لالَڻُ جي سنڌي معنيٰ
ڍولڻ، مِٺڻ، سَڄڻ، لالڻ، مشتاق، مرغوب. پَپن، لُڏڻ، مِٺڙو. حَسين، ناز ڪندڙ. پيار سان پاليل، لاڏلو، دادلو، چچلو، ڪوڏ نِپنو، انگلي، سِڪِي لَڌو، بودِلو، طوق پُتلو. دوست، پرين، ساجن، دلبر، محبوب،
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A foundling, darling, dear, a sweetheart.
لالَڻُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين شُڪرانا،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم، ڪَھي قُرآنا،
واشڪُرُو الِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا،
حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ کي، جورُ ھَڻِي جانِئا،
تَہ تُسِي تو سين توھُ ڪَري، آگو اِحسانا،
جَفا ڏيئِي جانِ کي، ٿِيءُ فِڪرَ مَنجِهہ فَنا،
تَہ تو ڏيکاري تو ڌَڻِي، باطِنَ جا بانا،
جٖي تسلِيمُ ٿِئا تَحقِيقَ سين، اُوءِ ڪِيئَن اَمانا،
جاڳِئا جٖي جَبارَ لَيءِ، سيئِي سَمانا،
سَڀَ سَنوَرِئا سُپِرِين، قَوالَ تو ڪَنا،
چَڱِي چَئِجِ چاھَ سين، مَدَحَ اِيءَ مَنا،
مَتان مَڙدَ وِسارِيين، صاحِبَ جو ثَنا،
دوسِتُ رَکِي دِلِ ۾، پَڙُه لالَڻُ لِسانا،
ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان، ٻانَهپَ سين ٻانها،
صاحِبَ وَڻِين سَچَ سين، ٿِيءُ داناءُ ديوانا،
تائِبَ ٿِئو تَڪِڙا، جوشَئُون جَوانا،
لَھين تُون لَطِيفَ کان، اَمُنُ اَمانا.
[ سُر سريراڳ، وايون، 1 ]

پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، ريءَ وَسِيلي وَڌُ،
لالَڻُ تَنِي لَڌُ، عِشقُ جَنِي جي اَڳَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 32 ]
لالَڻُ تَنِي لَڌُ، عِشقُ جَنِي جي اَڳَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 32 ]
مُنھِنجي سَيِّدُ سارَ لَھَندو، مُون کي آھي، اُميدَ اللهَ ۾،
جَڏھِن صُورَ ڌَڪاءُ ٿِيندو، سَڀَ اَکِيُون سِجُ ڪڍندو،
ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، اُتِ مُحَّمَدُ مِيرُ مَلَهَندو،
سَجِدي پَئي سُپِرِين، زارِي زورُ ڪَرِيندو،
اَحمَدُ ڪارَڻِ عاصِيينِ، اُتِ پَرمَلُ پاڪُ پِنَنَدو،
نَفسا نَفسِي سَڀَڪو ڪَري، اُتِ داتا ڏُونھِن ڊوڙَندو،
صِراطَ مَٿان سُپِرِين، اُتِ لالَڻُ لَنگهائِيندو،
مُھتُ ڏِيندُسِ مَولو، اُتِ بَدِيُون بَخشائيندو.
[ سُر سارنگ، وايون، 1 ]

