لالُ جي سنڌي معنيٰ
لعل، ڳاڙهو، رتڙو، سُرخ، رَتَل يا رتو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Red, adorned, beautified.
لالُ جا بيتن ۾ حوالا
عاشِقُ عَزازِيلُ، ٻِئا مِڙَئِي سَڌَڙِئا،
مَنجهان سِڪَ سَبِيلَ، لَعنَتِي لالُ ٿِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 11 ]
مَنجهان سِڪَ سَبِيلَ، لَعنَتِي لالُ ٿِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 11 ]
چَنڊَ چِٽائِي تُنھِنجِي، سَھائِي مُون سُورُ،
لايان لالُ لِڱَنِ کي، چَندَنَ ڀَري ٻُورُ،
ڪُوماڻو ڪَپُورُ، مُون واجهائِيندي پِرِينءَ کي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 24 ]
لايان لالُ لِڱَنِ کي، چَندَنَ ڀَري ٻُورُ،
ڪُوماڻو ڪَپُورُ، مُون واجهائِيندي پِرِينءَ کي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 24 ]
اِيءَ گَتِ غَواصَنِ، سَمُنڊُ سوجِهَيائون،
پيھِي مَنجِهہ پاتارَ ۾، ماڻِڪَ ميڙِيائُون،
آڻي ڏِنائُون، ھِيرو لالُ ھَٿَنِ سين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 13 ]
پيھِي مَنجِهہ پاتارَ ۾، ماڻِڪَ ميڙِيائُون،
آڻي ڏِنائُون، ھِيرو لالُ ھَٿَنِ سين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 13 ]
وِئا سي وِينجهارَ، ھِيرو لالُ وِينديِن جٖي،
تَنِي سَندا پويان، سِيھي لَھَنِ نَہ سارَ،
ڪُٽِينِ ڪَٽُ لُھارَ، ھاڻي اُنِهين ڀيڻيِين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 17 ]
تَنِي سَندا پويان، سِيھي لَھَنِ نَہ سارَ،
ڪُٽِينِ ڪَٽُ لُھارَ، ھاڻي اُنِهين ڀيڻيِين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 17 ]
ميندِي لاوڻُ ڏي، جِيوين شاھَ ميندِي لاوَڻ ڏي،
قاسِمَ شاھَ سيجَ وِڇاوَڻُ ڏي،
ميندِي تَيڏِي رَنگُلِي، چوَٽا لالُ گُلابُ،
ماءُ پِيءُ ڏِتَڙَئِي سِهرا، خَبَرَ نَہ ماڻِيندي نالِ.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 2 ]
قاسِمَ شاھَ سيجَ وِڇاوَڻُ ڏي،
ميندِي تَيڏِي رَنگُلِي، چوَٽا لالُ گُلابُ،
ماءُ پِيءُ ڏِتَڙَئِي سِهرا، خَبَرَ نَہ ماڻِيندي نالِ.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 2 ]
بابُو ڏِٺوسُون بَرَ ۾، جِھَڙو سِڄُ صُبُوحِ،
راوَلُ رَچِي لالُ ٿِئو، جوڳِي مَنجهان جُوءِ،
تَنھِن سامِيءَ سَندي سوجِهري، ٿِي حَيرِيَتَ ۽ ھُوءِ،
جَنِ ديکِئو رُوبَروءِ، سي واصُلُ ٿِئا وِصال سين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 10 ]
راوَلُ رَچِي لالُ ٿِئو، جوڳِي مَنجهان جُوءِ،
تَنھِن سامِيءَ سَندي سوجِهري، ٿِي حَيرِيَتَ ۽ ھُوءِ،
جَنِ ديکِئو رُوبَروءِ، سي واصُلُ ٿِئا وِصال سين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 10 ]
سِڄُ صُباحِين جا ڪَري، سامِيءَ سائِي رُوءِ،
اَچي ٿِي عَطُرَ جِي، مَنجهان مُگهِٽَ بُوءِ،
سا ڏيکارِيُون جُوءِ، جِئان لاھُوتِي لالُ ٿيين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 14 ]
اَچي ٿِي عَطُرَ جِي، مَنجهان مُگهِٽَ بُوءِ،
سا ڏيکارِيُون جُوءِ، جِئان لاھُوتِي لالُ ٿيين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 14 ]
ڪَري موٽَ مَينڌَرو جي لُڊوڻِئان لالُ،
گهَرُ مِڙيوئِي گهورِيان، ھُوندَ پَنھِنجو حالُ،
راڻي ڌاران راڄَ ۾، مُون نَہ گُهرِجي مالُ،
سوڍي کي سُوالُ، ڪَرِيان ٿِي قُرِبَ جو.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 7 ]
گهَرُ مِڙيوئِي گهورِيان، ھُوندَ پَنھِنجو حالُ،
راڻي ڌاران راڄَ ۾، مُون نَہ گُهرِجي مالُ،
سوڍي کي سُوالُ، ڪَرِيان ٿِي قُرِبَ جو.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 7 ]
ٻاوِيھين ٻاڻُ لَڳو، آديسِيَنِ اَچِي،
ڪَنھِن جَنھِن ڪيفَ ڪَڪورِئا، مَنجهان مَچَ مَچِي،
لانگوٽِئا لالُ ٿِئا، اِنَهِينءَ پَهِہ پَچِي،
ھَلِئا وِئا ھِنگِلاچَ ڏي، راوَلَ راتِ رَچِي،
ڪَرِئو ساکَ سَچِي، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 22 ]

اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾ سَندِي سامِيَنِ سِٽَ،
لُنگَ لاھُوتِي لالُ ٿِئا، چيلِهہ ٻَڌائُون چِٽَ،
جي مَحَبتَ ڪِئا مِٽَ، سي ڪَرَمِ مِلَندا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 10 ]
لُنگَ لاھُوتِي لالُ ٿِئا، چيلِهہ ٻَڌائُون چِٽَ،
جي مَحَبتَ ڪِئا مِٽَ، سي ڪَرَمِ مِلَندا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 10 ]
English Meaning
Red, adorned, beautified.