سوجهي جي سنڌي معنيٰ
خبر، سڌ، ڄاڻ، آگاھي، ادراڪ، پروڙ، ٻوجهہ، پُرجهہ، معلومات. سياڻپ، سمجهہ، عقل، ڌيان، فھم، ذِھن.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Sharpness or brightness of intellect, intelligence, sagacity.
سوجهي جا بيتن ۾ حوالا
آڇاڙا عَمِيقَ جا، گَڏِئا غَواصَنِ،
جُهڙِيُون جهاڳي آيا، ڪارُونڀارَ ڪُنَنِ،
سَمُنڊُ سوجهي جَنِ، آڻي اَمُلَ اولِئا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 14 ]
جُهڙِيُون جهاڳي آيا، ڪارُونڀارَ ڪُنَنِ،
سَمُنڊُ سوجهي جَنِ، آڻي اَمُلَ اولِئا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 14 ]
وِئا جي عَمِيقَ ڏي، مُنھِن ڪائو ڏيئِي،
تَنِ سِپُون سوجهي ڪَڍِيُون، پاتاران پيھِي،
پَسَندا سيئِي، اَمُلَ اَکَڙِيُنِ سين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 15 ]
تَنِ سِپُون سوجهي ڪَڍِيُون، پاتاران پيھِي،
پَسَندا سيئِي، اَمُلَ اَکَڙِيُنِ سين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 15 ]
سَڄو تان سَؤُ لَکَنِ لَھي ڀَڳو تان نِيلُنِ،
ماڻِڪُ مُلَهان وِتَرو، چَيو ڌُرِ ڌَڻِيَنِ،
سوجهي صَرافَنِ، بي بَھا بَسِ ڪِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 26 ]
ماڻِڪُ مُلَهان وِتَرو، چَيو ڌُرِ ڌَڻِيَنِ،
سوجهي صَرافَنِ، بي بَھا بَسِ ڪِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 26 ]
ھوتُ تُنھِنجي ھَنجَ ۾، پُڇين ڪوھُ پَھِي؟
وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ ، سوجهي ڪَرِ سَھِي،
ڪَڏِھِين ڪا نَہ وَھِي، ڪا ھوتُ ڳولَڻَ ھَٽَ تي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 13 ]
وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ ، سوجهي ڪَرِ سَھِي،
ڪَڏِھِين ڪا نَہ وَھِي، ڪا ھوتُ ڳولَڻَ ھَٽَ تي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 13 ]
مِيين ۽ مَڱڻي، ڪا جَا ڳالِهہ ڳُجِهي،
سا ٻائِنِ دائِنِ ٻانِهنِ، سوجهي تان نَہ سُجِهي،
پِئا وِيرَ وِماسَ ۾، عاقِلَ وِئا اُجِهي،
ڪوڙيِين جِي ڪَرِيمَ ري، ويئِي مَتِ مُنجِهي،
ھِڪَ ٻِيجَلِئي ٻُجِهي، ٻِي خَبَرَ آھِ کَنگهارَ کي.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 9 ]

کاھوڙِي کَرا، سُوڌِي خَبَرَ پَکَڻين،
سوجهي جَنِ ڪِئا، مَٿي اَنگهُنِ آھيرا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 19 ]
سوجهي جَنِ ڪِئا، مَٿي اَنگهُنِ آھيرا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 19 ]
اَکِيُنِ کي آئُون، جان ڪي جَهلُون پايان،
رَءِ جَنھِن جي رَتِيُون، سوجهي سُوٺائُون،
پَسَنِ پَراھُون، اورانگهِئو عالَمَ تان.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 23 ]
رَءِ جَنھِن جي رَتِيُون، سوجهي سُوٺائُون،
پَسَنِ پَراھُون، اورانگهِئو عالَمَ تان.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 23 ]
سينڌو ھُئَين صَرافَ سين، تَہ ھُوندَ ٿِئَين ھِيئَن،
جيڪُسِ جَوھَرِيَنِ سين، ڪِينَ گُذارِيَئيِ ڏِينھَن،
جَبَلَ مَنجهان جِيئَن، سوجهي ڪَڍِيائُون سونَ کي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 21 ]
جيڪُسِ جَوھَرِيَنِ سين، ڪِينَ گُذارِيَئيِ ڏِينھَن،
جَبَلَ مَنجهان جِيئَن، سوجهي ڪَڍِيائُون سونَ کي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 21 ]
ساٿَر صِحَتَ سُپِرِين، آھي نَہ آزارُ،
مَجلِسَ ويرَ مِٺو ٿِئي، ڪوٺِيندي قَھارُ،
خَنجَرُ تَنھِن خُوبُ ھَڻِي، جَنھِن سين ٿِئي يارُ،
ساجَنُ رَبُ سَتارُ، سوجهي رَڳُون ساھَ جُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 5 ]