Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رامڪلي جَي وايون جي وائِي
جوڳِي جَڳَ گَهڻا، مُون وَھُ ويراڳِيَنِ سين،
پاڇِي ڪَنِ نَہ پاڻَ کي، تُنبِيءَ مَنجِهہ ڪَڻا،
ويٺِي مَٿي واٽَ تي، ڀَٽَنِ جِيئَن ڀُڻان،
سارِئو سَناسِيَن کي، ويٺِي ھَٿَ ھَڻانِ،
جيڪي ڌاڻِيان ڌُوڙِ ۾، جيڪي اَنَ ڪَڻا،
وِئا ويراڳِي نِڪِري، جَنِي مُنھِن مَڻِيا.
رسالن ۾ موجودگي: 62 سيڪڙو
سمجهاڻي
هونئن تہ جھان ۾ ڪيترائي جوڳي آهن، پر منھنجي دل جو لاڙو هنن ويراڳين (محبت ۽ فراق وارن) سان آهي، جيڪي پنھنجي ڪستي ۾ ٿورا گهڻا ان داڻا بہ بچائي نٿا رکن (هو سدائين توڪل تي پيا هلن). اهي ويراڳي جن جي منھن ۾ مڻيا ۽ چمڪ هئي، نڪري هليا ويا. اي امڙ، مون مٿان سندن ڪيل ٿورا ياد آهن. اهڙن سناسين ۽ سامين کي سنڀالي آءٌ هاءِ هاءِ پيئي ڪريان ۽ پيئي پڇتايان (تہ هو هليا ويا ۽ هتي مون وٽ ناهن). مون کي هنن جي محبت ۽ فراق جهوري وڌو آهي ۽ آءٌ تنبي جيئن پيئي وڄان (درد جون دانھون پيئي ڪريان) لاهوتيءَ صفت وارن جوڳين جي محبت جون ميخون منھنجي جيءَ ۾ مضبوط لڳي چڪيون آهن.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2700w1
وائے
جُوْکِيْ جَنکِّہ کَنَان مُنْ وَہْ وٖيْرَاکِيَنِس﮼﮶
پَاڇِيْ ڪَنِ نَپَانَکٖيْ تُنبِّيَ مَنجِّہ ڪَنَان﮶
وٖيْٽِيْ مَٿٖيْ وَاٽَ تٖيْ ڀَٽَنِ جِيَ ڀُنَا﮶
سَارِئُوْ سَنَاسِيَنِکٖيْ وٖيْٽِيْ هَٿَ هَنَان﮶
جٖيْڪٖيْ ڌَانِيَان ڌُوْرِ م﮼ جٖيْڪٖيْ اَنَ ڪَنَان﮶
وِئَا وٖيْرَاکِيْ نِڪِرِيْ جَنٍ مُهِ مَنَا﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जोगी॒ जगि॒ घणा। मूं वहु वैरागि॒यनि सीं।
पाछी कनि न पाण खे। तुंबीअ मन्झि कणा।
वेठी मथे वाट ते। भटनि जीअं भुणां।
सारिओ सनासियनि खे। वेठी हथ हणानि।
जेके धाणियां धूड़ि में। जेके अन कणा।
विआ वैरागी॒ निकिरी। जनी मुंहिं मणिया।
ROMAN SINDHI
joggi jagg'a ghhannaa, moo'n wah'u weraaggiyan'ay see'n,
paachhay kan'ay na paann'a khhay, tunbi'a manjh'ay kunnaa,
wethhi mathay waatt'a tay, bhattan'ay jee'en bhunnaa'n.
saari'o sanaasiyan khhay, wethhi hath'a hannaan'ay,
jekay dhaanniyaa'n dhoorr'ay mayn, jekay an'a kannaa,
wi'aa weraaggi nikiray, jani munhin manni'aa.
TRANSLATIONS
There are lots of nomads in the world but I am in’ love with these particular ascetics. They do not keep anything in balance on their pompkin.
Either they pick up some broken rice from the ground, and take them or they take raw grams.
برگ سبز لحفۂ درویش است
The grass leaves are a present to a saint.
Let me wander about along the highway like a stubborn mendicant in search of the ascetics.
The fact is that I remember them and rue their departure.
O mother! I am very much beholden to the stranger ascetics.
Abdul Latif says: “O sisters! There is a lot of lustre in my dear one.”
We have sent you (i.e. the Prophet) as a lamp that gives bright light.
(46, AI-Ahzab).
کیا کیا جوگی جگ میں، میری پریت ہے بیراگی سے،
پونجی پاس نہیں ہے، خالی دامن، کاسے،
دھول سے چن کر اناج وہ کھائیں، یا کھائیں دانیں کچے،
بیٹھی ہوں میں راہوں میں، گاتی ہوں گیت برہا کے،
بیراگی کو یاد کروں میں، ہاتھوں کو اپنے مل کے،
سکھیو مجھ برہن پر کیا کیا، احسان بیراگی کے،
کہے لطیف کہ بیراگی میں، کیا کیا گن ہیں دیکھے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) آئِي مائِي آئِي، جوڳِيَنِ جا…
- (وائِي) آسِرو آھي، موٽِي اِيندا، مُون…
- (وائِي) تَنِ اَکَڙِيُنِ آئُون اَڙائِي، ٻَڙِي…
- (وائِي) تَنِ ڳُڻَنِ ڳَھَرَ وِڃائِي، ھو…
- (وائِي) جوڳِي سيئِي، جَنِ کي مَنَ…
- (وائِي) دِلِئان دُورِ نَہ ڪِيجي، پِياري…
- (وائِي) راوَلُ رَھي نَہ راتِ، جيڏِيُون…
- (وائِي) سَندَڙِيانِ سِڱَڙي، ڳالِهہ ڳُجَهڙِي، مُون…
- (وائِي) شالَ اوڏڙا آھِنِ، ٻَڙِي جيڏِيُون،…
- (وائِي) ميرِي ميرِي ڪَري تيري، بانو…
- (وائِي) مَڙِهيَنُون موڪَلَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا…
- (وائِي) نانگا نِنڊ نَہ ڪَنِ، لوچَنِ…
- (وائِي) نَھِين نَھِين گَتِ ميرِي، بِنان…
- (وائِي) ويھُ مَ ويسَلِي، تُون ھَڏِ…
- (وائِي) پانڌِي ڪا پِرِيَنِ جِي، ڪَرِ…
- (وائِي) چيلِهہ چَڪَرَ، ڳَلِ سِڱيُون، مَٿَنِ…
- (وائِي) ڍولَڻَ دا مَينُون، سَلُوڻي دا…
- (وائِي) ڪَلَپَتِي آيا ڙِي ماءَ، آئُون…
- (وائِي) ڪِينَرِڙِيُون چورِينِ، لوڪَ سُتي ڪاپَڙِي،…
- (وائِي) ھيرَ گهَرِ اِيندَمِ ڙِي، ھِهَڙا…
سُر جا ٻيا داستان
وڊيو سيڪشن
Saif Samejo & Bhagat Bhooro Lal
Source: Culture Department
Sajid Solangi
Source: Culture Department
Javed Ali Abasi
Source: Culture Department
