Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رامڪلي جَي وايون جي وائِي
جوڳِي سيئِي، جَنِ کي مَنَ ۾ مالا،
سامِي سيئِي، جَنِ کي مُنھَن ۾ مُنڊا،
پيٺا سي مَڙِهيءَ ۾، الاللهَ، سِيتِ گُروءِ جي سَنگا.
رسالن ۾ موجودگي: 42 سيڪڙو
سمجهاڻي
هائو، اُهي ئي جوڳي آهن جن جي من ۾ مالها آهي يعني جن تَن کي تسبيح ڪري ڇڏيو آهي، اُهي ئي سامي آهن، جن ٻاهرين ڪنن بدران اندر من ۾ والا پائي ڇڏيا آهن. (هو ظاهري رسمن تي ڪونہ ٿا وڃن) هو سچي گروءَ جي رهبريءَ ۽ سنگت سان گورکناٿ ڀيٽي آيا آهن. هو (نفي ’لا‘ کي ڇڏي) پنھنجي (بدن جي) آستانن ۾ ’ڪونهي مگر الله‘ جي (’الالله‘ جي اثبات واري) وائي سان داخل ٿين ٿا (هو هيڪڙائي حق تي ويساھ رکن ٿا).
[مثنويءَ ۾ ان راھ بابت هيئن چوي ٿو:
تانخواني لا و الا الله را،
در نيابي منهج اين راه راه.
(دفتر پنجم، ب- 1241)
معنيٰ: جيستائين تون ’لا‘ ۽ ’الاالله‘ کي چڱيءَ طرح نٿو پڙهين (دل ۾ نٿو هنڊائين)، تيستائين تون هن سڌي رستي تي نہ پھچي سگهندين.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2663w1
وائـے
جُوْکِيْ سٖيْـئِيْ جَنِکٖيْ مَنَم﮼ مَالَا سَامِيْ سٖيْـئِيْ جَنِکٖيْ مُهَم﮼ مُنڊَّا﮶
پٖيْٽَا سٖيْ مَرْيَم﮼ اِلَّا اللہِ سِيْتَ کُرُوْءَ جٖيْ سَنکَّا﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जोगी॒ सेई। जनि खे मन में माला।
सामी सेई। जनि खे मुंहं में मुन्डा।
पेठा से मड़िहीअ में। इलल्लाहु। सीति गुरूअ जे संगा।
ROMAN SINDHI
joggi say'ee jan'ay khhay man'a mayn maalaa,
saami say'ee, jan'ay khhay munh'a mayn munDaa,
pethhaa say marrihi'a mayn, Ilalllah'a, seet'ay guroo'ay jay sangaa.
TRANSLATIONS
وہ جوگی کہلائے، جس کا من ہے مالا،
وہ جوگی ہے وہ سوامی ہے، جس نے ہونٹ کو سی ڈالا،
چل مندر میں اِلاللہ، ست گر سنگ اُجالا۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) آئِي مائِي آئِي، جوڳِيَنِ جا…
- (وائِي) آسِرو آھي، موٽِي اِيندا، مُون…
- (وائِي) تَنِ اَکَڙِيُنِ آئُون اَڙائِي، ٻَڙِي…
- (وائِي) تَنِ ڳُڻَنِ ڳَھَرَ وِڃائِي، ھو…
- (وائِي) جوڳِي جَڳَ گَهڻا، مُون وَھُ…
- (وائِي) دِلِئان دُورِ نَہ ڪِيجي، پِياري…
- (وائِي) راوَلُ رَھي نَہ راتِ، جيڏِيُون…
- (وائِي) سَندَڙِيانِ سِڱَڙي، ڳالِهہ ڳُجَهڙِي، مُون…
- (وائِي) شالَ اوڏڙا آھِنِ، ٻَڙِي جيڏِيُون،…
- (وائِي) ميرِي ميرِي ڪَري تيري، بانو…
- (وائِي) مَڙِهيَنُون موڪَلَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا…
- (وائِي) نانگا نِنڊ نَہ ڪَنِ، لوچَنِ…
- (وائِي) نَھِين نَھِين گَتِ ميرِي، بِنان…
- (وائِي) ويھُ مَ ويسَلِي، تُون ھَڏِ…
- (وائِي) پانڌِي ڪا پِرِيَنِ جِي، ڪَرِ…
- (وائِي) چيلِهہ چَڪَرَ، ڳَلِ سِڱيُون، مَٿَنِ…
- (وائِي) ڍولَڻَ دا مَينُون، سَلُوڻي دا…
- (وائِي) ڪَلَپَتِي آيا ڙِي ماءَ، آئُون…
- (وائِي) ڪِينَرِڙِيُون چورِينِ، لوڪَ سُتي ڪاپَڙِي،…
- (وائِي) ھيرَ گهَرِ اِيندَمِ ڙِي، ھِهَڙا…
