وَڍِ بابت
معنيٰ
ڪپِ، ڪورِ، ڪترِ. گهاوَ ڏي، چيرِ، ڦاڙِ، چاڪ ڪر، قطع ڪر. ٽُڪر ٽُڪر ڪر.
Cut
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ سين اورِينِ، ھِنيُون حَقِيقَتَ گَڏِئو، طَرِيقَتَ تورِين، مَعرِفَتَ جِيءَ ماٺِ سين، ڏيساندَرَ ڏورِيِن، سُکَ نَہ سُتا…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ اَڌَ ڪِئا، مُحَّمَدُ رَسُولُ چَئِي، مُسلِمانَ ٿِئا، عاشِقَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اِنهين پَھِ پِئا، جيلاھَ ڌَڻِي ڌُئا،…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ ڪِئا اَڌَ، سي ڌَڙَ پَسي سَڌَ، ڪَنھِن اَڀاڳِيءَ نَہ ٿِئي.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ڌَڙُ ڍُونڍِيان سِرُ نَہ لَھان، سِرُ ڍُونڍِيان ڌَڙُ ناھِ، ھَٿَ ڪَرايُون آڱِريون، وِئا ڪَپِجِي ڪانھَن، وَحدَتَ جي وِھانءِ، جٖي وِئا…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوھُ، ڳَنُ وَڍِيندَڙَ ھَٿَ ۾، پَسِئو پَرِ عَظِيمَ جِي، لِچِئو وَڃي لوحُ، عاشِقَنِ اَندوھُ، سَدا مَعشُوقَنِ جو.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- ڪاتِي جا قَرِيبَ جِي، ھَڏُ چِيري چَمُ، عاشِقَنِ پَنھِنجو اَنگُ، لِلهِ ڪارَڻِ وَڍِئو.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- وَڍِيين تان ويھُ، نَہ تَہ وَٺِئو واٽَ وَنءُ تُون، ھِيءُ تَنِي جو ڏيھُ، ڪاتِي جَنِي ھَٿَ ۾.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- ڪوڙيِين اُڀا ڪيتِرا، وَڍِئو سِرَ سَڃِينِ، جَي پَھتِ نَہ پيئِي سَڄَڻين، تَہ وَڍِيَل ٿا وارِينِ.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- ھُوءِ جٖي مَنجهان ھيجَ، وَھمَ پِريان جي وَڍِئا، ٻُڪِي ڏيئِي تَنِ کي، ڪوھُ ڪَريندا ويڄَ، نَہ ڪا پِڇَ نَہ پيڄَ،…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- اَڃا تَنُوران، ڪالَهہ ڪَڍِياسُون سَڄَڻين، پُڻ تايائُون تَڪِڙا وَحدَتَ جي وَڍِئا، مَحَبَتِيَنِ مَٿان، مَچُ مُورائِين نَہ لَھي.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- مُون کي ٿا مارِينِ، ڪو پَھُ پِيَڙو سَڄَڻين، ٻارِئو اُجهائِينِ، پِرِين اُجهايو ٻارِينِ، لُھان لُھارَنِ جا، مُون کي ٿا مارِينِ،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- ڪِئان لَھَندِي سي، يا اَلا ڪِئان، وَحدَہٗ جٖي وَڍِيا، جِتي وَحدَہٗ وَڍَ ٿِئي، جيڪو مُون کي ني، سِسي ڏِيان ساھَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- سَسُئِي پُڇَنِ سي، پارِئَلَ پُنُوھَ ڄامَ جا، وَڍِئو ويٺِي ڏي، ڪايا ڪيۡچَ ڪُتَنِ کي.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، وَڻَ ٽِڻَ وايُون ڪَنِ، وَٽان ويئِي جَنِ، وَڍِيءَ سي واڍوڙِئا.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- وَڍِيءَ سي واڍوڙِئا رَتُ نَہ ڏِٺو جَنِ، مَوتُ قَبُولِئو تَنِ، ڏِٺو جَنِ ڏُکِيءَ کي.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- ڪو جَو وَڍِيءَ وَڍُ، جِيئَن وِڙَ وَڍِيائِين وَڍَ سين، ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَڍُ، جَنِ ڏِنِي سي ڏُکِئا ٿِئا.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- وَڍِي ٿِي وايُون ڪَري، ڪُٺَلِ ڪُوڪاري، ھُنَ پَنَ پانھِنجا سارِئا، ھُوءَ ھَنجُهون ھَڏَنِ لَئي ھاري.