Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
- سُر آسا جَي پاڻ پردو پاڻ جو بيت
سَڀَ ٿِئاسُون سُپِرِين، وِئاسُون پاڻان،
پانھِنجي ڄاڻان، رَتِي رَھِي نَہ ھيڪَڙِي.
رسالن ۾ موجودگي: 29 سيڪڙو
سمجهاڻي
اسين جڏهن پنھنجو پاڻ کان وياسون يا اسين پاڻپڻي کان الڳ ٿياسون (فنا يا نيست ٿياسون) تڏهن اسان لاءِ سڀ ڪجهہ سپرين ٿي پيو (اهوئي اسان لاءِ هر قسم جو آسرو ۽ آڌار بنجي ويو)، هاڻي اسان وٽ پاڻپڻي يا خوديءَ جي ٿوري ذري بہ نہ بچي آهي.
[تصوف جو هيءُ مرڪزي نڪتو آهي، جنھن کي مثنوي روميءَ ۾ ڪيترن ئي طريقن سان سمجهايو ويو آهي، هيءُ شعر ڏسو:
برمن از هستي من جُز نام نيست،
درو جودم جُز تواي خوش کام نيست.
(دفتر، ب-2033)
معنيٰ: مون ۾ منھنجي وجود جو صرف نالو آهي. اي خوش نصيب، منھنجي اندر ۾ تو کان سواءِ ٻيو ڪوئي ناهي (منھنجي مٿان رڳو نالو آهي، باقي سموري هستي تنھنجي آهي).]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود آسا، بيت نمبر : 3441
سَڀْ ٿِئَاسٌ سُپِرٍ وِئَاسٌ پَانَا﮶
پَاهِجٖيْ ڃَانَا رَتِيْ رَهِيْ نَھٖيْڪَرِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सभि थिआसूं सुप्रीं। विआसूं पाणां।
पांहिंजे जा॒णां। रती रही न हेकड़ी॥
ROMAN SINDHI
Sabh'a thiyasoon supireen, wiyasoon pannaan,
Paanhinjee Jhhannaan, ratee rahee na hekrree.
TRANSLATIONS
اپنی ہستی سے ہوگئے بیزار
آپ ہی بن گئے جمالِ یار
اے غم عشق یہ کرم ہے ترا
مٹ گئے ہیں خودی کے سب آثار
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَسِين سِڪُون جَنِ کي، اَسِين…
- (بيت) اَندَرِ وِھارِيين ڪانءُ، ٻَھَرِ ٻولِي…
- (بيت) اِيئَن چَوَندِي ڪيرَ، تَہ ٿِيَسِ…
- (بيت) تاڙَ ڇَڏي ڄاڻَ سِکُ، مِتِيُون…
- (بيت) سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾، پِرِين…
- (بيت) لوڏاڻي لَکُ لَھي پاٻوھِئو ڪِروڙَ،…
- (بيت) لُڏِي آيا لالَ، پاٻُوھي پَيدا…
- (بيت) مَڇُڻ ڀانيَين تُون، تَہ ٿِيَسِ…
- (بيت) مُحِيطا مَوجَ ٿِي، توحِيدُ ٿِئو…
- (بيت) پاڻُ پَردو پاڻَ کي، سُڻِي…
- (بيت) پاڻُ پَردو پاڻَ کي، طالِبَ…
- (بيت) ڦَيرِ مَ تُون اُبَتِ، کَڻُ…
- (بيت) ڪانءُ ڪوھُ پَرُوڙي، ڪِ پَڙِهئا…
- (بيت) ڪِھَڙو ٿِئو سُنَّتَ جو، طالِبَ…
- (بيت) ھُتي تان نَہ ھُئا، ھِتِ…
- (بيت) ”آئُون“، ”اَسِين“ جَنِ، ھَميشه ھُوندو،…
- (بيت) ”مُون“ مُونھِين کي جُڳاءِ، ”مُون“…
- (بيت) ”مُون“ ”تُون“ ”آئُون“ ”اَسِين“، چارَئِي…
