آگم ڪيو اچن...

Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words:
Lexical Words:*
Non-lexical words:**
Lexical Density:

* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection

   ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
ڀٽائي پيڊيا جو واٽس ائپ چئنل فالو ڪريو

QR Code of This Bait

- سُر يمن ڪلياڻ جَي صوفي ۽ طالب جو بيت

صُوفِي لاڪُوفِي، ڪونَہ ڀائيسِ ڪيرُ،
مَنجهان ئِي مَنجِهہ وِڙھي، پَڌَرِ ناھيسِ پيرُ،
جَنِي ساڻسِ ويرُ، ٿِئي تَنِي جو واھَرُو.

رسالن ۾ موجودگي: 88 سيڪڙو

سمجهاڻي

صوفي هر قسم جي فرقي بازي ۽ لڳ لاڳاپن کان آجو آهي ۽ کيس ڪوبہ پنھنجو واسطيدار ڪري ڪونہ ٿو سمجهي. هن جي سموري ويڙهاند پنھنجي نفس (پاڻپڻي ۽ هستيءَ جي گمان) سان آهي، جنھن جو ٻاهر ڪوبہ نشان ظاهر نظر نٿو اچي. اهو ئي سبب آهي جو جيڪي سندس دشمن آهن تن سان بہ (وقت اچڻ تي) وڃي مددگار ٿئي ٿو. (هو هر وقت بلند اخلاقيءَ جو مظاهرو ڪري ٿو)
[’صوفي‘ ۽ ’ڪوفي‘ لفظن جو اجتماع مثنويءَ جي هيٺين بيت ۾ ملي ٿو ۽ ’لاڪوفي‘ جي اصطلاح مان اهو ئي مطلب نڪري ٿو
گفت قاضي بسي تهي رو صوفي
خالي از فطنت چو کاف کوفي
(دفتر ششم ب 1650)
معنيٰ: قاضيءَ چيو تون ڏاڍو خشڪ ۽ بددماغ صوفي آهين. تون ڪوفيءَ جي ڪاف وانگر سمجهہ کان بلڪل خالي آهين.
مولانا روميءَ جي پيشرو حڪيم سنائي جنھن جا ڪيترا شعر مثنويءَ ۾ حوالي طور آندل آهن، جو هڪ شعر هن ريت آهي:
آيت کرد کوفي از صوفي،
عشق ورائي قريشي و کوفي.
معنيٰ: هڪڙي صوفيءَ کان ڪوفي جي رهاڪو اها ڳالهہ ٻڌي تہ عشق قريشي ۽ ڪوفين جي وس کان ٻاهر آهي.
ليڪن تصوف جي تاريخ ۾ جنھن شخص کي سڀ کان پهرين صوفي جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو، اهو ’ابو هاشم‘ هو، جنھن جو تعلق ڪوفي جي شهر سان هو.]

[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]

The sufi rejects the idea of sectarianism, keeping his creed unknown to others** Within his thoughts, he consistently engages in an internal battle against his own lower nature** His endeavors remain entirely concealed and inconspicuous** Moreover, he remains steadfast in guarding his secrets and maintains a friendly disposition even towards those who harbor hostility towards him**

گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1009

صُوْفِيْ لَاڪُوْفِيْ ڪُوْنَ ڀَائِسِ ڪٖيْرُ﮶
مَنجَاءٍ مَنجِ وِرٖيْ پَڌَرِ نَاهِسِ پٖيْرُ﮶
جَنٍ سَانُسِ وٖيْرُ ٿِي﮼ تَنٍ جُوْ وَاهَرُوْ﮶

TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी

स़ोफ़ी ला कूफ़ी। कोन भाइसि केरु।
मंझाँ ई मंझि विड़िही। पधरि नाहेसि पेरु।
जनी साणसि वेरु। थिए तनी जो वाहरू॥

ROMAN SINDHI

Sufi La'Kufi, ko na bhayes ker'u,
ManJhaan ee manJh wirrhe, padhar naahes per'u,
Janee saann's wer'u, thiye tanee jo waah'roo.

