ڪَڻا جي سنڌي معنيٰ
داڻا. اناج جا داڻا، ذرا. اَنُ ، اَناجُ. ٻِجُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Grains, seeds.
ڪَڻا جا بيتن ۾ حوالا
جوڳِي جَڳَ گَهڻا، مُون وَھُ ويراڳِيَنِ سين،
پاڇِي ڪَنِ نَہ پاڻَ کي، تُنبِيءَ مَنجِهہ ڪَڻا،
ويٺِي مَٿي واٽَ تي، ڀَٽَنِ جِيئَن ڀُڻان،
سارِئو سَناسِيَن کي، ويٺِي ھَٿَ ھَڻانِ،
جيڪي ڌاڻِيان ڌُوڙِ ۾، جيڪي اَنَ ڪَڻا،
وِئا ويراڳِي نِڪِري، جَنِي مُنھِن مَڻِيا.
[ سُر رامڪلي، وايون، 20 ]

تِرَ تارا وَڻَ وارَ، مِينھَن ڦُڙا وارِيءَ ڪَڻا،
تِھائِين اَڳِرا، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ،
پائي آيَس پاندَ ۾، بَدِيُون بيشُمارَ،
بَخشِين بَخشَڻَھارَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 14 ]
تِھائِين اَڳِرا، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ،
پائي آيَس پاندَ ۾، بَدِيُون بيشُمارَ،
بَخشِين بَخشَڻَھارَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 14 ]
پائي پَٽِ ڪَڻا، تان مُون مُورُ نَہ مَڱِئو،
تازِي تَنبيلَنِ ۾، گهوڙا گهَرِ گَهڻا،
ھاٿِيءَ ڪارَڻِ ھيڪَڙي، آئُون ڪا تَندُ ھَڻان،
جا مَٿي تو مَڻا، تَنھِن آئُون سِرَ جو آيُسِ سيڪِڙُو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 4 ]
تازِي تَنبيلَنِ ۾، گهوڙا گهَرِ گَهڻا،
ھاٿِيءَ ڪارَڻِ ھيڪَڙي، آئُون ڪا تَندُ ھَڻان،
جا مَٿي تو مَڻا، تَنھِن آئُون سِرَ جو آيُسِ سيڪِڙُو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 4 ]
جَنڊُ وَھي جِيئَن ڪَري، مَٿي پِيھَ پَئِي،
ڪَڻا جي ڪُمِرِ ۾، سي وَڃَنِ ڪِينَ وَھِي،
اُو ثابِتُ ھُونِ صَحِي، جي قائِمُ داڻا ڪِيرَ سين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 30 ]
ڪَڻا جي ڪُمِرِ ۾، سي وَڃَنِ ڪِينَ وَھِي،
اُو ثابِتُ ھُونِ صَحِي، جي قائِمُ داڻا ڪِيرَ سين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 30 ]
English Meaning
Grains, seeds.