سالَ بابت
معنيٰ
ورس، ورش، ورهيہ، سمت، سلہ، 12 مھينا.
Years.
بيتن ۽ وائين ۾
- سِڙَه سُڃاڻِيو چوءِ، ماءَ سامُونڊِي آيا، بَرِڪَتَ مُحَّمَدُ مِيرَ جي، اَڱڻُ سُرَھو ٿِيو، سِڪَندي مُون سالَ ٿِئا، وَڻِجارو آيو، ماڻُهو…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- ڏِٺي ڏِينھَن ٿِيامِ، ڪوھُ ڄاڻان ڪِھَڙا پِرِين، سَھِسين سِجَ اُلَھِي، واجِهيندي وِئامِ، تَنِي سالَ ٿِيامِ، جَنِ ري سَري نَہ ساعَتَڙِي.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- دَوڪَ دَھلِئا جِتِ، گورا ھَلَنِ نَہ گَسَ ۾، چَئُہ سالَ ئِي نَہ چَلِڻا، تَنگِ نِھاري تِتِ، سُوڌِي نِي سَيِّدُ چئَي،…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- صُورَتَ سَندِيَنِ سالَ، پاڻَ مُصاحِبَ سُپِرِين، مَولا ڏِنَنِ مُنھَن ۾، نُورِي نيڻَ نِھالَ، سَندي خُوابَ خِيالَ، مُون مَنُ مَتِوالو ڪِئو.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ سِنڱي سالَ وَڄاءِ، مالا ڦيرِجِ مَنَ ۾، ڌَڙَ کي ڌُوڙِ مَ لاءِ، ويراڳَڻِ وُجُودَ، کي،…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- زاھِدَ عابِدَ اورِيان، عارِفَ عَينُ مَڱَنِ، ھُو رَوادارَ رَکَتِ جا، ھِي ھَٿان ھَٿِ گُهرَنِ، ساعَتَ سالَ چَوَنِ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- سَرَ سُڪي سالَ ٿِئا، ھَنجَ تَہ ھَرِيوئِي پيرُ، ڪَنگُ ويچارو ڪيرُ، جو رَسي اِنَ رَمُوزَ کي.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]