لالُ بابت
معنيٰ
لعل، ڳاڙهو، رتڙو، سُرخ، رَتَل يا رتو.
Red, adorned, beautified.
بيتن ۽ وائين ۾
- پاڻِهين جَلَّ جَلالُهُ ، پاڻِهين جانِ جَمالُ، پاڻِهين صُورَتَ پِرِينءَ جِي، پاڻِهين حُسُنُ ڪَمالُ، پاڻِهين پِيرُ مُريدُ ٿِئي، پاڻِهين پاڻَ…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- عاشِقُ عَزازِيلُ، ٻِئا مِڙَئِي سَڌَڙِئا، مَنجهان سِڪَ سَبِيلَ، لَعنَتِي لالُ ٿِئو.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- چَنڊَ چِٽائِي تُنھِنجِي، سَھائِي مُون سُورُ، لايان لالُ لِڱَنِ کي، چَندَنَ ڀَري ٻُورُ، ڪُوماڻو ڪَپُورُ، مُون واجهائِيندي پِرِينءَ کي.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- سي پُوڄارا پُرِ ٿِئا، سَمُنڊُ سيوِئو جَنِ، آندائُون عَمِيقَ مان، جُوتِي جَواھَرَنِ، لَڌائُون لَطِيفُ چئَي، لالُون مان لَهرِنِ، ڪانِهي قِيمَتَ…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- سَمُنڊَ ڪِينَ سُڪَنِ، ڪوڙيِين جي ڪائو ٿِئي، پاڻِيءَ سين پيکُ ڪِئو، تيلاھَن وَڻِجارَنِ، لالُون سي لَھَنِ، جَنِي سيوِئو سَمُنڊَ کي.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- اِيءَ گَتِ غَواصَنِ، سَمُنڊُ سوجِهَيائون، پيھِي مَنجِهہ پاتارَ ۾، ماڻِڪَ ميڙِيائُون، آڻي ڏِنائُون، ھِيرو لالُ ھَٿَنِ سين.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- وِئا سي وِينجهارَ، ھِيرو لالُ وِينديِن جٖي، تَنِي سَندا پويان، سِيھي لَھَنِ نَہ سارَ، ڪُٽِينِ ڪَٽُ لُھارَ، ھاڻي اُنِهين ڀيڻيِين.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- لَھَرِ مِڙيوئِي لالُ، وِھَڻُ کَٿُورِيان وِتَرو، اوٻارا عَنبِيرَ جا، جَرَ ۾ اَچَنِ جالَ، ڪُنَنِ گِهڙِي ڪالَهہ، سِڪَ پِريان جي سُهڻِي.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ميندِي لاوڻُ ڏي، جِيوين شاھَ ميندِي لاوَڻ ڏي، قاسِمَ شاھَ سيجَ وِڇاوَڻُ ڏي، ميندِي تَيڏِي رَنگُلِي، چوَٽا لالُ گُلابُ، ماءُ…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- مَرِي جِيءُ تَہ ماڻِيين، جانِبَ جو جَمالُ، ٿِيين ھُوندَ حَلالُ، جَي پَندِ اِھائِي پارِيين.[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- بابُو ڏِٺوسُون بَرَ ۾، جِھَڙو سِڄُ صُبُوحِ، راوَلُ رَچِي لالُ ٿِئو، جوڳِي مَنجهان جُوءِ، تَنھِن سامِيءَ سَندي سوجِهري، ٿِي حَيرِيَتَ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- سِڄُ صُباحِين جا ڪَري، سامِيءَ سائِي رُوءِ، اَچي ٿِي عَطُرَ جِي، مَنجهان مُگهِٽَ بُوءِ، سا ڏيکارِيُون جُوءِ، جِئان لاھُوتِي لالُ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- ڪَري موٽَ مَينڌَرو جي لُڊوڻِئان لالُ، گهَرُ مِڙيوئِي گهورِيان، ھُوندَ پَنھِنجو حالُ، راڻي ڌاران راڄَ ۾، مُون نَہ گُهرِجي مالُ،…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- ٻاوِيھين ٻاڻُ لَڳو، آديسِيَنِ اَچِي، ڪَنھِن جَنھِن ڪيفَ ڪَڪورِئا، مَنجهان مَچَ مَچِي، لانگوٽِئا لالُ ٿِئا، اِنَهِينءَ پَهِہ پَچِي، ھَلِئا وِئا…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- جوڳِي ٿِيَنِ نَہ يارَ، ڪَنھِن سين قَرِيبَنِ ري، اَٺَئِي پَھَرَ اُنِ کي، نانِيءَ ڏُونھِن نِھارَ، مُون مُلاقاتَ اُنِ سين، جَنِ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾ سَندِي سامِيَنِ سِٽَ، لُنگَ لاھُوتِي لالُ ٿِئا، چيلِهہ ٻَڌائُون چِٽَ، جي مَحَبتَ ڪِئا مِٽَ، سي ڪَرَمِ…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- ”لا“ لَنگهي لالُ لَکِئو جَنِ، عَدُمَ جي اوڙاھَ تي، ڪِئا آسَڻَ اڌُوتِيَنِ، گَردانِئو گُنگَنِ، گِردابَ جي گِيانَ سين.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- ڪَؤُئا ڪان ڪان ڪَندا، وِھاڻِيءَ وَڻَنِ ۾، مُون ڏِٺا مُون وِسَھو اَڳي پِيڇي اَنڌا، اَچِي عَدالَتَ ۾، ويھِي وِٺِ وِجَهندا،…[ سُر پورب - وايون ]
- سَرَڻِنِ جا سوٺا سَھي، وَسِيلو وِلَهنِ، لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، اَڳِئان لالُ لَکَنِ، جِتِ ڪوڙيِين ڪِينَ ڪُڇَنِ، تِتِ پاٻُھي پَڌِرو.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- ڪِي جَو وَڃِي اَڄُ، اَکِيُون پَسِي آيُون، سيڻَنِ جي سَھَڄَ، لالُون ڪِيُون لَطِيفُ چئَي.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- ڪِي جَو وَڃِي ڪالَهہ، اَکِيُون پَسِي آيُون، لالُون ڪِيُون لَطِيفُ چئَي، جانِبَ جي جَمالَ، سي ٿِئا نيڻَ نِھالَ، جَنِي دِلبَرُ…[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- پَنَ پَٻَڻِ ڪُمَ ڪُوڻِيُون، بِھَ ڏوڏا ڏاجونِ، نِعمَتَ لوڙَهَ لَطِيفُ چئَي، کيڻُ مَڇِي کاڄونِ، رَھَنِ ٻَھَنِ سِرِ ٻانڌِينِ، دُورِ دَران…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ھِيري ھَٿُ وِڌائِين، ھِيري ھَٿُ کَنيائِين، اي مُون يا اللهُ ويھِي ساٽِينِ وِچَ ۾، نَوازِشَ نُورِيءَ جي، آھي تَماچِيءَ تائِين،…[ سُر ڪاموڏ - وايون ]
- ٻَگها ڪوھُ ٻُجَهنِ، تَہ سِپُنِ ڇا ٿو سَپَجي، ڦِرِئو ڦَيارَنِ کي، وَڙِ ڪِئو واتَ وِجَهنِ، سي ڪِيئَن لالُون لَھَنِ، جٖي…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- ھَنجَڙا نَہ پَسان ٿِي سي، جي اُڏامِي وِئا واھيرَنِ تي، پَکِي جي پَرَڏيھَ جا، ساجُهرِ وِئا سَرَ تي، موتِي جَنِ…[ سُر ڪارايل - وايون ]