Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر راڻو جَي ڏِيئا، تيل ۽ مھمان جو بيت
ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چوڏِسِ چِٽاڻو،
مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين لُڊاڻو،
راڻو ئِي راڻو، ناھِ راڻي ريءَ ڪِي ٻِئو.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
آءٌ هي اُٺ ڪھڙي پاسي ۽ ڪھڙي طرف وٺي وڃان، ڇاڪاڻ تہ سڀني پاسن ۽ هر طرف سوجهرو ۽ سُهائي آهي. بيشڪ منھنجي (روح جي) اندر ۾ ئي ڪاڪ جي رنگارنگي بہ آهي، تہ لڊاڻو بہ اتي ئي آهي، جتي ڪٿي راڻو ئي راڻو آهي. راڻي کان سواءِ ٻيو ڪجهہ آهي ئي ڪو نہ! (سالڪ جو توحيد صفاتيءَ جو مشاهدو) .
[عشق جي غلبي سبب عاشق جون پنھنجون صفتون نہ هئڻ جي برابر وڃي بچن ٿيون، تنھنڪري کيس صرف محبوب جو جلوو نظر اچي ٿو. رومي ان طرف هن ريت اشارو ڪيو آهي:
عاشق کل ست و خود کل ست او،
عاشق خويشست و عشق خويش جو.
(دفتر اول، ب- 1574)
معنيٰ: هو سڀ جو عاشق آهي ۽ سڀ پاڻ آهي. هو پنھنجو عاشق پاڻ آهي ۽ پنھنجو طالب پاڻ آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3775
ڪٖيْڎَاہَ ڪَاهِيَان ڪَرَهُوْ چَوْڎِسِ چِٽَانٌ﮶
مَجِّهٍ ڪَاڪِ ڪَڪُوْرِيْ مَنجِّهٍ لُڊَانٌ﮶
رَانٌ ءٍ رَانٌ نَاہِ رَانٖيْ رِءَ ڪٍ ٻِئُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
केडां॒हं काहियां करहो। चोडि॒सि चिटाणूं।
मन्झीं काकि ककोरी। मन्झीं लुडाणूं।
राणू ई राणू नाहि राणे रिअ की बि॒ओ।
ROMAN SINDHI
KeDaanhn kahiyan karaho, choDis chittanno,
ManJhen kaak kakore, manJhen luDHanno,
Raannoo ee raannoo, naah'e raanne ree'a kee Biyo.
TRANSLATIONS
Where should I turn my camel? (i.e. where should I seek Allah?). There is His radiant light all around me. The fact is that the enchanting Kak (i.e. this world) and Ludano (i.e. Hereafter) are contained within my heart. Wherever I look, I find Rano alone and nothing else.
Note: It is said that once in his frenzy Hazrat Ba Yazid Bistami asked the Arsh to connect him with Allah who was said to be there as per the Quran. The Arsh replied, "Seek Him in the human hearts." Poems of Shah Karim by Dr. Daudpota.
چندان کہ دست و پا زدم آشفتہ ترشدم
ساکن شدہ بہ میانِ دریا کنار شدم
So long I strove and struggle, I became more perturbed. But when I remained still in the stream of the river I found myself on its bank.
Where do I direct the camel? All is light,
Within me is Kak's colorful palace, within me is Ludano bright,
All is Rano and Rano, nothing else exists.
Where may I ride my camel, it is radiance all over,
Within me is crimson Kaak, in me is a brilliant Ludano,
All is Raano, there is noting but Raano.
إلى أية جهة أقود جملي؟ كل مكان منور بأنواره.
نوره على الأرضوالسموات فى نفسك قصر كاك ملون وفيك لدانو كل مكان وفى كل الأطراف رانو لا يوجد سواه.
چارے پاسے چانن دسدا کدھرا اوٹھ لیجاواں
کاک لُڈانا اِکو لگے میں کس پاسے جاواں
جدھر ویکھا رانا اودھر دوجا نظر نا آوے
ڈھٹ میں بھی تو ہے کاک میں بھی تو
سوچتی ہوں کہ اب کدھر جائوں
کچھ بتا تو سہی مجھے رانے
میں ادھر آئوں یا ادھر جائوں
مٹ گئی تیرگی مرے دل کی
چاندنی ہے وہیں جدھر جائوں
کس جانب میں جاؤں، روشن ایک زمانہ،
اپنے اندر کاک محل ہے، پریت کا شہر پرانا،
ہر سو ہے وہ رانا، رانا بِن اب اور نہ کوئی۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اُڀي اُڀارِئامِ، نَکَٽَ سَڀَ نَئِي…
- (بيت) توکي ڌَڻِينَ ڌارِئو، ڪَرَھا ڪَرِ…
- (بيت) حالُ قُربانُ مالُ قُربانُ، جانِ…
- (بيت) راڻا تُنھِنجِي راھَ ٿِي، ڏِھاڙِي…
- (بيت) راڻا تُنھِنجِيءَ راھَ تي، ويٺِي…
- (بيت) راڻا راتِ گهَڙِي، مُون گهَرِ…
- (بيت) راڻا رِھاڻِيُون، سوڍا ويٺِي سارِئان،…
- (بيت) راڻو ڪا راتِ وِئو، ڳُجِهي…
- (بيت) راڻي سين رِھاڻِ، ڪَندِي ھُيَسِ…
- (بيت) راڻِي ريٻارو، توڏانھن مُڪو تَڪِڙو،…
- (بيت) سوڍي ريءَ سَرَتِيُون، پِئو ڀِتِيُنِ…
- (بيت) سوڍي سُتي لوءِ، جَا مُون…
- (بيت) سُورَجَ شاخُون ڪَڍِيُون، اوٺِي نَہ…
- (بيت) شَمعَ ٻارِيندي شَبَ، پِرھَ باکُون…
- (بيت) لُوٺِيَسِ لُڊاڻي، پَسان جو پِرِيَنِ…
- (بيت) مَينڌَرو مَھمانُ، مُون گهَرِ اَچِي…
- (بيت) مَيو مَري مَ ماءِ، وَڳُ…
- (بيت) نَنڍو تان ڪوھُ، پَرَ وِکُنِ…
- (بيت) ويٺي ٻارِئَمَ ٻانگَ سِينءَ، ڪوڙيِين…
- (بيت) ويٺِي تارا تورِيان، نِھارِيان نَکَٽَ،…
- (بيت) ويٺِي نِتُ نِھارِيان، راڻا تُنھِنجو…
- (بيت) وَٽِ سورِيندي وَلَها، وِئَڙو تيلُ…
- (بيت) ڏِيا تيلَ ڦُليلَ جا، ٻارِئَمِ…
- (بيت) ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چِٽاڻو چوڌارَ،…
- (بيت) ڪَتِيُون ڪَپارِ آيُون، لُڌا وِئا…
- (بيت) ڪَتِيُون ڪَپارِ آيُون، ٽيڙُو اُڀا…
- (بيت) ڪَرَھا ڪاڪِ چَري، وَنءُ وَڻانئُون…
- (بيت) ڪَرَھا، ڪارَڻِ ڪاھَ، توکي ڌَڻِيَنِ…
- (بيت) ڪَندِي ھُيَسِ ڪاڪِ ۾، ھَي…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)
