ڀانيَين بابت
معنيٰ
سمجهين، ڀانئين، محسوس ڪرين، پاڻ کي سمجهڻ، آپو. هستي. خود پسندي. هٺ، مغروري
Feel, understand, self praise, self identification, determination
بيتن ۽ وائين ۾
- اَڳِئان اَڏِنِ وَٽِ، پويَنِ سِرَ سَنباھِئا، ڪاٽِ تَہ پوءِ قَبُولَ ۾، مَڇُڻ ڀانيَين گهَٽِ، مَٿا مَھايَنِ جا، پِئا نَہ پَسيين…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- جَي ڀانيَين پِرِينءَ مِڙانَ، سِکُ چوَران ڪِي ڏاتِ، جاڳَڻُ جَشَنُ جَنِ کي، سِڪَڻُ سَڄَيائِي راتِ، اُجهِي ٻُجِهي آيا، وائِي ڪَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- نَڪو سُکُ نَکَٽين، نَہ ويساندِ نَئِين، جيڪا اَچي سامُهِين، ڀانيَين سا سَنئِين، مُوڙِيءَ ڪوھُ مَئِين، جِيئَن سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- اِي ھَلُ ھوتَنِ ڪارَڻِ حالَ، شالَ سَڳَر ٿِيندِينءَ ساٿَ جي، پيرَ پانھِنجي پِرِينءَ لَئي، ڪوڏِ رَتائِين ڪالَهہ، چَڙَھَندي سِرِ چوٽِيين،…[ سُر معذوري - وايون ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ سَڱَ سَڀَيئِي ڇِنُ، وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي، نانگا ڪِيمَ نِنُ، پَٽِ تَنِي جي پِنُ، جَنِي…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ سَڱَ ميڙيئي ٽوڙِ، جَنِ ڄَڻِئو نَہ ڄاپِئا، جِيءُ تَنِي سين جوڙِ، تَہ تُون پَھچين توڙِ،…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ سَڱَ سَڀَيئِي ڇَڏِ، اوڏو ٿِيءُ اَلِفَ کي، مَنُ مِيمَ سين گَڏِ، ھِئان لاھُوتِي لَڏِ، تَہ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، نَہ سِڱِيُون سيلِهيُون ڇَڏِ، دُونھِيَئُون دُورِ ٿِي، مَڙِهي مُورُ مَ اَڏِ، سُپيرِيان جي سَڏِ، نانگا اونءُ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ سِنڱي سالَ وَڄاءِ، مالا ڦيرِجِ مَنَ ۾، ڌَڙَ کي ڌُوڙِ مَ لاءِ، ويراڳَڻِ وُجُودَ، کي،…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ مُنھَن ۾ مُنڊائُون پاءِ، ڪَنَنِ ڪِينَ وِڃائِيو، جَنِ ۾ ڪوري ڪَڪَرَ وِڌاءِ، ڇَڏِ چادَرَ ٻَنِ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ ڪُتا ڪِيمَ بَهاءِ، مَڙِهيءَ ۾ ماٺِ ڪَري، ويھِي تَندُ وَڄاءِ، سامِي ساکَ سَندِياءِ، پُورَڀِ ٿِيي…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، مَڙُه پُوري مَنجِهہ مارِ، دائِما دُونھِين دِلِ ۾، مَنَ ۾ مالا وارِ، سَھُ سَڀَڪا آرِ، آگي…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، طَمَعُ ڇَڏِ تَمامُ، گولا جٖي گولَنِ جا، ٿِيءُ تَنِ جو غُلامُ، صَبُرُ جي شَمشِيرَ سين، ڪَرِ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَرَڪُ طَمَعُ کي ڪَرِ، وَڍي وَھمَ وُجُودَ جا، خاصي ڌِيانِ ڌَرِ، ڪَنھِن پَرِ پهچين پَرِ، لِکِجين…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، ٿِيءُ گُروءَ جي گَسِ، ڏُکُ پاڻَ کي ڏَسِ، ھِنگلاجَ جي ھَلَڻَ جو.[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ پَرِ گُرُوءَ جِي پارِ، ھَوائُون ھِنگلاجَ ڏي، وِيندي سَڀَ وِسارِ، نانگا ناٿُ نِھارِ، سامِي وَڏِيءَ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ پَرِ ڪَلمي جِي پارِ، پَنجَنِ سين پُورو رَھُ، آيا ٽِيھَ مَ ٽارِ، تَڏِھِين ڌاڳا ڌارِ،…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ دِلِ ۾ ديڳِ چاڙِه، جيرا جِگرَ بُڪِيُون، ڦِڦِڙَ ڦوڙي ٻارِ، تَہ قادِرُ تُنھِنجِي ڪارِ، خالِقُ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ ڪِينَ پِيالو پِيءُ، ”ناھِ“ نِھاري ھَٿِ ڪَرِ، آئُون اِتِ نَہ ٿِي، سَندو وَحدَتَ وِيءُ، طالِبَ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، وَٺِي وَحدَتَ ويھُ، اُونُهون مُلڪُ اللهَ جو، ڪَنھِن ڇُلِي ڏِٺو نَہ ڇيھُ، ماٺِ مَڙِهيءَ ۾ پيھُ،…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ جُهونُو ٿِي ڄُلُ، وَسائيج وُجُودَ ۾، اَٺَئِي پَھَرَ امُلُ، تَہ سَندو ھائِيءَ ھُلُ، ڪَڏِھِين ڪَنين…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ ھُوندَنِ جِيئَن مَ ھو، توکي ويسَ وِڃايو، ويسُ وِڃايو تو، سامِي آھي سو، جَنھِن مَڙُه…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- اَسان تُونھِين تُون، توھُ تُنھِنجو آسِرو، تَنَ اَندَرِ تَعويذُ ڪَري، مَڙِهئو آھي مُون، مَڇُڻ ڀانيَين تُون، تَہ ڪِ ويَڙين وِسَرِي.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- پيرِين ۽ ڀانيَين، اِيئَن وِڏو ھِيُئِي ڪانڌُ، ويٺِي وارِ اَرٽَ سين، ڳِچِيءَ پايو پاندُ، تَہ تُنھِنجو وِڙواندُ، ڪِتو وِتو نَہ…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- عَينُ شِرڪُ اِيءُ، جِيئَن بي شِرڪُ ڀانيَين پاڻَ کي، وِڃائي وُجُودَ کي، پاڻان پاسي ٿِيءُ، ھَڏِھِين ڪونِهي ھِيءُ، ھُو پُڻ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- مَڇُڻ ڀانيَين تُون، تَہ ٿِيَسِ ساڃارِي سين سَڄَڻين، رُوندِيُون ڏِٺِيُون مُون، اِنَ دَرَ مَٿي دادُلِيُون.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]