان سرس آهي، هن جي صورت ۽ چھري وارو ٻيو ڪو بہ ڪونهي. عبداللطيف چوي ٿو تہ خود لڊوڻي کي سندس عشق جي لالاڻ لڳي آهي (هر شيءِ تي هن جو رنگ چڙهيل آهي). هينئر (جڳ جھان ۾) ٻي ڪا اهڙي وڻندڙ ڳالهہ آهي ئي ڪانہ، جھڙي صرف هن مينڌري جي آهي (هر جاءِ هن جو ذڪر آهي).
(شارحن موجب هتي پڻ پيغمبر صلي الله عليه وسلم ڏانھن اشارو واضح آهي. هن بيت کان پوءِ ايندڙ کنڌيءَ ۾ پڻ حضور صلي الله عليه وسلم ڏانھن چٽو اشارو ڏنل آهي.)
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3694
رُوْءِ رَانٖيْ جِيَ نَاهِڪُوْ سُوْڊُوْ سَوَائِيْ﮶
لُڊُوْرِئَا لَطِيْفُ چٖيْ لَالِيْ تِهْ لَائِيْ﮶
ڪَانِهْ ٻِيْ وَائِيْ ٿِئُوْ مِرُوْئِيْ مَيْدَرُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
रूए राणे जीअ नाहि को। सोढो सवाई।
लुडूणिआं लतीफ़ु चए। लाली तिंहिं लाई।
कान्हे बी॒ वाई। थिओ मिड़ोई मेंधरो।
ROMAN SINDHI
Ro'e raanne jee'a naah'e ko, soDhho sawai,
LuDHonniyan Latif'u chae, laali tehn laai,
Kanhe Bee waee, thiyo mirroee mendharo.
TRANSLATIONS
None has a countenance to match that of Rano. He is definitely more handsome than others. Latif says: "Rano alone received the bridal henna at Ludano. Because of his success with Mumal and his handsomeliness to boot he was on the tongue of every person (i.e. he was the most favourite topic for discourse.)
Rano surpasses all, has no peer,
He scarps from heart, soot layers,
save Mendharo none is of any wroth.
Raano's countenance is matchless, more elegant than any one else,
Lateef says he came and applied red hue of Ludano and dyed Moomal red (with love),
Now there is no other utterance, all is Mendharo.
لا يوجد بطل مثل رانو. ولا مثيل له. هو زينة الأبطال.
نفى قلوبا سودآء لأكثر الناس وأزال سواد القلوب.
لا نسمع إلا عن بطولة وشجاعة رانو ورانو وسمعته وشهرته فى كل مكان.
ساریاں وچوں سوہنا رانا سُندر روپ سوایا
کہے لطیف موہ لئی مومل جادو ایسا پایا
وسیا دل وچ دانا اوس دے بُھلی آیا پرکا
یہ دنیا ہے کہ ہے آئینہ خانہ
حقیقت ایک باقی سب فسانہ
کئی رانے ہیں لیکن میرا رانا
بہر انداز یکتاے زمانہ
کوئی عالم ہو یا کوئی عاقل
مگر ہے ’میندھرو‘ سب میں یگانہ
مٹا دیتی ہے زنگارِ کدورت
محبت کی نگاہ محرمانہ
جگ میں رانا جیسا سندر، دیکھا اور نہ کوئی،
آج سہاگ کی رانا نے ہے، مہندی آن لگائی،
اب تو ہے یکتائی ہر جا اب ہے رانا۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آئُون طَعني سُوڌِي تُنھِنجِي، مُون…
- (بيت) اِھَڙِيُون اوري ڇَڏي، وِئا لاھُوتِي…
- (بيت) جانۡ جانۡ ناھِ نَصِيبَ ۾،…
- (بيت) جِھَڙا پانَنِ پَنَ، تِھَڙِيُون شالُون…
- (بيت) جِھَڙا گُلَ گُلابَ جا، تِھَڙا…
- (بيت) رَچِي جٖي ريٽو ٿِئا، ڪِينَ…
- (بيت) رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو،…
- (بيت) رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو،…
- (بيت) سونَ وَرِنِيُون سوڍِيُون، رُپي راندِيُون…
- (بيت) طَعنو سُڻِي تُنھِنجو، حالُ وِڃايُمِ…
- (بيت) لوڊِي لَکَ اَچَنِ، رُوءِ راڻي…
- (بيت) لُڊُوڻِئان لوڌِي ٿِئا، وَتَنِ مَنجِهہ…
- (بيت) مُومَلَ ناھِ مَينڌَرو، جان جان…
- (بيت) چَندَنَ سين چِڪَ ڪَري، جِتِ…
- (بيت) چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، جِتِ…
- (بيت) ڍاٽِي گَهڻا اَچَنِ، مَنُ سوڍَلَ…
- (بيت) ڪاڪِ نَہ جَهلِئا ڪاپَڙِي، موھِئا…
- (بيت) ڪاڪِ نَہ جَهلِئا ڪاپَڙِي، موھِئا…
- (بيت) ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ ۾، پاڻان…
- (بيت) ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ ۾، پاڻان…
- (بيت) ھُو جٖي ڪاڪِ ڪَڪورِئا ڪاپَڙِي،…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)
