Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رامڪلي جَي الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي جو بيت
”لا“ لَنگهي لالُ لَکِئو جَنِ،
عَدُمَ جي اوڙاھَ تي، ڪِئا آسَڻَ اڌُوتِيَنِ،
گَردانِئو گُنگَنِ، گِردابَ جي گِيانَ سين.
رسالن ۾ موجودگي: 72 سيڪڙو
سمجهاڻي
اهي آديسي ’نابودي ۽ نيستيءَ سان ملي نيستيءَ‘ جي درجي تي پھتا ۽ انهن ئي نيستيءَ واري منزل کي صحيح سڃاتو. تڏهن تہ هنن ’عدم‘ يعني نابوديءَ واري ڏکي هنڌ کي وڃي پنھنجو ماڳ ٺاهيو ۽ اتي ترسيا. اتي هنن محويت (استغراق) جي عالم ۾ گهري سوچ ۽ فڪر سان هن دنيا جي چڪر کي ويھي سمجهيو ۽ پروڙيو.
[مثنويءَ ۾ ’لا‘ يعني ’نفيءَ‘ جي ڪيترن نمونن ۾ سمجهاڻي ڏني ويئي آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:
همچنين جو ياي درگاه خدا،
چون خدا آيد شود جوينده لا،
گرچه آن وصلت بقا اندر بقاست،
ليک ز اول آن بقا اندر فناست.
(دفتر سوم، ب- 4658 ۽ 59)
معنيٰ: اهڙيءَ طرح الله جي درگاھ جو طالب جڏهن اها ذات پاڻ اچي ٿي تہ هي پاڻ فنا يعني ’لا‘ نفي ٿي وڃي ٿو. جيتوڻيڪ اهو وصل بقا ئي بقا آهي پر شروع ۾ اها بقا فنا ۾ ئي آهي.
اهڙيءَ طرح ’عدم‘ کي بہ روميءَ ڪيترين معنائن ۾ استعمال ڪيو آهي، جئن هن شعر ۾ هو ’عدم‘ کي هو اصلي جھان يعني حقيقي طور موجود مڃي ٿو ۽ اهو ئي قدرت واري جو جھان آهي.
تابہ بيني در عدم خورشيد هاست،
و آنچه اينجا آفتاب آنجا سهاست.
پس خزانہ صنع حق باشد عدم ،
که بر آرد زو عطاها دم بدم.
(دفتر پنجم، ب- 1024-25)
معنيٰ: جيئن تون سمجهي سگهين تہ عدم ۾ الائجي ڪيترا سج آهن. جيڪو هتي سج آهي اهو اتي هڪ تاري وانگر آهي، انهيءَ ڪري الله تعاليٰ جي ڪاريگريءَ جو خزانو عدم آهي ڇو تہ هو عدم مان ئي سڀ مهربانيون ڪري ٿو.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2610
لَا لَـکٖيْ لَعْلُ ٿِئَا لَعْلُ لَـکِئُوْ جَنِ﮶
عَدَمَ جٖيْ اُوْرَاهَتٖيْ ڪِئَا آَسَنَ آَڌُوْتِيَنِ﮶
کَرْدَانِئُوْ کُنکَّنِ کِرْدَابَجِيْ کِيَانَس﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
“ला” लंघे लालु थिआ। लालु लखिओ जनि।
अदुम जे ओड़ाह ते। किआ आसण अधूतियनि।
गर्दानिओ गुंगनि। गिर्दाब जे गियान सें।
ROMAN SINDHI
Laa' lanGh'ey laal likh'o jin'n,
A'dam jey a'orah tey, ke'aa aa'san aDutein,
Gar'daon gun'gn, garda't jey Gayan'sein.
TRANSLATIONS
Those of them, the mature ones, who met Allah, became more radiant than the sparkling gem. These unwashed (but unpolluted) ascetics fixed their abode on the unfathomable sea of non-existence. These non-communicative mutes cleared the whirlpool (of this world) with the aid of the Divine intuition.
Those of them by whose side Beloved passed become like the ruby red,
in the region of non-existence, they have found their place,
With knowledge rare, the silent ones', desires whirlpool crossed.
من العابدين بعضهم مثل الجوهر تصبغوا فى صبغة روحانية وتحمروا ومر من عندهم الحبيب الغالي.
الزاهدون بنوا أماكنهم فى حفرة العدم والفنا. صامتون.
خضوا دردور النفس بالعلم والمعرفة وقتلوا النفس الأمارة بالمعرفة.
سر خوشِ وصل یار ہیں جوگی
کیا سراپا بہار ہیں جوگی
بحرِ عرفاںمیں غوطہ زن ہو کر
خود یمِ بے کنار ہیں جوگی
عارفانہ ہیں ان کے پیچ و تاب
کیا انہیں فکرِ موجہ و گرداب
رچ کر لال ہوئے ہیں سارے، پاس سے گذرا لال،
مُلکِ عدم میں ڈیرے ڈالیں، پایا ہے وہ کمال،
ساگر دیا کھنگال، گیان سے ہر جوگی نے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آدَمُ ڪَلَ اللهَ جِي، آھي…
- (بيت) اللهُ اللهُ ڪَنِ جي، اسِين…
- (بيت) اَندَرِ آديسِيَنِ کي، اَمُلَ ڪِي…
- (بيت) اَڃا وِئَڙَمِ ڪالَهہ، مُون ليکِيندي…
- (بيت) اُتَرِ وِئا آھِين، ڪَڏِھِين اِيندا…
- (بيت) اِجهو آدَمُ آيو، ڪُلِهي تي…
- (بيت) اِيءُ ڏٺوئِي ڏوھُ، جِيئَن رامُ…
- (بيت) جوڳِي جَلالِي جَلَبَتِي، مَهارِي مَرويسَ،…
- (بيت) جِتي ايرُ نَہ ڀيرُ، سا…
- (بيت) جِتي عَرشُ نَہ اُڀُ ڪو،…
- (بيت) جِتِ ھُئِي ڪانءَ ٻولِي ڪانَہ،…
- (بيت) جِيئَن اُتَرِڙا اوتِينِ، تِيئَن سامِي…
- (بيت) سامِي چَئجي تَنھِن کي، جو…
- (بيت) سامِي چَئجي تَنھِن کي، جَنھِن…
- (بيت) سَناسِي سيئِي، جي آدَمان اَڳي…
- (بيت) سُورُ جَنِ کي سَھجَ جو،…
- (بيت) عاقِي ٿِيءُ اُسِتادَ سين، پُٺِيرو…
- (بيت) مَنجِهہ مَحَبتَ مَچُ، ٻَھَرِ ڌَورا…
- (بيت) مَيِتُ موٽِي آيو، ڪَھِي ڪانڌِيَنِ…
- (بيت) ناٿُ ڏِٺائُون نانهِن ۾، سا…
- (بيت) وِلِهُون ويلا واءَ، سامِيَنِ سَٺا…
- (بيت) پارو پَوارا ڪَري، لَڳي اُتَرَ…
- (بيت) کامِي خاڪِ ٿِئا، مَحَبتَ جِي…
- (بيت) ڪائِنَ بائِنَ ڪاپَڙِي، پَرُوڙَڻُ پَري،…
- (بيت) ڪيھِي ڪامَ ڪاپَڙِي، ٿا اِھَڙِيءَ…
