ڪَڻا بابت
معنيٰ
داڻا. اناج جا داڻا، ذرا. اَنُ ، اَناجُ. ٻِجُ.
Grains, seeds.
بيتن ۽ وائين ۾
- تِرَ تارا وَڻَ وارَ، مِينھَن ڦُڙا وارِيءَ ڪَڻا، تِھائِين اَڳِرا، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ، پائي آيَس پاندَ ۾، بَدِيُون بيشُمارَ،…[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- ڇُلان مَنجِهمِ نَہ ڇاڪَ، پُران پُونِمِ پُرڪَڻا، مَڇُڻ ڪا مُنڌَ ڪَري، موٽَڻَ جِي مَذاقَ، چِتُ سَندو مُون چاڪَ، ھاڙِھي ھَڏِ…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- پيرين پِئا پُرڪَڻا، رَھَ ۾ گهَڻو رُنومِ، پاراتو پِرِينءَ کي، تَپِي تان نَہ ڏِنومِ، چُڪِي ٿِي چِيومِ، سُواھيرو سين سَڄَڻين.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- پائي پَٽِ ڪَڻا، تان مُون مُورُ نَہ مَڱِئو، تازِي تَنبيلَنِ ۾، گهوڙا گهَرِ گَهڻا، ھاٿِيءَ ڪارَڻِ ھيڪَڙي، آئُون ڪا تَندُ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- کَرڪَڻا لاھي، سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين، اوسِيڙو آھي، کاھوڙِيَنِ اِنَهِيءَ پَنڌَ جو.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- سُڪا سَنڊَ ڪَڇُنِ ۾، کَرڪَڻا پيرين، ٽِمَندي نيڻين، آن ڪي کاھوڙِي گَڏِئا؟[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- جوڳِي جَڳَ گَهڻا، مُون وَھُ ويراڳِيَنِ سين، پاڇِي ڪَنِ نَہ پاڻَ کي، تُنبِيءَ مَنجِهہ ڪَڻا، ويٺِي مَٿي واٽَ تي، ڀَٽَنِ…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- جَنڊُ وَھي جِيئَن ڪَري، مَٿي پِيھَ پَئِي، ڪَڻا جي ڪُمِرِ ۾، سي وَڃَنِ ڪِينَ وَھِي، اُو ثابِتُ ھُونِ صَحِي، جي…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]