Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سامونڊي جَي پڳھ ۽ سامونڊين سڱ جو بيت
نَنگَرِئو نيڻين، مَنُ اولِيءَ نَہ اوھَري،
سَٻاجهي سيڻين، پائي ڳُڻَ ڳَهِيو ھِنيُون.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
منھنجي ساھ کي سڄڻ جي نگاهن (ٻيڙيءَ جي) لنگر وانگر ٻڌي قابو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي منھنجي دل کي ڪابہ ڪاٺي يا اولي (اتان اکوڙي) سمنڊ ۾ ڌڪي نٿي سگهي. منھنجي سٻاجهي سڄڻ منھنجيءَ دل مَن (وڏي قرب ۽ محبت جي) ڳڻن سان پاڻ وٽ قابو ڪري رکيو آهي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سامونڊي، بيت نمبر : 1466
نَنکَّرِئُوْ نٖيْنٍ مَنُ اُوْلِيَ نَہ اُهَرٖيْ﮶
سَٻَاڄٖيْ سٖيْنٍ پَائٖيْ کُنَ کَھِيُوْ هِيٌ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
नंगरिओ नेणें। मनु ओलीअ न ओहरे।
सबा॒झे सेणें। पाए गु॒ण ग॒हियो हिंयूं।
ROMAN SINDHI
Nangro'o neien, maan awleye na awhrey,
SabhaJhey seien, paae ghaan gheeow hanyonw.
TRANSLATIONS
My mind does not detach itself from the anchor even if it is pushed away by means of an oar. (I fear lest the boat may sail away). My gracious friend has seized and fastened my mind by means of a rope, (and I do not want to be detached from him)
Though pushed with oar, I will not mooring shun,
My love with his many virtues, my heart has won.
My heart is not being oared away from near the anchor,
My gracious beloved tied my heart with his virtue.
قلبي لا يتعد من جنب المرساة ومن مقبضة القارب
لقد سيطر على قلبي الحبيب اللطيف وربطني بحبال الحب والهوى.
من میرا نا لنگر چپو صدقے پرانہہ ہٹائیں
گیا دل لوھ کے سجن میرا، من قابو کیتائیں
گھاٹ سے میرا من، نہیں دھکیلا جاتا،
گنوں سے وہ ساجن، من کو باندھ گیا ہے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اوڙاھِ وِئا نَہ وَرِئا، آئُون…
- (بيت) ايندين تان آءُ، ھَڻِي ھَٿُ…
- (بيت) اُونِهي ۾ اوھَرِي، جَڏھِن جٖي…
- (بيت) اُونِهي ۾ اوھَرِي، جَڏھِن وِئا…
- (بيت) اُھَرِئا جِئائِين، ڍُڪَنِ تَنِ تَرائِيين،…
- (بيت) جٖي اُونِهي وِئا اوھَرِي، اللهُ…
- (بيت) جٖي اُھَرِئَمِ اَڄُ، سي ڪَڏِھِين…
- (بيت) سامُونڊِي ساري، ماءَ مُنھِنجو جِندَڙو،…
- (بيت) سامُونڊِي ساري، ماءَ مُنھِنجو جِندَڙو،…
- (بيت) سامُونڊِي ساري، مَٿي تَڙَ گُذارِيان،…
- (بيت) سامُونڊِيءَ ڪو سَڱُ، آھي گُوندَرَ…
- (بيت) سيئِي جوڀَنَ ڏِينھَن، جَڏھِن سَڄَڻَ…
- (بيت) نَنگَرَ ۽ ناڙِيُون، پَڳَھَ کَڻِي…
- (بيت) نَہ سي تَڙِ خُراڪَ، نَہ…
- (بيت) وانءُ وَھِلِي نِڪِرِي، نَنگَرُ جانۡ…
- (بيت) وِئا اوھَرِي اُوءِ، مُون کي…
- (بيت) پَڳَھَ پاسي ويھُ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ…
- (بيت) پَڳَھَ پاسي پَچُ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ…
- (بيت) پَڳَھَ پاسي گهارِ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ…
- (بيت) پَڳَھَ پَنڌَ پَرُوڙِ، آيَلَ سامُونڊِيَنِ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر سامونڊي جو تعلق سنڌي پرڪاش راڳ آھي ۽ ھن جي شڪل پوربي ٺاٺ سان ملي ٿي. آروھي ۽ آمروھي اوڏو سمپورڻ آھي يعني آروھيءَ ۾ پنج سر ۽ آمروھيءَ ۾ ست سر آھن. ڀٽائي جن جي راڳ کي راڳ وديا ۾ اھڙو تہ چالو ڏنو آھي جيڪو ھند جي ڏنل سنگيت سان ڪونہ ٿو ملي. انهيءَ ڪري شاھ جي سنگيت ۾ ان جو نالو ئي لطيفي چالو رکيو ويو آھي. وادي سر ”گنڌار“ ۽ سموادي سر ڌيوت راڳ جي آلاپن جو پھر شام کان رات تائين جو آھي.
ٺاٺ: پوربي
آروھي: سا گي مي پا ني سا
آمروھي: سا ني ڌا پا مني گي را سا
وقت (سمو) شام
(ذريعو: شاھ جو راڳ، سرگم وسيلي نئي تحقيق. تحقيق: استاد امير علي خان. ڇپائيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)
