Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر راڻو جَي ڏِيئا، تيل ۽ مھمان جو بيت
ويٺي ٻارِئَمَ ٻانگَ سِينءَ، ڪوڙيِين اَڄُ قَندِيلَ،
ھئَي ھئَي ھَنجُون ھارِيان، مَنجهان سِڪَ سَبِيلَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، جانِي لَڳِ جَلِيلَ،
آھَرَ تو اَصِيلَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.
رسالن ۾ موجودگي: 29 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي راڻا! مون فجر جي ٻانگ مھل تائين ڏيئا ۽ ڏيئاٽيون پئي روشن ڪيون، آءٌ تنھنجي سڪ ۽ فراق ۾ بيمار ٿي اکين مان ڳوڙها ويٺي ڳاڙيان. او منھنجا جاني! (ساھ کان وڌيڪ پيارا) الله جي واسطي مون کي ڇڏي نہ ڏجانءِ. اي وڏي مان وارا! (عالي نسب) آءٌ تنھنجي (اچڻ جي اميد) آسري تي پيئي (جيئان ۽) ڪاڪ جا ڪانگ ويٺي اُڏايان (توڏانھن نياپا پيئي موڪليان).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3745
وٖيْٽٖيْ ٻَارِئَمِ ٻَانکَہ سِيَ ڪُوْرٍ اَڃُ قَندِّيْلَ﮶
هَيْ هَيْ هَنجٌّہ هَارِيَان مَنجَا سِڪَ سَبِيْلَ﮶
مَتَا مُنْکٖيْ ڇَڎِي﮼ جَانِيْ لَکِہ جَلِيْلَ﮶
آَهَرَ تُوْ اَصِيْلَ ڪَانکَہ اُڎَايَمِ ڪَاڪِجَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वेठे बा॒रिअम बां॒ग सींअ। कोड़ियें अजु॒ क़ंदील।
है है हन्जूं हारियां। मन्झां सिक सबील।
मतां मूंखे छडि॒यें। जानी लगि॒ जलील।
आहर तो असील। कांग उडा॒यमि काकि जा।
ROMAN SINDHI
Wethe Bariyam Baang'a seen'a, korriyan aJhh'u Qandeel'a,
Haye Haye hanjoon hariyaan, manJhan sikk'a sabeel'a,
Mataan moon khe chhaDeen, jaani lagg jaleel'a,
Aahar to aSeel'a, Kaang'a uDayam kaak ja.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اُڀي اُڀارِئامِ، نَکَٽَ سَڀَ نَئِي…
- (بيت) توکي ڌَڻِينَ ڌارِئو، ڪَرَھا ڪَرِ…
- (بيت) حالُ قُربانُ مالُ قُربانُ، جانِ…
- (بيت) راڻا تُنھِنجِي راھَ ٿِي، ڏِھاڙِي…
- (بيت) راڻا تُنھِنجِيءَ راھَ تي، ويٺِي…
- (بيت) راڻا راتِ گهَڙِي، مُون گهَرِ…
- (بيت) راڻا رِھاڻِيُون، سوڍا ويٺِي سارِئان،…
- (بيت) راڻو ڪا راتِ وِئو، ڳُجِهي…
- (بيت) راڻي سين رِھاڻِ، ڪَندِي ھُيَسِ…
- (بيت) راڻِي ريٻارو، توڏانھن مُڪو تَڪِڙو،…
- (بيت) سوڍي ريءَ سَرَتِيُون، پِئو ڀِتِيُنِ…
- (بيت) سوڍي سُتي لوءِ، جَا مُون…
- (بيت) سُورَجَ شاخُون ڪَڍِيُون، اوٺِي نَہ…
- (بيت) شَمعَ ٻارِيندي شَبَ، پِرھَ باکُون…
- (بيت) لُوٺِيَسِ لُڊاڻي، پَسان جو پِرِيَنِ…
- (بيت) مَينڌَرو مَھمانُ، مُون گهَرِ اَچِي…
- (بيت) مَيو مَري مَ ماءِ، وَڳُ…
- (بيت) نَنڍو تان ڪوھُ، پَرَ وِکُنِ…
- (بيت) ويٺِي تارا تورِيان، نِھارِيان نَکَٽَ،…
- (بيت) ويٺِي نِتُ نِھارِيان، راڻا تُنھِنجو…
- (بيت) وَٽِ سورِيندي وَلَها، وِئَڙو تيلُ…
- (بيت) ڏِيا تيلَ ڦُليلَ جا، ٻارِئَمِ…
- (بيت) ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چوڏِسِ چِٽاڻو،…
- (بيت) ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چِٽاڻو چوڌارَ،…
- (بيت) ڪَتِيُون ڪَپارِ آيُون، لُڌا وِئا…
- (بيت) ڪَتِيُون ڪَپارِ آيُون، ٽيڙُو اُڀا…
- (بيت) ڪَرَھا ڪاڪِ چَري، وَنءُ وَڻانئُون…
- (بيت) ڪَرَھا، ڪارَڻِ ڪاھَ، توکي ڌَڻِيَنِ…
- (بيت) ڪَندِي ھُيَسِ ڪاڪِ ۾، ھَي…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)