TRANSLATIONS
  • Abkhaz
  • Acehnese
  • Acholi
  • Afar
  • Afrikaans
  • Albanian
  • Alur
  • Amharic
  • Arabic
  • Armenian
  • Assamese
  • Avar
  • Awadhi
  • Aymara
  • Azerbaijani
  • Balinese
  • Baluchi
  • Bambara
  • Bashkir
  • Basque
  • Batak Toba
  • Batak Karo
  • Batak Simalungun
  • Belarusian
  • Bemba
  • Berber
  • Betawi
  • Bhojpuri
  • Bosnian
  • Breton
  • Bulgarian
  • Buryat
  • Cantonese
  • Catalan
  • Cebuano
  • Central Bikol
  • Chamorro
  • Chechen
  • Chichewa
  • Chinese (Simplified)
  • Chinese (Traditional)
  • Chuukese
  • Chuvash
  • Corsican
  • Crimean Tatar (Cyrillic)
  • Crimean Tatar (Latin)
  • Croatian
  • Czech
  • Danish
  • Dari
  • Dhivehi
  • Dinka
  • Dogri
  • Dombe
  • Dutch
  • Dyula
  • Dzongkha
  • English
  • Esperanto
  • Estonian
  • Ewe
  • Faroese
  • Fijian
  • Filipino
  • Finnish
  • Fon
  • French
  • French (Canada)
  • Frisian
  • Friulian
  • Fulani
  • Ga
  • Galician
  • Georgian
  • German
  • Greek
  • Guarani
  • Gujarati
  • Hakha Chin
  • Haitian Creole
  • Hausa
  • Hawaiian
  • Hebrew
  • Hiligaynon
  • Hindi
  • Hmong
  • Hunsrik
  • Hungarian
  • Iban
  • Icelandic
  • Igbo
  • Ilocano
  • Indonesian
  • Inuktut (Syllabics)
  • Inuktut (Latin)
  • Irish
  • Italian
  • Jamaican Patois
  • Japanese
  • Javanese
  • Jingpo
  • Kalaallisut
  • Kannada
  • Kanuri
  • Kapampangan
  • Kazakh
  • Khasi
  • Kiga
  • Kikongo
  • Kinyarwanda
  • Kituba
  • Konkani
  • Korean
  • Krio
  • Kurdish (Kurmanji)
  • Kurdish (Sorani)
  • Kyrgyz
  • Lao
  • Latin
  • Latgalian
  • Latvian
  • Ligurian
  • Limburgish
  • Lingala
  • Lombard
  • Luo
  • Luxembourgish
  • Macedonian
  • Madurese
  • Malagasy
  • Malay
  • Malay (Jawi)
  • Malayalam
  • Mam
  • Manx
  • Maori
  • Marathi
  • Marwadi
  • Mauritian Creole
  • Meadow Mari
  • Meiteilon (Manipuri)
  • Minang
  • Mizo
  • Mongolian
  • Myanmar (Burmese)
  • Ndau
  • Ndebele (South)
  • Nepali
  • Nepalbhasa (Newari)
  • NKo
  • Nuer
  • Occitan
  • Odia (Oriya)
  • Oromo
  • Ossetian
  • Pangasinan
  • Papiamento
  • Pashto
  • Persian
  • Polish
  • Portuguese (Brazil)
  • Portuguese (Portugal)
  • Punjabi (Gurmukhi)
  • Punjabi (Shahmukhi)
  • Quechua
  • Romani
  • Rundi
  • Russian
  • Samoan
  • Sanskrit
  • Santali (Latin)
  • Santali (Ol Chiki)
  • Scots Gaelic
  • Sepedi
  • Serbian
  • Seychellois Creole
  • Shan
  • Shona
  • Sicilian
  • Silesian
  • Sinhala
  • Slovak
  • Slovenian
  • Somali
  • Spanish
  • Sundanese
  • Susu
  • Swahili
  • Swati
  • Swedish
  • Tahitian
  • Tamazight
  • Tamazight (Tifinagh)
  • Tamil
  • Tatar
  • Telugu
  • Tetum
  • Thai
  • Tibetan
  • Tigrinya
  • Tiv
  • Tok Pisin
  • Tongan
  • Kokborok
  • Tsonga
  • Tshiluba
  • Tulu
  • Tumbuka
  • Turkish
  • Turkmen
  • Tuvan
  • Twi
  • Udmurt
  • Ukrainian
  • Urdu
  • Uyghur
  • Uzbek
  • Venda
  • Venetian
  • Vietnamese
  • Waray
  • Welsh
  • Wolof
  • Xhosa
  • Yakut
  • Yiddish
  • Yoruba
  • Yucatec Maya
  • Zapotec
  • Zulu

  • The sufi does not believe in sectarianism. No one knows his creed. In his mind he is ever busy with war with his baser-self. His activities are absolutely secret and unobtrusive. Besides he betrays nothing. He is friendly to those who are hostile to him.

    Sufi is not limited by religious bounds,
    He discloses not the war he wages in his mind،
    Helps and assists those who with him fight.

    Sufi has no sect, and no one knows his creed,
    Within himself he is at war with himself, but never lets on,
    He is pathfinder even for those who nourish malice against him.


    صوفى لا دين له لا يدرك أي واحد هو سريا يقاتل مع النفس ولا يبدي أبدا.
    الذين معم عداوة هو معينهم ومؤيدهم.
    وهو يتطلع دائما إلى الأبعد.
    الأكثر غيبا ويحيا مشددودا إلى الجانب الخفى الآخر من هذا العالم.


    نداند کس کہ صوفی کیست، مسلک چیست صوفی را
    چہ می دارد چہ می خواھد، چرا غافل زجانِ خویش
    خبر دارم کہ صوفی در ستیز اندر بطونِ خود
    بخود جنگد مگر صلحش بود با دشمنانِ خویش


    کیہڑے مت داھے اوہ صوفی ایہہ گل کسے نا جانی
    نال نفس دے آپنے اندر، رکھدا ایہہ جنگ ٹھانی
    ویری نال نا ویر کماوے، ریہندا حامی بھردا


    کیا کہوں رمزِ صاحبِ عرفاں کوئی اس کے رموز کیا جانے
    اپنی ہستی سے جنگ ہو جس کی دشمنوں کو جو دوست گردانے

    صوفی ہے لاکوفی اس کا، مسلک کیا مذہب،
    اپنے من میں ہی محشر ہے، ظاہر سے کیا مطلب،
    اِن کی ریت عجب، بیَری کو بھی راہ دکھائیں۔

      ھِن سُر جي راڳ بابت

    يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ

    ٺاٺ: ڪلياڻ 

    سُرن جي بيھڪ: 

    آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا

    آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا

    ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي. 

    (ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)