Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
ھِن وائيءَ جا مُکيہ اِسم
- سُر رامڪلي جَي وايون جي وائِي
تَنِ ڳُڻَنِ ڳَھَرَ وِڃائِي، ھو مائي جوڳِيَنِ مُون سين جي ڪِئا،
ڪَري مَرِجِ ڪاپَڙِي، گُرَ وَٽِ تُون گَدائِي،
اِشارَتُون اُنِ جُون، وانءُ کَپِي تُون کائِي،
نِنڊَ تَنھِن کي ناھِ ٿِي، جا آدِيسيَنِ اُٺائِي،
رِيجهائِي رَمُوزَ سين، کاھوڙِيَنِ آئُون کانِئي،
ھيڪائِي ھيڪُ ٿِئا، ٻُجَهنِ تان نَہ ٻِئائِي،
إنَّ اللهَ وِتْرٌ يُحِبُّ الوِتْرَ ، اُنِهين لَيءِ آئِي،
آھي اِنَهِيءَ ڳالِهہ جِي، راوَلَ اِيءَ رُباعِي،
اَکِيُنِ آرَسُ ڇڏِئو، دِلِ ۾ ناھِ دَغائِي.
رسالن ۾ موجودگي: 87 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي امان، هنن جوڳين مون سان جيڪي چڱايون ۽ ڀلايون ڪيون، جيڪي احسان ۽ ٿورا ڪيا، تن منھنجي ننڊاکرائي ۽ سستي ختم ڪري ڇڏي. هنن کاهوڙين وڏي راز ۽ رمز سان مون کي پنھنجي قرب ۾ قابو ڪري برھ جي باھ ۾ جلائي ڇڏيو. او جيجي، جنھن کي آديسين ائين ننڊ مان جاڳايو هجي، ان کي هاڻي ڪھڙي ننڊ ۽ آرام ايندو. منھنجي اکين مان سچ پچ ننڊ اڏامي ويئي آهي ۽ منھنجي دل ۾ ڪا ڪدورت نہ رهي آهي. اهي جوڳي ۽ آديسي پنھنجي دوست سان ملي هڪ ٿي ويا ۽ هاڻي وٽن ڪا دوئي ۽ ٻيائي جي ڳالهہ نہ رهي آهي. ’تحقيق الله هڪ ئي هڪ آهي ۽ هيڪڙائي کي پسند ڪري ٿو، اهو قول انهن لاءِ سچو ۽ برحق آهي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2544
تَنِ کُنَنِ کَھْرَ وِڃَائِيْ هُوْ مَائِيْ جُوْ کِيَنِ مُنْس﮼ جٖيْ ڪِئَا﮶
ڪَرٖيْ مَرِجِ ڪَاپَرِيْ کُرَ وَٽِ تُنْ کَدَائِيْ﮶
اِشَارَةٌ اُنِجِيٌ وَاءُ کَپِيْ تُنْ کَائِيْ﮶
نِنڊَّ تَھِکٖيْ نَاہِ ٿِيْ جَا آَدٖيْسِيَنِ اُٽَائِيْ﮶
رِيْجَاءٍ رُمُوْزَس﮼ کَاهُوْرِيَنِ آَءٌ کَائِيْ﮶
هٖيْڪَائِيْ هٖيْڪُ ٿِئَا ٻُڄَنِ تَا نَہ ٻِئَائِيْ﮶
اِنَّ اللہَ وِتْرٌ يُحِّبُّ الْوِتْرَ اُنٍ لَىءٍ آَئِيْ﮶
آَهٖيْ اِنْهٍ کَالِ جِيْ رَاوَلَ اِيَ رُبَاعِيْ﮶
جَهْ پَرِ ڊِجٖيْ سَڀُڪُوْ قُوْتُ اُنِجُوْ اُهَائِيْ﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
तनि गु॒णनि ग॒हर विञाई। हो माए जोगी॒नि मूं सें जे किआ।
करे मरिजि कापड़ी। गुर वटि तूं गदाई।
इशारतूं उनि जूं। वांउ खपी तूं खाई।
निन्ड तंहिं खे नांहि थी। जा आदेस्यनि उठाई।
रीझाए रमूज़ सें। खाहोड़ियनि आऊं खांए।
हेकाई हेकु थिआ। बु॒झनि तां न बि॒आई।
इनल्लाह वित्रु युहिबुल्वित्र। उनिहीं लए आई।
आहे इनहीअ गा॒ल्हि जी। रावल ईअ रुबाई।
अखियुनि आरसु छडि॒ओ। दिलि में नाहि दग़ाई।
ROMAN SINDHI
tan'ay ggunnan'ay ggahar'a winjaa'ee, ho maae moo'n see'n jay ki'aa
karay marij'ay kaaparri, gur'a watt'ay too'n gada'ee,
ishaaratoo'n un'ay joo'n, waan'u khhapi too'n khhaa'ee,
ninD'a tanhin khhay naa'ay thi, jaa aadeesyan'ay uthhaa'ee,
rejhhaa'ee ramooz'a see'n, khhaahorriyan'ay aaun khhaan'ee,
hekaa'ee hek'u thi'aa, Bujhan'ay taa'n na Biaa'ee,
In'nallah'a Wit'run YuHib'bul'Witur'a, unihee'n la'ee aaee,
aahay inahi'a ggaalih ji, raawal'a ee'a rubaa'ee,
akhhiyun'ay aaras'u chhaddi'o, dil'ay mayn naah'ay daghaa'ee.
