Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر ليلا جَي ھاڻي ويٺي رو جو بيت
چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان لَکايوءِ،
تو ڀانيو پانھِنجو، تَنھِن جو پَرو ڪو نَہ پِئوءِ،
ڪَونئُروءَ ڪانڌُ سَندوءِ، دَستِ ڪِئو داسَڙو.
رسالن ۾ موجودگي: 87 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي ليلان، تو چنيسر سلطان سان ڳالهائي پاڻ کي ظاهر ڪري ڇڏيو. تو جنھن کي پنھنجو سمجهيو (۽ حجت هلائڻ شروع ڪئي) توکي (دراصل) هن بابت ڪا خبر نہ پيئي (ڪا سمجهہ نہ آئي). اهو ئي سبب آهي جو ڪونروءَ (تنھنجي رقيب عورت) تنھنجو مڙس (تو کان کسي) پنھنجي هٿ ۾ ڪري ويئي.
[مثنوي روميءَ جا هي شعر ڏسڻ وٽان آهن:
هم سخن ديدي تو خود را باخدا،
اي بسا کو زين گمان افتد جدا.
(دفتر دوم، ب- 340)
معنيٰ: جيڪڏهن اهو مالڪ تو سان پاڻ ڳالهائي ٿو (تہ پنھنجو دماغ جاءِ رک) گهڻائي اهڙي گهمنڊ ۾ اچي ڌڪاڻجي ويا.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ليلا چنيسر، بيت نمبر : 2313
چَئِيْ چَنٖيْسَرَ ڃَامَس﮼ لِيْلَا لَـکَايُوْءِ﮶
تُوْ ڀَائِيُوْ پَاهِجُوْ تَھْجُوْ پَرُوْڪُوْنَ پِئُوْءِ﮶
ڪَوْ رُوْءَ ڪَاندُ سَندُوْءِ کَنِيْ دَسْتِ ڪِئُوْ دَاسَرُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
चई चनेसर जा॒म सें। लीलां लखायोए।
तो भांयो पांहिंजो। तंहिं जो परो कोन पिओए।
कोंउरोअ कांधु संदोए। दस्ति किओ दासड़ो॥
ROMAN SINDHI
Chaey Chanesar jaam seein, Leelan likhayo,
To'h bhanyo pahanjo, tehen jo paro'o ko taa pe'ow,
Koenro kaand'u sandho, dasat'a keow daasro.
.
TRANSLATIONS
O Leela! You betrayed your vanity by having an argument with Chanesar. You did not know the subtleties of his mind and you mistook him to be (eternally) yours. Now Kunroo possesses your consort Dasro.
By talking back to Chanesar you exposed yourself,
You hadn't the measure of whom you regarded as your own,
That is how you lost your consort to kaurnoo.
کیسی بھول ہوئی کہ جام کو، دکھائی خودداری،
جان نہ پائی اس ساجن کو، جس کی تھی تو پیاری،
کونرو بنی دلاری، اور روٹھ گیا وہ ساجن۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اُٿِي سورِ ٻُھارِ، لِيلان لُڇُ…
- (بيت) لِيلان جِمَ لَکائِيين، سُوڀِي ساڻُ…
- (بيت) لِيلان جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرَ…
- (بيت) لِيلان جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرَ…
- (بيت) لِيلان لَکَڻَ پانھِنجا، سارِجِ سَڀَيئِي،…
- (بيت) لِيلان لُڇُ مَ ايتِرو، اُٿِي…
- (بيت) لِيلان لُڇُ مَ اِيتِرو، ويئِي…
- (بيت) وَڏيرِي ھُياسِ، ميڙو مُون گهَرِ…
- (بيت) وَڏيرِي ھُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ…
- (بيت) وَڏيرِي ھُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ…
- (بيت) ڀينَرُ ڀِنِيءَ راتِ، مُون چَنيسَرُ…
- (بيت) چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان…
- (بيت) چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان…
- (بيت) چَنيسَرُ چَورَنگُ، ٻِہ رَنگُ لوڪُ…
- (بيت) کَٿورِي چَئِين پَلَئين، توءِ ڏُھاڳِڻِ…
- (بيت) ڪانڌَ ڪَمِيڻِي آھِيان، ھَلايان نَہ…
- (بيت) ھُئا لِيلان جا اَڳهيِن، مَٿي…
