Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر راڻو جَي ڏِيئا، تيل ۽ مھمان جو بيت
راڻا رِھاڻِيُون، سوڍا ويٺِي سارِئان،
سَھِسين سِجَ اُلَٿا، راتِيُون وِھاڻِيُون،
ڪوڙيِين مُون ڪاڻِيُون، ڍولِئا ڍَڪي آءُ تُون.
رسالن ۾ موجودگي: 67 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي راڻا! تنھنجون قرب واريون ڪچھريون هر وقت پيئي ياد ڪريان. سوين سج لھي ويا ۽ ڪيتريون راتيون گذري ويون. بيشڪ مون ۾ ڪروڙين عيب ۽ اوڻايون آهن، پر (انهن کي ڍڪڻ وارو بہ تون آهين) تون اچي انهن کي ڍڪ ۽ مون کي پناھ ڏي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3778
رَانَا رِهَانِيٌ سُوْڊَا وٖيْٽِيْ سَارِيَان﮶
سَئَسٍ سِڃَ اُلَٿَا رَاتِيٌ وِهَانِيٌ﮶
ڪُوْرٍ مُنْ ڪَارِيٌ ڊُوْلَا ڊَڪٖيْ آَءُ تُنْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
राणा रिहाणियूं। सोढा वेठी सारिआं।
सह्सें सिज उलथा। रातियूं विहाणियूं।
कोड़ियें मूं काणियूं। ढोलिआ ढके आउ तूं।
ROMAN SINDHI
Raanna rihanniyoon, soDhha wethhi saariyan,
Sahseen sijj'a ultha, raatiyoon wihanniyoon,
Korriyan moon kaanniyoon, Dhholiya Dhhakee Aau toon.
TRANSLATIONS
O Rana, Sodha! I feed myself on the memory of your past chats with me and thus pass countless days and nights. O beloved! I have numerous failings. Kindly condone them and come to me.
O Rana Sodha all the time I remember your love chat,
Many suns rose and many nights passed,
I am full of faults, come and cover them.
تیرے نال بِتائے جیہڑے اوہ دن چیتے آون
کنیاں راتاں کِنے دن بیتے میتھوں گنے نا جاون
عیب کروڑاں میں وچ ڈھولا کجیں پائیں پردے
ڈوبتے رہتے ہیں کئی سورج
کتنی راتیں تمام ہوتی ہیں
کھوئے رہتے ہیں تیری یادوں میں
تیری باتیں مدام ہوتی ہیں
میری اپنی خطائیں رہ رہ کر
مائل انتقام ہوتی ہیں
سوڈھا! ہر پل یاد کروں میں، تیری میٹھی باتیں،
جانے کتنے سورج اُبھرے، ڈھلی ہیں کتنی راتیں،
مہر کی برساتیں، آن کے ڈھانپ لے عیب تو میرے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اُڀي اُڀارِئامِ، نَکَٽَ سَڀَ نَئِي…
- (بيت) توکي ڌَڻِينَ ڌارِئو، ڪَرَھا ڪَرِ…
- (بيت) حالُ قُربانُ مالُ قُربانُ، جانِ…
- (بيت) راڻا تُنھِنجِي راھَ ٿِي، ڏِھاڙِي…
- (بيت) راڻا تُنھِنجِيءَ راھَ تي، ويٺِي…
- (بيت) راڻا راتِ گهَڙِي، مُون گهَرِ…
- (بيت) راڻو ڪا راتِ وِئو، ڳُجِهي…
- (بيت) راڻي سين رِھاڻِ، ڪَندِي ھُيَسِ…
- (بيت) راڻِي ريٻارو، توڏانھن مُڪو تَڪِڙو،…
- (بيت) سوڍي ريءَ سَرَتِيُون، پِئو ڀِتِيُنِ…
- (بيت) سوڍي سُتي لوءِ، جَا مُون…
- (بيت) سُورَجَ شاخُون ڪَڍِيُون، اوٺِي نَہ…
- (بيت) شَمعَ ٻارِيندي شَبَ، پِرھَ باکُون…
- (بيت) لُوٺِيَسِ لُڊاڻي، پَسان جو پِرِيَنِ…
- (بيت) مَينڌَرو مَھمانُ، مُون گهَرِ اَچِي…
- (بيت) مَيو مَري مَ ماءِ، وَڳُ…
- (بيت) نَنڍو تان ڪوھُ، پَرَ وِکُنِ…
- (بيت) ويٺي ٻارِئَمَ ٻانگَ سِينءَ، ڪوڙيِين…
- (بيت) ويٺِي تارا تورِيان، نِھارِيان نَکَٽَ،…
- (بيت) ويٺِي نِتُ نِھارِيان، راڻا تُنھِنجو…
- (بيت) وَٽِ سورِيندي وَلَها، وِئَڙو تيلُ…
- (بيت) ڏِيا تيلَ ڦُليلَ جا، ٻارِئَمِ…
- (بيت) ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چوڏِسِ چِٽاڻو،…
- (بيت) ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چِٽاڻو چوڌارَ،…
- (بيت) ڪَتِيُون ڪَپارِ آيُون، لُڌا وِئا…
- (بيت) ڪَتِيُون ڪَپارِ آيُون، ٽيڙُو اُڀا…
- (بيت) ڪَرَھا ڪاڪِ چَري، وَنءُ وَڻانئُون…
- (بيت) ڪَرَھا، ڪارَڻِ ڪاھَ، توکي ڌَڻِيَنِ…
- (بيت) ڪَندِي ھُيَسِ ڪاڪِ ۾، ھَي…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)
