ڀانيَين جي سنڌي معنيٰ
سمجهين، ڀانئين، محسوس ڪرين، پاڻ کي سمجهڻ، آپو. هستي. خود پسندي. هٺ، مغروري
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Feel, understand, self praise, self identification, determination
ڀانيَين جا بيتن ۾ حوالا
اَڳِئان اَڏِنِ وَٽِ، پويَنِ سِرَ سَنباھِئا،
ڪاٽِ تَہ پوءِ قَبُولَ ۾، مَڇُڻ ڀانيَين گهَٽِ،
مَٿا مَھايَنِ جا، پِئا نَہ پَسيين پَٽِ،
ڪَلاڙَڪي ھَٽِ، ڪُسَڻَ جو ڪوپُ وَھي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 17 ]

نَڪو سُکُ نَکَٽين، نَہ ويساندِ نَئِين،
جيڪا اَچي سامُهِين، ڀانيَين سا سَنئِين،
مُوڙِيءَ ڪوھُ مَئِين، جِيئَن سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 13 ]

اِي ھَلُ ھوتَنِ ڪارَڻِ حالَ، شالَ سَڳَر ٿِيندِينءَ ساٿَ جي،
پيرَ پانھِنجي پِرِينءَ لَئي، ڪوڏِ رَتائِين ڪالَهہ،
چَڙَھَندي سِرِ چوٽِيين، لَڪَنِ ڪِئَڙُسِ لالَ،
ڪيچان آيو قافِلو، مَيَنِ مَٿي مالَ،
اِيندِيَئِي بُوءِ بوتَنِ جِي، جَهلِجِ پَٻَ پِيالَ،
جِتي جَمازَنِ کي، جَبَلَ ٿِيَنِ جَنجالَ،
پُڇي پيادَنِ کي، آرِياڻِي اَحوالَ،
جي ڀانيَين جَتَنِ جي، ويجهِي ٿِيان وِصالَ،
پُرِي پَٻَ وَرَنِ ۾، وِجِهِجِ ڪا وَڙالَ.
[ سُر معذوري، وايون، 2 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ سَڱَ سَڀَيئِي ڇِنُ،
وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي، نانگا ڪِيمَ نِنُ،
پَٽِ تَنِي جي پِنُ، جَنِي ٻُجِهي نَہ ٻُجِهئو.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 1 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ سَڱَ ميڙيئي ٽوڙِ،
جَنِ ڄَڻِئو نَہ ڄاپِئا، جِيءُ تَنِي سين جوڙِ،
تَہ تُون پَھچين توڙِ، مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 2 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ سِنڱي سالَ وَڄاءِ،
مالا ڦيرِجِ مَنَ ۾، ڌَڙَ کي ڌُوڙِ مَ لاءِ،
ويراڳَڻِ وُجُودَ، کي، صَبُرُ جِي سَھاءِ،
تَہ سامِيَڙا سَندِياءِ، گُرَ وَٽِ گِلا نَہ ٿِئي.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 5 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ مُنھَن ۾ مُنڊائُون پاءِ،
ڪَنَنِ ڪِينَ وِڃائِيو، جَنِ ۾ ڪوري ڪَڪَرَ وِڌاءِ،
ڇَڏِ چادَرَ ٻَنِ چَمِڙو، جُتِي تو نَہ جُڳاءِ،
سامِيڙا سَندِياءِ، گُرَ وَٽِ گِلا نَہ ٿِيي.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 6 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ ڪُتا ڪِيمَ بَهاءِ،
مَڙِهيءَ ۾ ماٺِ ڪَري، ويھِي تَندُ وَڄاءِ،
سامِي ساکَ سَندِياءِ، پُورَڀِ ٿِيي پَڌِرِي.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 7 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، مَڙُه پُوري مَنجِهہ مارِ،
دائِما دُونھِين دِلِ ۾، مَنَ ۾ مالا وارِ،
سَھُ سَڀَڪا آرِ، آگي جِي اَدَبَ سين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 8 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، طَمَعُ ڇَڏِ تَمامُ،
گولا جٖي گولَنِ جا، ٿِيءُ تَنِ جو غُلامُ،
صَبُرُ جي شَمشِيرَ سين، ڪَرِ ڪِيني کي قَتَلامُ،
تَہ نانگا تُنھِنجو نامُ، لِکِجي لاھُوتَ ۾.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 9 ]