Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
- سُر معذوري جَي ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون جو بيت
پَرِيندي پاڻُ وِئو، زُلفَ زورُ ڏِنومِ،
ڪاڪُلُ ڪالَهہ ڏِٺومِ، رُخساريتي رُوپَ سين.
رسالن ۾ موجودگي: 87 سيڪڙو
سمجهاڻي
منھنجو اهو درد يا سور ڪنھن دوا سان لھي ئي نٿو، جنھن جو سبب محبوب جي زلفن جو زور ۽ زبردستي آهي. (ان جي شروعات تڏهن کان ٿي جڏهن) ڪالهہ مون محبوب جي ڳلن تي اهو سهڻو زلف سونھن واري وڏي رنگ سان (لٽڪيل) ڏٺو.
[صوفيانہ شاعريءَ ۾ زلف کي خاص معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويو آهي. مثنوي روميءَ ۾ هي شعر ڏسڻ وٽان آهي.
اينچنين مشکين که زلف مير ماست،
چونکه بي عقليم آن زنجير ماست.
(دفتر سوم بيت 3784)
معنيٰ: اهي خوشبوءَ سان مهڪيل وار جيڪي اسان جي محبوب جا آهن، اهي اسان جھڙان بي عقلن لاءِ زنجير آهن.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 91
پَرِيْدِہْ پَانُ وِئُوْ زُلْفَ ذُوْرُ ڎِنُوْمِ﮶
ڪَاڪُلُ ڪَالَ ڎِٽُوْمِ رُخْسَارٖيْتٖيْ رُوْپَس﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
परींदे पाणु विओ। ज़ुल्फ़ ज़ोरु डि॒नोमि।
काकुलु कालह डि॒ठोमि। रुख़्सारेते रूप सें।
ROMAN SINDHI
Parein'dy paan'n wio', zulf zor'r dinom,
Kakul'l kal'h dithom, rukhsar'eiy roop seiyn.
TRANSLATIONS
The medicines which were administered to me (by the physicians) proved ineffective. The image of the curl (of the Beloved) (on the other hand) sank deeper in me. It was but yesterday that I had witnessed the curl beautifully poised on the beloved's face.
ہرچہ کردند از علاج و از دوا
گشت رنج افزوں و حاجت ناروا
(Roomi)
The more they administered medicines, to me the more misery they increased in me and made their use undesirable.
لقد عذبتني فروعها ولا يداوي لاعج القلب بأي دواء.
أنا رأيت أمس إرسال وتزيين شعر الحبيب على خديه كما قال فيه البعض:
فرعها فى تطاول الـوهـق مـوجـع لـلـفـؤاد بـالخـنـق.
وقال فيه:
مهجة القلب فى ذوائـبـهـا جـذوة الـنـار فى غـيـابهـا.
وقال مجنون ليلي العامرية
غرامية الفرعيني بدرية السنا. ومطرها باري الجمال أنـيـق.
وقال السيد غلام علي آزاد البلجرامـي
ضاءت غدائرها بنور جبينها فيهن حسن الليلة القـمـراء.
مینوں درد اوہ تا دتا جس دی نہیوں کِتے دوا
کل زلف دا بل ڈٹھا، جمالاں وچ رخسارے تے
آد جگادوں زلف کریندی خون اساڈا آئی
مار لپیٹ پیڑیا سانوں، جند ساڈی تڑفائی
سایۂ زلفِ یار نے مارا
عارضِ تابدار نے مارا
کرکے بیخود یہ اہتمامِ وفا
اک سلیقہ شعار نے مارا
ہائے یہ رات تیرہ و تنہا
یادِ گیسوئے یار نے مارا
سر بہ سر درد لادوا بن کر
خود مرے حالِ زار نے مارا
مرگِ عاشق نہیں شہادت ہے
مطمئن ہوں کہ پیار نے مارا
زُلفِ یار نے درد دیا ہے، جس کا کوئی نہ درماں،
وہ لہراتی زلفیں اور وہ، یار کا روئے تاباں۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَڃا ڪي آھِينِ، جيسَرَمِيرِياڻِيُون جَڳَ…
- (بيت) تَنِ جيسَرَمِيرِياڻِنِ جَسُ، جٖي لِلهِ…
- (بيت) تَنِ جيسَرَمِيرِياڻِنِ جَسُ، جٖي لِلهِ…
- (بيت) جيسَرَمِيرِياڻِيُون جَڳَ مان، لَڏي وَيُون…
- (بيت) جيڪي لَنڊِي ٿِيءُ، نَہ تَہ…
- (بيت) جَڏائِيءَ جو جامُ، ڏِنائُون ڏُکِيءَ…
- (بيت) دَردُ نَہ لَھي دارُوئين، زُلفَ…
- (بيت) راتِيين روءِ رَتَ ڦُڙا، مُنڌَ…
- (بيت) سَتِي سِيڏائي، لَنڊِي ٿِي لاڏَ…
- (بيت) لَنڊِيُون لَکَ جِيَنِ، جٖي ڏِينِ…
- (بيت) لَنڊِيُون لَکَ جِيَنِ، جٖي ڏِينِ…
- (بيت) لَنڊِيُون ھِنَ لوڪَ ۾، مَرُ…
- (بيت) لَکَڻَ جٖي لَنڊنِ جا، لوڪُ…
- (بيت) ٻَھران واھَ وِڙَنِ سين، اَندَرِ…
- (بيت) ٻَھران ٻِي ٻِيَن سين، مَنجِهہ…
- (بيت) ڀَنڀو جو ڀَنڀورُ ۾، ڪاڪُل…
- (بيت) ڏِسَڻَ ڪَرَ ڏارِي، اَندَرِ سَتِي…
- (بيت) ڏِينھان ڏارِيءَ روءِ، راتِيان روءِ…
- (بيت) ڏِيھان ڏارِيءَ ويسِ، راتِيين روءِ…
- (بيت) ڪاڪُلَ ڪُٺِي جَا، ڪَفَنُ تَنھِن…
- (بيت) ھاڻِ جِيئان جيڏِيُون، زُلفَ زافُ…
