مَلِيرُ جي سنڌي معنيٰ
سرسبز ملڪ، آباد ملڪ. هڪ نئين جو نالو. هڪ ڳوٺ جو نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Green country, populated country. The name of a village.
مَلِيرُ جا بيتن ۾ حوالا
وَطَنُ مُون مَلِيرُ، قَضا آندِيَسِ ڪوٽَ ۾،
اَصلِ مُنھِنجي اَنگَ ۾، جُڙِئو ھو زَنجِيرُ،
چانڪ پِيئَندِيَسِ پِرِينءَ سين، پائُرَ جو پَنِيرُ،
ھاڃا ڪِئو حَمِيرُ، باللہ ني ٿو بَندَ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 2 ]
اَصلِ مُنھِنجي اَنگَ ۾، جُڙِئو ھو زَنجِيرُ،
چانڪ پِيئَندِيَسِ پِرِينءَ سين، پائُرَ جو پَنِيرُ،
ھاڃا ڪِئو حَمِيرُ، باللہ ني ٿو بَندَ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 2 ]
مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، آھيسِ مَنِ مَلِيرُ،
ڪَڍي تَہ ڪاڻِ لَھي ھِتان ھِيءَ حَمِيرُ،
کائُرِ پِيَنِ کِيرُ، جَي اَمانَتَ اُتِ وَڃي.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 2 ]
ڪَڍي تَہ ڪاڻِ لَھي ھِتان ھِيءَ حَمِيرُ،
کائُرِ پِيَنِ کِيرُ، جَي اَمانَتَ اُتِ وَڃي.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 2 ]
تَنِ مُنھَن موچارا مارُوئين، مَلِيرُ جَنِي ماڳُ،
ناقِصَ نَوازي گَهڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳُ،
اَکَرُ مُون اَڀاڳُ، حُسُنُ تي ھِيئَن وِئو.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 11 ]
ناقِصَ نَوازي گَهڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳُ،
اَکَرُ مُون اَڀاڳُ، حُسُنُ تي ھِيئَن وِئو.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 11 ]
ويندِيَسِ وَطَنَ سامُھِين، مَلِيرُ مُنھِنجو ماڳُ،
ڏُٿُ چُونڊِيندِيَسِ ڏيھَ ۾، ساڻُ سَرَتِيُنِ ساڳُ،
تَہ مُون سَنئُون سَڀاڳُ، جَي ويجهِي ٿِيان وَرَ کي.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 4 ]
ڏُٿُ چُونڊِيندِيَسِ ڏيھَ ۾، ساڻُ سَرَتِيُنِ ساڳُ،
تَہ مُون سَنئُون سَڀاڳُ، جَي ويجهِي ٿِيان وَرَ کي.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 4 ]
پاڻِهين پَچِي پييُون، ريءَ واھِيَتَ ريءَ واڙِ،
جُوءِ ڪُشادِي جيڏِيين، مَلِيرُ موڪَ مُھاڙِ،
اُتِ اَباڻا جَنھِن جا، سا ماڙِيءَ مُورِ مَ چاڙِه،
جٖي اُڪَڊِيُون آراڙِ، لوھَ تَنِي کي لاھِيين.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 12 ]
جُوءِ ڪُشادِي جيڏِيين، مَلِيرُ موڪَ مُھاڙِ،
اُتِ اَباڻا جَنھِن جا، سا ماڙِيءَ مُورِ مَ چاڙِه،
جٖي اُڪَڊِيُون آراڙِ، لوھَ تَنِي کي لاھِيين.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 12 ]
جانۡ ڪو سَتِنِ سِيلُ، تانۡ ڪِينَ وِهَندِيَسِ ڪوٽَ ۾،
سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، نَدِيءَ پِيي نَہ نِيرُ،
جِيئَن اُوءِ اَبُرَ آسِري، تِيئَن مُون مَنِ مَلِيرُ،
کائُرِ پِيَنِ کِيرُ، جَي اَمانَتَ اُتِ وَڃي.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 1 ]
سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، نَدِيءَ پِيي نَہ نِيرُ،
جِيئَن اُوءِ اَبُرَ آسِري، تِيئَن مُون مَنِ مَلِيرُ،
کائُرِ پِيَنِ کِيرُ، جَي اَمانَتَ اُتِ وَڃي.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 1 ]
ويٺِي ڪوٽَ وَٽِنِ ۾، ڪامَڻِ ڪُواري،
مَلِيرُ سارِئو مارُئِي، رويو رُئاڙي،
اَلا اوتاري، مُنڌَ مارُوءَ جي مڙِيين.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 13 ]
مَلِيرُ سارِئو مارُئِي، رويو رُئاڙي،
اَلا اوتاري، مُنڌَ مارُوءَ جي مڙِيين.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 13 ]
کائُرِ ڏانھَن کَڻِي وِئا، رَهِئا ڍَٽان دُورِ،
سَڀَ لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري اُورِ،
وَڏي ڪَنھِن ضرُورِ، مارُنِ مَلِيرُ مَٽِئو.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 10 ]
سَڀَ لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري اُورِ،
وَڏي ڪَنھِن ضرُورِ، مارُنِ مَلِيرُ مَٽِئو.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 10 ]
کائُرِ ڏانھَن کَڻِي وِئا، مَٽِيائُون مَلِيرُ،
وَڃِي پائُرِ وَٽِ ۾، کِلِي پِيتائُون کِيرُ،
عُمَرَ اَباڻَنِ کي، ساري ٿو سَرِيرُ،
زيرِيُون لاھِ زَنجِيرَ، تَہ سَرَتِيُون پَسان سُومَرا.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 15 ]
وَڃِي پائُرِ وَٽِ ۾، کِلِي پِيتائُون کِيرُ،
عُمَرَ اَباڻَنِ کي، ساري ٿو سَرِيرُ،
زيرِيُون لاھِ زَنجِيرَ، تَہ سَرَتِيُون پَسان سُومَرا.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 15 ]
مُنھِنجو مَنُ مَلِيرُ، ڪوٽَنِ ۾ ڪِيئَن گَهارِئان،
پِيان شالَ پَيُون ڀَري، پائُرَ جو پَنِيرُ،
سَرَتِيُون پَسان سُومَرا، جِيئَري لاھِ زَنجِيرُ،
اَدا تُون مُنھِنجو آهِيين، اِذنُ ڏي اَمِيرَ،
مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، کِلئِو پِيَنِ کِيرُ،
اُنِ کي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ساري ٿو سَرِيرُ.
[ سُر مارئي، وايون، 22 ]