Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر کنڀات جَي ڪرھو، چانگو، اٺ جو بيت
ڪَرَھا ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکَ وَڌَندِي پاءِ،
مُنھِنجو ھَلَڻُ اُتَھِين، جِتي جانِبَ جاءِ،
توکي چَندَنُ چارِيان، ٻِئو وَڳُ لاڻِي کاءِ،
اِيَھِين اُٺَ اُٺاءَ، تَہ ھُوندِيءَ راتِ ھُتِ مِڙُون.
رسالن ۾ موجودگي: 80 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي اٺ، تون کُٽل (ڀڳل دل سان) وک نہ کڻ، بلڪ وڏي پوري وک کڻي تيز تکو هل. منھنجو مقصد اتي پھچڻ آهي، جتي دلبر دوست جو ديرو آهي. آءٌ توسان واعدو ٿو ڪريان تہ آءٌ توکي چندن چاريندس، باقي ٻيا سڀ اٺ ڀلي لاڻو (جهنگلي ٻوٽي جا پن) پيا کائن. او منھنجا اٺ (سچاساٿي)، مون کي ائين (اڏاري) کڻي هل جو جيئن رات اڃا باقي هجي تہ محبوب وٽ هلي پھچون.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود کنڀات، بيت نمبر : 1250
ڪَرَهَا ڪَسَرَ ڇَڎِ وِکَہ وَڌَدِيْ پَاءِ﮶
مُھْجُوْ هَلَنُ اُتَهٍ جِتٖيْ جَانِبَ جَاءِ﮶
تُوْکٖيْ چَندَنُ چَارِيَان ٻِئُوْ وَکُہ لَارِيْ کَاءِ﮶
اِيَھِيْ اُٽَ اُٽَاءِ تَہ هُنْدِيَ رَاتِ هُةِ مِرٌ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
कसर छडि॒ कंवाट। विखूं विझु वधंदियूं।
संईं सुपेरियन जी। विंगी भांइ म वाट।
छडि॒ झोरी डे॒ झाट। त हूंदीअ राति हुति मिडूं॒।
ROMAN SINDHI
Karahya kassar'a chadd, wikh'a wadhandi paa'e,
Muhinjo halann'u utheen, jity janib'a jaa'e,
Tokhy chandan'u chaariyaan, Biyo wagg'u lanni kha'e,
Aeheen uthh'a uthha'e, ta hoondi'a raat hut mirroon.
TRANSLATIONS
O camel! Shake off the apathy. Accelerate your pace. I want to go to the dwelling place of the beloved. Whereas the other camels are served with some saline shrub, I will put you on Sandal wood. Take me so quickly that I should meet my beloved by midnight.
Note: Replaced the concluding portion as under as per the Bombay and Mr. Trumpp’s editions respectively:آڌيءَ رات هُت مڙان
Oh camel! Lengthen your pace idleness leave,
Take me there where my love risides,
Sandal wood will be thy meal, when others salt bush eat,
Take me fast that this very night my love I may meet.
O camel, give up adolescence, stride fast,
I have to reach have where my beloved is,
I will feed you on sandalwood while rest of your herd graze Laano bush
Take me quickly so that I meet my beloved while it is still night.
يا جمل! اترك الكسل ولا تتكاسل أسرع إمش بخطرات سريعة.
أنا أريد أمشي إلى أماكن حبيبي.
هناك اطعمك خشبة الصندل وغيرك يأكل الخوض والأشنان.
نیابد سست رفتاری بی تیزی گام زن اشتر
روان ھستم بہ راہِ یار تاخیر از میان برکش
ترا صندل دھم گلّہ ھمہ اُشنان را خاید
ھمین شب بردرش برسان، دگر وھم و گمان برکش
سستی چھڈ پھرتی کر بوتے کاہلے پیر اٹھائیں
میں جانا ھے اوتھے اڑیا جتھے دل دا سائیں
سارا وگ تان لانا چبے، چنن تینوں کھوائیں
راتو رات پچائیں مینوں میل میت دا ہووے
اے مری ناقۂ صبا رفتار
بیش قیمت مہار لائوں گی
زر و لعل و گہر کے ہاروں سے
تیری گردن کو میں سجائوں گی
ڈالیاں نرم نرم، مہندی کی
اور چند تجھے کھلائوں گی
شرط یہ ہے کہ پاس ساجن کے
رات ہی رات میں پہنچ جائے
چھوڑ دے ساری سُستی ناقے!، تیز بڑھا تو گام،
جانا ہے اُس دیس مجھے، جہاں میرا گلفام،
چرے گا اب چندن ناقے!، گھاس سے اب کیا کام،
