Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر حسيني جَي بُرو ھو ڀنڀور جو بيت
گهورِئو ھِيءُ ڀَنڀورُ، مُون سَگُ ٻاروچَن سين،
آھي آرِيچَنِ جو، ديوانِيءَ کي دورُ،
سَندو ھوتَنِ ھورُ، مَرڪُ ٿِئو مَعذُورِ کي.
رسالن ۾ موجودگي: 38 سيڪڙو
سمجهاڻي
(سسئي ٿي چوي) مون هي ڀنڀور (جھان) گهوري ڦٽو ڪيو آهي، ڇو تہ منھنجو رشتو هوت پنهل سان آهي، مون ديوانيءَ تي هن سڄڻ جي سڪ جو نشو هر وقت ڇانيل آهي. مون لاءِ هر وقت اهو خوف يا ڊپ ئي باقي بچيو آهي، تہ هوت ڏاڍا آهن ( هو ڏاڍي ذات وارا آهن ۽ آءٌ ڏاڍي ڪمزور آهيان)
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 186
کُوْرِئُوْ هِيْ بَنْڀُوْرُ مُنْ سَنکُہ ٻَارُوْچَنِس﮼﮶
آَهٖيْ آَرِيْجَنِجُوْ دٖيْوَانِيَکٖيْ دُوْرُ﮶
سَندُوْ هُوْتَنِ هُوْرُ مَرَڪُ ٿِئُوْ مَعْذُوْرِ کٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
घोरिओ हीउ भंभोरु। मूं सगु बा॒रोचन सें।
आहे आरीचनि जो। देवानीअ खे दोरु।
संदो होतनि होरु। मर्कु थिओ माज़ूरि खे।
ROMAN SINDHI
ghhori'o hee'u bhanbhor'u, moo'n sag'u Baarochan see'n,
aahay aarechan'ay jo, deewani'a khhay dor'u,
sando hotan'ay hor'u, mark'u thi'o Ma'zoor'ay khhay.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اُجاڙان ڀَنڀورُ، سَرَتِيُون سَکَرُ ڀانيان،…
- (بيت) بُرو ھو ڀَنڀورُ، آرِياڻِيءَ اُجارِئو،…
- (بيت) جَنِي ديکِئو دِلِ سين، پُٺِيءَ…
- (بيت) لَڄايا مُنھان، ساجُهرِ ٿي سيڻَ…
- (بيت) وَرُ لَڪَنِ جِي لوڏَ، گهورِيا…
- (بيت) ڀينَرُ ڀَنڀوران، ڀَڄو تان اُبَھو،…
- (بيت) ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، دوزَخَ…
- (بيت) ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهايَلِ…
- (بيت) ڀَنڀوران اُجاڙَ، سَرَتِيُون سَکَرُ ڀانيان،…
- (بيت) ڀَنڀوران ٻاھَرِ ٿِي، اَمَڙِ مُون…
- (بيت) ڀَنڀوران ٻاھَرِ ٿِي، مُون جٖي…
- (بيت) ڀَنڀورَ جَنِ سُکَنِ، مُون کي…
- (بيت) ڀُلِئو سَڀَ ڀَنڀورُ، جو پُٺِيءَ…
- (بيت) ڇڏِئو جَنِ ڀَنڀورُ، ڇَپَرُ تَنِ…
- (بيت) ڪو گهُمَندي گهورُ، آيُمِ ٻاروچَنِ…
- (بيت) ڪُلِهين ڦاٽو ڪَنجِرو، مَٿو اُگهاڙو،…
