سِٽَ جي سنڌي معنيٰ
عبارت، لکت، اکرن جي لکت، لکيل ڳالهہ، لکت جي لڪير
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A line in writing neatness, correct taste, order, method. Commencement, beginning.
سِٽَ جا بيتن ۾ حوالا
وِسَرِئومِ سَبَقُ، پھرِين سِٽَ نَہ سَنبِران،
اَڃا ھِيءُ وَرَقُ، ھَئَي مُطالِعُ نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 3 ]
اَڃا ھِيءُ وَرَقُ، ھَئَي مُطالِعُ نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 3 ]
پوکَ جَا پَڙَهڻَ جِي، ”لا“ سين وِجُهہ لُڻِي،
لَمْ یَڪُنِ الَّذِیْنَ ڪَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْڪِتابِ ، آگي آيَتَ موڪِلِيِ ڌُرِيائيِن ڌُڻِي،
اِھا سِٽَ سُڻِي، مُون وَرَقَ سَڀَ وِسارِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 29 ]
لَمْ یَڪُنِ الَّذِیْنَ ڪَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْڪِتابِ ، آگي آيَتَ موڪِلِيِ ڌُرِيائيِن ڌُڻِي،
اِھا سِٽَ سُڻِي، مُون وَرَقَ سَڀَ وِسارِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 29 ]
سا سِٽَ نَہ سارِينِ اَلِفُ جَنھِن جي اَڳَ ۾،
ناحَقُ نِھارِينِ، پَنا ٻِئا پِرِينءَ لَيءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 5 ]
ناحَقُ نِھارِينِ، پَنا ٻِئا پِرِينءَ لَيءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 5 ]
سِٽَ سائِي سارِ، اَلِفُ جَنھِن جي اَڳَ ۾،
مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي، وَرَقُ سوئِي وارِ،
ناحَقِ ڪِيمَ نِھارِ، پَنا ٻِئا پِرِيَنِ لَيءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 6 ]
مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي، وَرَقُ سوئِي وارِ،
ناحَقِ ڪِيمَ نِھارِ، پَنا ٻِئا پِرِيَنِ لَيءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 6 ]
سا سِٽَ سارِئائُون، اَلِفُ جَنھِن جي اڳَ ۾،
لا مَقصُودُ فِي الدارَينِ ، اِنَ پَرِ اُتائُون،
سَڳَرُ سُوٺائُون، ٿِئا رَسِيلا رَحمانَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 7 ]
لا مَقصُودُ فِي الدارَينِ ، اِنَ پَرِ اُتائُون،
سَڳَرُ سُوٺائُون، ٿِئا رَسِيلا رَحمانَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 7 ]
مُلان ڪوھُ مارِين، کارِين کُٿابِيَنِ کي،
وَرَقَ جٖي وِصالَ جا، پَنا سي نَہ پاڙِھِين،
سا سِٽَ نَہ سيکارِين، جَنھِن ۾ پَسَنِ پِرِينءَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 36 ]
وَرَقَ جٖي وِصالَ جا، پَنا سي نَہ پاڙِھِين،
سا سِٽَ نَہ سيکارِين، جَنھِن ۾ پَسَنِ پِرِينءَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 36 ]
لَڪِ لاکِيڻُو ڪَرَھو، ڪوڙيِين ڏيئِي ڇوڙِ،
ايَهِي سِٽَ سَيِّدُ چئَي، جيھَيين تيھَيين جوڙِ،
تُرتُ رَساڻي توڙِ، پَلاڻِئو تَہ پِرِينءَ مِڙي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 58 ]
ايَهِي سِٽَ سَيِّدُ چئَي، جيھَيين تيھَيين جوڙِ،
تُرتُ رَساڻي توڙِ، پَلاڻِئو تَہ پِرِينءَ مِڙي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 58 ]
جِھَڙِي لالِي لاکَ جِي، تِھَڙِي سارَنگَ سِٽَ،
اِيئَن سي اُٻُنِ اَنگِئا، جِيئَن سي چُنِيءَ چِٽَ،
بَرَسِئو پاسي ڀِٽَ، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 2 ]
اِيئَن سي اُٻُنِ اَنگِئا، جِيئَن سي چُنِيءَ چِٽَ،
بَرَسِئو پاسي ڀِٽَ، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 2 ]
جُهوڙا جَنِ جُهلُنِ ۾، ھيري لَکَ ھَزارَ،
وِڙِھِئا واٽَ وَڻَنِ جا، پُنهونءَ کي پالارَ،
آن ڪي ويندا گَڏِئا، ايھِيءَ سِٽَ سُوارَ،
ويئِي ڪالَهہ قَطارَ، تُون آئِي اَڄُ نِھارِيين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 22 ]
وِڙِھِئا واٽَ وَڻَنِ جا، پُنهونءَ کي پالارَ،
آن ڪي ويندا گَڏِئا، ايھِيءَ سِٽَ سُوارَ،
ويئِي ڪالَهہ قَطارَ، تُون آئِي اَڄُ نِھارِيين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 22 ]
مَٿِئان مَٿي مَچُ، ٻَرِئُمِ ٻاروچَنِ جو،
مُون کي طَعنا تي ڏِئو، جي نَہ پَروڙِئو سَچُ،
اَمَڙِ اورِي اَچُ، تَہ سِٽَ سُڻائِيين سُورَ جِي.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 2 ]