جب ہو رات کا دھام، تو پہنچا پاس پیا کے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آئُون اُڪَنڊِيائِي مَران، پِرِين ڀَلا…
- (بيت) آڻي ٻَڌُمِ وَڻَ جاءِ، مانَ…
- (بيت) اَڃا ٻُوۡرُ ٻِھاڻُ، ڌَڻِيَنِ ھَٿِ…
- (بيت) اَڄُ نَہ اڳِيئَن ڍارَ، ڪَرَھو…
- (بيت) اُٺَ نَہ وَڃي وَڳَ سين،…
- (بيت) اُٺَ نَہ وَڃي وَڳَ سين،…
- (بيت) اُٿِي اَڙائِينسِ، ڇڏِئو تان ڇيڪَ…
- (بيت) جِئان ڪوڙِ ٻَہ ڪاٺِيُون، پَنجين…
- (بيت) جِئان ڪوڙِ ٻَہ ڪاٺِيُون، پَنجين…
- (بيت) جِئان ڪوڙِ ٻَہ ڪاٺِيُون، پَنجين…
- (بيت) دُدَسَتِي دُپيرَ، سِيني سَنگهَرَ رُڪَ…
- (بيت) راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پَٽِنِ…
- (بيت) راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پِرتِ…
- (بيت) راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پِرتِ…
- (بيت) راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، ڀائِي…
- (بيت) سَچو پَسِي مُون سَڃِين، ڪَرَھا…
- (بيت) سِيني سَنگهَرَ سونَ جِي، ڳِچِيءَ…
- (بيت) لَڪَ لاکِيڻُو ڪَرَھو، ڪوڙِيُون ڏيئِي…
- (بيت) لَڪِ لاکِيڻو ڪَرَھو، ڪوڙِيُون ڏيئِي…
- (بيت) لَڪِ لاکِيڻُو ڪَرَھو، ڪوڙيِين ڏيئِي…
- (بيت) مَيا تو مَھارَ، سَڄِي پايان…
- (بيت) مَيا مَڃُ مِنَٿَ، اَڄُ مُنھِنجِي…
- (بيت) مَيو اَڳَ مَيو، چانگو چِني…
- (بيت) مَيي ماڪائِي، وِڌو واتُ وَلِيُنِ…
- (بيت) مِٺيُون لَھِي مُھان، جَي تو…
- (بيت) نَوَ نِيَرَ پائي، جان مُون…
- (بيت) نَوَ نِيَرَ ڏَھَ ڏاوِڻِيُون، پَنِرَھَ…
- (بيت) نَڪِي چَري ڪَرَھو، نَڪِي اوڳاري،…
- (بيت) نَہ ڪَنھِن ڀِنڀُولِئو ڪَرَھو، نَہ…
- (بيت) وَٽي سيٽَ سُوَٽَ، پاءِ پانھِنجي…
- (بيت) وَڏَپَڻَ ۽ واءُ، ڪَرَھي کاڏو…
- (بيت) وَڏَپَڻُ ۽ واءُ، ڪَرَھي کاڏو…
- (بيت) وِئا سي وَڳَ وَھِي، ڪَرَھي…
- (بيت) وِھي مَنجِهين وَڳَ، کَٿُورِيءَ ڏارَ…
- (بيت) ٻُوۡرُ نَہ چَري ٻُورُ، پَسِئو…
- (بيت) پَسِي ڳاڙھا گُلِڙا، ڪَرَھا ڪِيمَ…
- (بيت) پَلاڻِئو پِئو، اولاڻِئو نَہ اُٿِيي،…
- (بيت) ٿَرَ جَبَلَ رِڻَ روھَ، مَيي…
- (بيت) چانگا چَندَنُ نَہ چَرين، مَياپِيين…
- (بيت) چانگي چَئِي چُڪِياسِ، مَٿان اَڪَ…
- (بيت) چَري نَہ مِصرِيءَ سَنگَ، چَندَنَ…
- (بيت) کاءِ نَہ کَٽَڻَھارُ، چَندَنَ جا…
- (بيت) کاڻا لاڻا ڪَرَھا، چانگا ھَڏِ…
- (بيت) ڪامُون سَھُ مَ ڪَرَھا، بانٺا…
- (بيت) ڪَرَھا ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکُون وِجُهہ…
- (بيت) ڪَرَھا ڪَنگُوءَ ريٽَ ۾، لَکين…
- (بيت) ڪَرَھا ڪُرَ سُڃاڻُ، پِيَ ڪو…
- (بيت) ڪَرَھو توءِ نَہ مُون، وِئو…
- (بيت) ڪَرَھو نَہ ڪيڪانُ، پيرين آئوُن…
- (بيت) ڪَرَھو ڪَنگُوءَ ريٽَ تي، نيٽَ…
- (بيت) ڪَرَھي کي ڪَئِين، جان وِڌَمِ…
- (بيت) ڪَسَرَ ڇَڏِ ڪَنواٽَ، وِکون وِجُهہ…
- (بيت) ڪَنھِن ڀِنڀُولِيين ڪَرَھا، ڪَنِي ڪامَڻ…
- (بيت) ڪُڌا تُورا ڪَرَھا، ڇَڏِ لاڻِيءَ…
- (بيت) ڪِي جَو ڪيڏاھِين، چانگو چَکِي…
- (بيت) ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِي…
- (بيت) ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِيَنِ…
- (بيت) ھُونگَرَ ھَلايومِ، ڏِئو موڙَ مَھارَ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت


ھي کماج ٺاٺ جو راڳ نالي کماچ، کاڊو سمپورن راڳ آھي. ھن جي ڳائڻ جو سمو بہ اڌ رات کان پوءِ جو آھي. ھن راڳ جي سُرن جي بيھڪ ھيٺينءَ ريت آھي:
آروھي: سا گا ما پا ڌا ني سا
آوروھي: سا ني ڌا پا ما گا ري سا
ھن جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ اٿس.