TRANSLATIONS
O mother! The favours that these ascetics did to me in the past, dominate my sleep. Their memory does not allow me to sleep.
O holy man! Die in the service of the Lord. Get completely absorbed, nay, neutralized in following His gestures and secret directives.
They do not sleep who are divested of it by the ascetics’ (influence).
O friend! There is a mysterious link between the gestures of the Beloved and the performances of the ascetics. (I cannot understand it).
میان عاشق و معشوق رمزیست
کراماً کاتبین را ہم خبر نیست
(Jami)
There is a mysterious link between the Lover and the Beloved which even the recording angels do not know.
The fact is that they have simply been transformed into the Singleness and they do not admit duality.
Their eyes are alert and the heart absolutely receptive and stainless.
According to a tradition - “Verily Allah is One and He likes Oneness”. This tradition is surely meant for the guidance of such seekers.
Under the influence of their mysterious gestures I have been neutralized by the nomads.
Abdul Latif says: “O Allah! Relent to me and grant me relief (in the form of reunion with the ascetics)”!
اپنے لئے کانٹے بوتاہے
جو غافل وقت کو کھوتا ہے
کیوں اس کو ملے ساجن پیارا
جو گہری نیند میں سوتا ہے
دل اس کو بھلا کر شاداں تھا
اب خون کے آنسو روتا ہے
اللہ کو جس نے یاد کیا
اللہ اسی کا ہوتا ہے
دلنشین ان کا ہر اشارا ہے
مجھ کو ان جوگیوں نے مارا ہے
موت بھی کوچۂ گدائی میں
ان کی خاطر مجھے گوارا ہے
کیسے بھائے دوئی کی بات انہیں
جن کو وحدت کا نام پیارا ہے
اڑ گئی نیند میری آنکھوں سے
جانے کس نے مجھے پکارا ہے
کس کے رازِ فرار نے اکثر
دل میں اک تیر سا اتارا ہے
ان خدا آشنا فقیروں نے
میرا ذوقِ طلب نکھارا ہے
تیری رحمت ’لطیف‘ پر یا رب
ایک تو ہی مرا سہارا ہے
احسنوں نے نیند گنوائی، جو کیئے ہیں جوگیوں نے،
آخری سانس تک تو جوگی، گرو کی کر گدائی،
ڈوب جا انکے اشاروں میں جو جوگی ہیں سنیاسی،
جنہیں جگایا آدیسیوں نے، نیند کبھی نہ آئی،
ان کی بولی ایک پہیلی، کوئی بوجھ نہ پائی،
وحدت سے ہی ان کی ہستی، دوئی راس نہ آئی،
نیند کے ماتے نیناں جاگیں، دغا نہ دل میں آئی،
ان اللہ ویرحب الوتر، ان کی ہے سچائی،
رجھا کے مجھ کو رمز سے، میری جان جلائی،
سکھیو! شاہ لطیف کہے کہ، صاحب کرے بھلائی۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) آئِي مائِي آئِي، جوڳِيَنِ جا…
- (وائِي) آسِرو آھي، موٽِي اِيندا، مُون…
- (وائِي) تَنِ اَکَڙِيُنِ آئُون اَڙائِي، ٻَڙِي…
- (وائِي) جوڳِي جَڳَ گَهڻا، مُون وَھُ…
- (وائِي) جوڳِي سيئِي، جَنِ کي مَنَ…
- (وائِي) دِلِئان دُورِ نَہ ڪِيجي، پِياري…
- (وائِي) راوَلُ رَھي نَہ راتِ، جيڏِيُون…
- (وائِي) سَندَڙِيانِ سِڱَڙي، ڳالِهہ ڳُجَهڙِي، مُون…
- (وائِي) شالَ اوڏڙا آھِنِ، ٻَڙِي جيڏِيُون،…
- (وائِي) ميرِي ميرِي ڪَري تيري، بانو…
- (وائِي) مَڙِهيَنُون موڪَلَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا…
- (وائِي) نانگا نِنڊ نَہ ڪَنِ، لوچَنِ…
- (وائِي) نَھِين نَھِين گَتِ ميرِي، بِنان…
- (وائِي) ويھُ مَ ويسَلِي، تُون ھَڏِ…
- (وائِي) پانڌِي ڪا پِرِيَنِ جِي، ڪَرِ…
- (وائِي) چيلِهہ چَڪَرَ، ڳَلِ سِڱيُون، مَٿَنِ…
- (وائِي) ڍولَڻَ دا مَينُون، سَلُوڻي دا…
- (وائِي) ڪَلَپَتِي آيا ڙِي ماءَ، آئُون…
- (وائِي) ڪِينَرِڙِيُون چورِينِ، لوڪَ سُتي ڪاپَڙِي،…
- (وائِي) ھيرَ گهَرِ اِيندَمِ ڙِي، ھِهَڙا…