ٻَھَرِ ڪَڪَرُ نَڪو، اَندَرِ جُهڙُ جهورَ وَھي،
وَسائِيندِي وِڄُڙي، حُبَ جَھِين کي ھوءِ،
لالَڻُ جَنِي لوءِ، تَنِ اوڪاڻِيُون نَہ اَکِيُون.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 18 ]
وَسائِيندِي وِڄُڙي، حُبَ جَھِين کي ھوءِ،
لالَڻُ جَنِي لوءِ، تَنِ اوڪاڻِيُون نَہ اَکِيُون.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 18 ]
توڏَنِ تان نَہ تَنوارِئو، مُنھِنجو لالَڻُ وارِئو،
اللهَ مِيان ڪارَڻِ اَئِين اوٺِيا،
ميندِيءَ موڙَ مَلِيرَ جا، چانگَنِ کي سَڀَ چارِئو،
شَرَفُ لَھي سَسُئِي، ڪُٺِل کي ڪَمُ ڪارِئو.
[ سُر معذوري، وايون، 4 ]
اللهَ مِيان ڪارَڻِ اَئِين اوٺِيا،
ميندِيءَ موڙَ مَلِيرَ جا، چانگَنِ کي سَڀَ چارِئو،
شَرَفُ لَھي سَسُئِي، ڪُٺِل کي ڪَمُ ڪارِئو.
[ سُر معذوري، وايون، 4 ]
جَي سُورَنِ سِجهائِي، توءِ چيلِهہ ٻَڌئِو چوٽِيين چَڙھي،
لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، لالَڻُ لِيلائي،
سَڱُ پُنُوھَ جي سَسُئِي، ميڙي مِلائِي،
ٻانڀَڻِ ٻاڏائِي، حَبِئان وارِئو ھوتَ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 15 ]
لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، لالَڻُ لِيلائي،
سَڱُ پُنُوھَ جي سَسُئِي، ميڙي مِلائِي،
ٻانڀَڻِ ٻاڏائِي، حَبِئان وارِئو ھوتَ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 15 ]
جِيَسِ جِيَسِ وو جيڏِيُون، مُنھِنجو لالَڻُ آيو پيھِي،
مُنھِنجا وِئَڙا سُورَ سَڀَيئِي،
ھُئِي شِڪَستِي سَسُئِي، رازَ پُنهونءَ جي ريهِي،
ڳالِهيُون ڪَنديَس ڳُجِهيُون، مُنھِن مُقابِلَ ويھِي،
کَٿُورِي بارُ کَڻِي، آيا ڏُونگَرَ ڏيھِي،
سَرڪَشِي سَردارَ سين، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيھِي.
[ سُر ديسي، وايون، 6 ]

گُئاخ نَہ پيڙُءِ گوشِ، سَسُئِي سَرواڻَن جو،
آيَئِي نِنڊَ اَڀاڳَ جِي، مُنڌَ موڳِي بي ھوشُ،
لالَڻُ لِيل رَوان ٿِئو، ٿي رَند نِھارِين روشُ،
ساجَنُ ٿِئو سِرَ پوشُ، پَنڌَ ۾ پِيادِنِ جو.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 13 ]
آيَئِي نِنڊَ اَڀاڳَ جِي، مُنڌَ موڳِي بي ھوشُ،
لالَڻُ لِيل رَوان ٿِئو، ٿي رَند نِھارِين روشُ،
ساجَنُ ٿِئو سِرَ پوشُ، پَنڌَ ۾ پِيادِنِ جو.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 13 ]
ڪارا ڪَري ڪيسَ، مَتان ڪا مُنڌَ حِرصي،
ڪانڌُ تَنِي جو ڪوڏِيو، جَي وَتَنِ وِلِهي ويسِ،
لالَڻُ ڏِسي نَہ لِبيسَ، دِلِيُون پَرَ کي داسَڙو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 23 ]
ڪانڌُ تَنِي جو ڪوڏِيو، جَي وَتَنِ وِلِهي ويسِ،
لالَڻُ ڏِسي نَہ لِبيسَ، دِلِيُون پَرَ کي داسَڙو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 23 ]
جَهلي تان نَہ رَھان، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي،
اَپَرِ عاجِزُ آھِيان، لالَڻُ جان نَہ لَھان،
فَردا مُون ڦِٽِي ڪِي، واعِدي نَہ وَھان،
صُباحَ سِينءَ نَہ سَھان، خَواھِ مارِيين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 1 ]