Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سامونڊي جَي وايون جي وائِي
سِڙَه سُڃاڻِيو چوءِ، ماءَ سامُونڊِي آيا،
بَرِڪَتَ مُحَّمَدُ مِيرَ جي، اَڱڻُ سُرَھو ٿِيو،
سِڪَندي مُون سالَ ٿِئا، وَڻِجارو آيو،
ماڻُهو ڏِينِ مُبارَڪُون، اِھو پُڻ ڏِينھُن ٿِئو،
اُنِ جو عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَفَرُ سابِ پِئو.
رسالن ۾ موجودگي: 5 سيڪڙو
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सिड़ह सुञाणियो चोइ। माअ सामूंडी आया।
बरिकत मुहम्मदसलम मीर जे। अङण सुरहो थियो।
सिकंदे मूं साल थिआ। वणिजारो आयो।
माणुहू डी॒नि मुबारकूं। इहो पणि डीं॒हुं थिओ।
उनि जो अब्दुल्लतीफ़ चए। सफ़रु साबि पिओ।
ROMAN SINDHI
sirrah sunjaanniyo cho'ay, maa'a saamoonDi aayaa,
barikat'a Muhammad'u Meer'a jay, angann'u suraho thiyo,
sikanday moo'n saal'a thi'aa, wannijaaro aayo,
maannhoo ddeen'ay mubaarakoo'n, iho punn ddeenh'u thi'o.
un'ay jo Abdul'Lateef'u chae, safar'u saab'ay pi'o.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن وو مُنھِنجو…
- (وائِي) اَئِين اَچِي پَسو جيڏِيُون، ھِي…
- (وائِي) اَئِين مُون کي زورِ مَ…
- (وائِي) تَڙَ نِھارِئان تي مُنھِنجا بَندَرِ…
- (وائِي) ويندِي آئُون پِرِيَنِ وَٽِ، مُون…
- (وائِي) وَڻِجارو آيو، ماءَ مُرادُون پُنِيُون،…
- (وائِي) وِئا اَٿَمِ ھوتَ ھَڻِي، آئُون…
- (وائِي) پَڳَھَ پاءِ پَنھِنجي مَڪُڙِي، مَتان…
- (وائِي) پِرِيَنِ جي پَنڌان، مُون کي…
- (وائِي) ڪَرَھَلَ پائي لَڄُ، ڪوھُ نَہ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر سامونڊي جو تعلق سنڌي پرڪاش راڳ آھي ۽ ھن جي شڪل پوربي ٺاٺ سان ملي ٿي. آروھي ۽ آمروھي اوڏو سمپورڻ آھي يعني آروھيءَ ۾ پنج سر ۽ آمروھيءَ ۾ ست سر آھن. ڀٽائي جن جي راڳ کي راڳ وديا ۾ اھڙو تہ چالو ڏنو آھي جيڪو ھند جي ڏنل سنگيت سان ڪونہ ٿو ملي. انهيءَ ڪري شاھ جي سنگيت ۾ ان جو نالو ئي لطيفي چالو رکيو ويو آھي. وادي سر ”گنڌار“ ۽ سموادي سر ڌيوت راڳ جي آلاپن جو پھر شام کان رات تائين جو آھي.
ٺاٺ: پوربي
آروھي: سا گي مي پا ني سا
آمروھي: سا ني ڌا پا مني گي را سا
وقت (سمو) شام
(ذريعو: شاھ جو راڳ، سرگم وسيلي نئي تحقيق. تحقيق: استاد امير علي خان. ڇپائيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)