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- ڪاتِيءَ تان نَہ ڪَھِين، مَنُ وِجُهلَڻَ وَڍِئو، مَارِيَسِ سُورَ تَھِين، جو نَہ جِياري جيڏِيُون.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڪاتِيءَ تان نَہ ڪُٺو، مَنُ وِجهلَڻَ وَڍِئو، جَنِي ماءَ مُٺو، سي جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- جِيءُ مُنھِنجو جَنِ، اَنگُڙِيارو وَڍِئو، پُڄاڻا پِرِيَنِ، سِبان سَڄو نَہ ٿِئي.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو ھِيءُ، مالُ نَہ مَڱي مَڱِڻو، جاجِڪُ مَڱي جِيءُ، وَڍِ وَھِلو ٿِيءُ، ساعَتَ صَبُرُ نَہ سَھان.[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- مَٿي اُتي مُنھِنجي، جَي ڪوڙيِين ھُونِ ڪَپارَ، تَہ وارِيو وارِيو وَڍِيان سِسِيءَ کي سَؤُ وارَ، تَہ پُڻ تَندُ تَنوارَ، تُنھِنجِي…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- مَٿي اُتي مُنھِنجي، جَي ھُونِ سِرَنِ سَؤُ ھَزارَ، تَہ تُنھِنجِيءَ ساڻُ تَنوارَ، ھَرَ ھَرَ وَڍِيان ھيڪِڙو.[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- جَو تَعلَقُ رَکي تَندُ سين، سو مُون پَلَئِي پاءِ، سُڻُ تُون، ڪَرِيان ڳالِهڙِي، آيُسِ آڳاھِينءَ جاءِ، ھِيءُ ھِينئَرَ ئِي ھَلاءِ،…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- وَڍِ سِرُ ٿِيءُ سَرَھو، مَ ڪِي آءُ مَ ڳاءُ، جاجِڪَ تو مَٿان، مُلڪُ مِڙيوئِي گهورِيان.[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- جانِي مُنھِنجي جِيءَ ۾، جي تو طَمَعُ پوءِ، وَٺُ ڪاتِي وَڍِ اَڱڙا، اَدَبُ ڪَرِ مَ ڪو، ڀايان ڀالُ سَندوءِ، جي…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- مُومَلَ کي مَجازَ جا، اَکِيُنِ ۾ اِلَماسَ، نَہ ڪا عامَ نَہ خاصَ، جي وِئا سي وَڍِئا.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- موري مُنھِن وَڏا ٿِئا، وَڍِئا تان نَہ وَڃَنِ، اَدِيُون اَناسَنِ، اِنِ ڪوجَهنِ کي ڪوھُ ڪَرِيان.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- جَنِي سَندي مُنھَن ۾، نِھايُون نَڪَنِ، تَنِ مان وَڍِئو ھِڪِڙو، ڪِھَڙو ٿورو تَنِ.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- راڻي رِڻُ ڪِئو، جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ سين، مَنُ مَينڌَري وَڍِئو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو، ٻُجهان ٻَھَرِ وِئو، ھِنيُون ھَنڌِ نَہ اَڳِيين.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- سوڍي سِرُ نِيو، ھِتِ ڪَرنگهَرُ سَکِڻُو، راڻِي جِيءَ رِھاڻِ کي، پَچي تَنَ پِئو، مَنُ مَينڌَري وَڍِئو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو، پَسان…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- چوٿين ڏِينھِن چَوگانَ ۾، ڪَنھِن جَنھِن پَھِ پِئا، اَندَرِ آديسِيَنِ جي، اَچَنِ جوشَ جِھا، وَھمَ پِريان جي وَڍِئا، تَنِ ۾…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ڪَؤُئا ڪان ڪان ڪَندا، وِھاڻِيءَ وَڻَنِ ۾، مُون ڏِٺا مُون وِسَھو اَڳي پِيڇي اَنڌا، اَچِي عَدالَتَ ۾، ويھِي وِٺِ وِجَهندا،…[ سُر پورب - وايون ]
- نَہ وَڍِي نَہ وِڪڻي، نَہ کَڻي ۾ کاري، اَھِنجَ سَهِنجَ ساھِمِيُون، ڌُرِيان ئِي نَہ ڌاري، سا پَرِ پاري، جا گهَرِ…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]