Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
- سُر رامڪلي جَي بُک، طعام، گدا ۽ گبري جو بيت
سَٻيرِيءَ سَيِّدُ چئَي، جَي ٿا پُڇَنِ اَنُ،
تَنِ ڪاپَڙِيَنِ ڪَنُ، جوڳِي چائِينِ جاڙَ ٿا.
رسالن ۾ موجودگي: 80 سيڪڙو
سمجهاڻي
سيد (عبداللطيف) ٿو چوي تہ جيڪي جوڳي صبح جو سويل ئي اٿي کائڻ پيئڻ جي فڪر ۾ لڳي وڃن ٿا، تن ڪاپڙين وٽ اصل جوڳين وارو ڪَنُ (جيڪا سندن خاص سڃاڻپ آهي) آهي ئي ڪونہ! اهي پاڻ کي ٺَلهو يا اجايو جوڳي ٿا ڪوٺائين.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2583
سَٻٖيْرِيْ سَيِّدُ چٖيْ جٖيْ ٿَا پُڇَنِ اَنُّ﮶
تَنِ ڪَاپَرِيَنِ ڪَنُ جُوْکِيْ چَائِيْنِ جَارَ ٿَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सबे॒रीअ सयदु चए। जे था पुछनि अनु।
तनि कापड़ियनि कनु। जोगी॒ चाईनि। जाड़ था।
ROMAN SINDHI
SaBeree'a sayid'u chae, je tha puchhan an'u,
Tan kaaprriyan kun'u, joggee chayeen jaarr'a tha.
TRANSLATIONS
The Sayed says: “Those persons whose requisition is food early in the morning, lack the ear (i.e. the trait) of the ascetics (Obviously they are indifferent fellows.) They call themselves ascetics in vain.
نیند سے اُٹھتے ہی جو جوگی، لیں طعام کا نام،
ان کی سماعت خام، وہ کیوں جوگی کہلائیں۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) بُکَ اُنِھِين جِي بِکِئا، ڌُوڙِ…
- (بيت) بُکَ وِڌائُون بَگرِيين، جوڳِي ڪَندا…
- (بيت) جَا بَرادَ بُتَنِ جِي، سا…
- (بيت) جِيئَن ٿا پُڇَنِ اَنَ کي،…
- (بيت) جِيئَن ٿا پُڇَنِ اَنَ کي،…
- (بيت) دَلَقُ ڍَڪائِجِ دِلِ کي، لائِجِ…
- (بيت) نَڪِي طَعامُ تُنبَنِ ۾، نَڪِي…
- (بيت) نَڪِي طَعامُ تُنبِنِ ۾، نَڪِي…
- (بيت) نَہ کِلَنِ نَہ کِينِ ڪِي،…
- (بيت) نَہ گِدا نَہ گَبِري نَہ…
- (بيت) نَہ گِدا نَہ گَبِرِي، نَہ…
- (بيت) نَہ گِدا نَہ گَبِرِي، نَہ…
- (بيت) نَہ گِدا نَہ گِبَرِي، نَہ…
- (بيت) ٻولِي ٻُجهارَتَ، جوڳِيان سَندِيءَ ذاتِ…
- (بيت) پَٽَ ڇَڏِيائُون پَٽَ ۾، ڏَندَ…
- (بيت) پُڇَڻُ پَرَڏيھِيَنِ جو، آسَڻَ وَٽِ…
- (بيت) ڏَھڪِجِي ڏُورِ ٿِئا، ڪِي جَو…
- (بيت) ڪَسي ڪا ڇوٽِي، نانگَنِ ٻَڌِي…
- (بيت) گولا جٖي گِراھَ جا، جُوٺا…
- (بيت) گَندِي ۽ گِراھُ، جَنھِن سَناسِيءَ…
- (بيت) ڳُڻين ڪُٺا ڪاپَڙِي، مُوران پَرياڻانِ،…
- (بيت) ھُو جٖي ٿِئا ھَرڪيسِ، تَنِ…
