Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رامڪلي جَي الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي جو بيت
سَناسِي سيئِي، جي آدَمان اَڳي ھُئا،
اورِيان اورِينِ عامَ سين، پَرِيان پَريئِي،
چوٽا جَنِ جا چيرُئان، ٻيلوتا ٻيئِي،
دُرسُ دَلالَتَ دِينَ جِي، ھَٿان تَنِ ٻيئِي.
تَنِي کي ڏيئِي، بادِ وِڃاءِ مَ بِکِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو
سمجهاڻي
سنياسي (دراصل) اهي ئي آهن جيڪي حضرت آدم عليه السلام کان بہ اڳ موجود هئا. پر جيڪي هتي عام ۾ اچي پھتا، اهي انهن سان ئي گڏ گذارين ٿا ۽ ٻيا پنھنجي اصلي ماڳ مڪان تي ئي آهن. تون اهڙن درويشن کي ورتل خيرات ڏيئي ضايع نہ ڪر.
[رومي مثنويءَ ۾ اهڙن ئي اولياءَ الله جي باري ۾ چوي ٿو تہ جڏهن الله تعاليٰ مخلوق پيدا ڪرڻ واسطي ملائڪن سان مشورو ڪري رهيو هو تہ هي اڳ ئي موجود هئا.
مشورت مي رفت در ايجاد خلق،
جان شان در بحر قدرت تا بحلق.
(دفتر دوم، ب- 171)
معنيٰ: جڏهن مخلوق جي پيدا ٿيڻ بابت مشورو ٿي رهيو تہ هنن جا روح ڳچيءَ تائين قدرت جي سمنڊ ۾ موجزن هئا. اڳتي چوي ٿو:
مطلع بر نقش هر چه هست شد،
پيش ازان کين نقش گل پابست شد.
(دفتر دوم، ب- 173)
معنيٰ: هو هر شيءِ کان باخبر هئا جيڪا وجود ۾ آئي. مطلب تہ مٽيءَ جي صورت ۾ اچڻ کان اڳ کين سڀ خبر هئي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2771
سَنَاسِيْ سٖيْـئِيْ جٖيْ آَدَمَا اَکٖيْ هُئَا﮶
اُوْرِيَا اُوْرِيْنِ عَامَس﮼ پَرْيَا پَرٖيْئِيْ﮶
تَن﮼ کٖيْ ڎٖيْئِيْ بَادِ وِڃَائِمُ بِکِيَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सनासी सेई। जे आदमान अगे॒ हुआ।
ओरियां ओरीनि आम सें। परियां परेई।
चोटा जनि जा चेरुआं। बे॒लोतां बे॒ई।
दुर्सु दलालत दीन जी। हथां तनि वेई।
तनी खे डे॒ई। बादि विञाए म बिखिआ।
ROMAN SINDHI
Sanaasi seyi, je Aadmaan agge hua,
Oriyaan oreen Aam'a seen, pariyaan pareyi,
Chotta jan ja cheruaan, Belota Beyi,
Durs'u dalalat deen'a jee, hathaan tan Beyi,
Tanee khe Deyi, baad winjaaye ma bikhiya.
TRANSLATIONS
The true ascetics are those who existed even before Prophet Adam (peace be upon him). But those who have come here among the common people live together with them, while the others remain in their original abode. Do not waste your charity on such dervishes.
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آدَمُ ڪَلَ اللهَ جِي، آھي…
- (بيت) اللهُ اللهُ ڪَنِ جي، اسِين…
- (بيت) اَندَرِ آديسِيَنِ کي، اَمُلَ ڪِي…
- (بيت) اَڃا وِئَڙَمِ ڪالَهہ، مُون ليکِيندي…
- (بيت) اُتَرِ وِئا آھِين، ڪَڏِھِين اِيندا…
- (بيت) اِجهو آدَمُ آيو، ڪُلِهي تي…
- (بيت) اِيءُ ڏٺوئِي ڏوھُ، جِيئَن رامُ…
- (بيت) جوڳِي جَلالِي جَلَبَتِي، مَهارِي مَرويسَ،…
- (بيت) جِتي ايرُ نَہ ڀيرُ، سا…
- (بيت) جِتي عَرشُ نَہ اُڀُ ڪو،…
- (بيت) جِتِ ھُئِي ڪانءَ ٻولِي ڪانَہ،…
- (بيت) جِيئَن اُتَرِڙا اوتِينِ، تِيئَن سامِي…
- (بيت) سامِي چَئجي تَنھِن کي، جو…
- (بيت) سامِي چَئجي تَنھِن کي، جَنھِن…
- (بيت) سُورُ جَنِ کي سَھجَ جو،…
- (بيت) عاقِي ٿِيءُ اُسِتادَ سين، پُٺِيرو…
- (بيت) مَنجِهہ مَحَبتَ مَچُ، ٻَھَرِ ڌَورا…
- (بيت) مَيِتُ موٽِي آيو، ڪَھِي ڪانڌِيَنِ…
- (بيت) ناٿُ ڏِٺائُون نانهِن ۾، سا…
- (بيت) وِلِهُون ويلا واءَ، سامِيَنِ سَٺا…
- (بيت) پارو پَوارا ڪَري، لَڳي اُتَرَ…
- (بيت) کامِي خاڪِ ٿِئا، مَحَبتَ جِي…
- (بيت) ڪائِنَ بائِنَ ڪاپَڙِي، پَرُوڙَڻُ پَري،…
- (بيت) ڪيھِي ڪامَ ڪاپَڙِي، ٿا اِھَڙِيءَ…
- (بيت) ”لا“ لَنگهي لالُ لَکِئو جَنِ،…
