لالَ جي سنڌي معنيٰ
ڳاڙها، رَتا، ريٽا، سھڻا جوان، ھيرا، موتي، سينگاريل، گهوٽ، جواھر
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Red, pearls, beautiful grooms, rubies.
لالَ جا بيتن ۾ حوالا
آءُ لانگوٽِئا لالَ، ڪَنھِن پَرِ ڏِٺَئِي گُجَرِيُون،
آبُ اَرَتِي گاڏَئُون، لُڙِڪَ وَھائِيين لالَ،
ڏِٺِئِي جٖي جَمالَ، سي سامِي ڪوھُ نَہ سَلائِيين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 15 ]
آبُ اَرَتِي گاڏَئُون، لُڙِڪَ وَھائِيين لالَ،
ڏِٺِئِي جٖي جَمالَ، سي سامِي ڪوھُ نَہ سَلائِيين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 15 ]
ڪانارِئا ڪُڻِڪَن، جَنِي لوھُ لِڱَنِ ۾،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، پِئا لالَ لُڇَنِ،
پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين چِڪِئا ڪَنِ،
وَٽان واڍوڙِيَنِ، رَھِي اَچِجي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 12 ]
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، پِئا لالَ لُڇَنِ،
پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين چِڪِئا ڪَنِ،
وَٽان واڍوڙِيَنِ، رَھِي اَچِجي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 12 ]
سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ وَٽيجِ،
سِڙَه سَنباھَي سَقُلاتَ جا، کُوھا خُوبُ کَڻيجِ،
اَڇا اولا عاجَ جا، چَڱا چِٽائيجِ،
سَتَ سُکاڻِيُون سَنباھِ تُون، ڇَھَ ڇَڄَھِرِيُون اَڏيجِ،
سَٽِ ساري سَيِّدُ چئَي، پُوري پُڄائيجِ،
مُلا مُعلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پَرُوڙيجِ،
وَّسَقَاهُـمْ رَبُّهُـمْ شَرَابًا طَهُوْرًا ، پاڻِي پاڪُ پِيئيجِ،
جَنھِن کي سِڪي سَڀَڪو، پِرِين سو پَسيجِ،
لُڙَ ۾ ڪِيمَ لُڏيجِ، سامُونڊِي سُتَڙِ ٿِيين.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 1 ]

ويٺِي روءِ وَڇُنِ سان، ڳچِيءَ پايو ٻانھَن،
لايان لالَ لِڱَنِ کي، اَئِين جي چَرو ڪانھَنۡ،
آئُون اَوِھان جِي دانھَن، سَدا ڀُڻان سَنِرِي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 16 ]
لايان لالَ لِڱَنِ کي، اَئِين جي چَرو ڪانھَنۡ،
آئُون اَوِھان جِي دانھَن، سَدا ڀُڻان سَنِرِي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 16 ]
ڀيلي ڀُلائِي، پَسِي چِٽَ چَرِي ٿِي،
ٻَرِ ٻَرِ ٻُڏِي سُهڻِي وِيرِنِ ۾ وائِي،
ڪَچي ڪيرائِي، لالَ لَهرِنِ وِچَ ۾.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 18 ]
ٻَرِ ٻَرِ ٻُڏِي سُهڻِي وِيرِنِ ۾ وائِي،
ڪَچي ڪيرائِي، لالَ لَهرِنِ وِچَ ۾.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 18 ]
ڪارا ڪَڪَرَ ڪيسَ، اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ڪَري لالَ لِبيسَ،
پِرِين جي پَرَديسَ، مُون کي مِينھَن ميڙئا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 11 ]
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ڪَري لالَ لِبيسَ،
پِرِين جي پَرَديسَ، مُون کي مِينھَن ميڙئا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 11 ]
پاوَنگُ اُڀو پِڙَ ۾، ھَڻي ھَزارِي ھولُ،
ھِيري لالَ ياقُوتَ جو، ڪامِلَ سِرِ ڪَنگولُ،
رَتو رَتَ رَتولُ، مولِهِيو مِيرَ حُسينَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 5 ]
ھِيري لالَ ياقُوتَ جو، ڪامِلَ سِرِ ڪَنگولُ،
رَتو رَتَ رَتولُ، مولِهِيو مِيرَ حُسينَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 5 ]
مومِنو ماتامُ واويلا، اَڄُ نَہ آيو اِمامُ، ھَئَي واويلا،
دُلدُل گهوڙو گهوٽَ جو، مَٿِسِ لالَ پَلاڻِي،
شيرَ شَهزادي لَڏِئو، سَيِّدَ سيجَ نَہ ماڻي،
اَنُ نَہ پاڻِي اُنِ کي، نَڪو وَٺَڙُنِ مِينھُن،
ھُئا سَٽاڻِيءَ جَنگِ ۾، ڏَھَ راتِيُون ڏَھَ ڏِينھَن.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 4 ]

واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، بارِي پُڇي بَرَ،
وَرُ وَسِيلا سُپِرِين، ٿَڪِيَسِ ڏوري ٿَرَ،
لَھِجِ لالَ لَطِيفُ چئَي، ڪانڌَ مُئِيءَ جِي ڪَرَ،
وِلِهِي ڪَري وَرَ، مَڇُڻ مارَڳِ ڇَڏِيين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 8 ]
وَرُ وَسِيلا سُپِرِين، ٿَڪِيَسِ ڏوري ٿَرَ،
لَھِجِ لالَ لَطِيفُ چئَي، ڪانڌَ مُئِيءَ جِي ڪَرَ،
وِلِهِي ڪَري وَرَ، مَڇُڻ مارَڳِ ڇَڏِيين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 8 ]
وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ چَتُون چانگارِينِ،
شِيشا لالَ گُلابَ جا، ڇَپَرِ ڇاٽارِينِ،
مَنزَلُون مَيَنِ جُون، مَعذُورِ کي مارِينِ،
جيڏِيُون جِيارِينِ، رَھَنِ راتِ ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 15 ]