Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر حسيني جَي سؤُ سُک ۽ طالب، تات جو بيت
ھِئان ٿي ھَلَندِياسِ، سَرَتِيُون ساڻيھَ سامُھِين،
سونَ ڪَڙولا سَنگهَرُون، ڏُونگَرَ کي ڏِيندِياسِ،
آيَلِ ٻاروچَنِ سين، ڪيسَرِيا ڪَندِياسِ،
مِليَسِ تَہ مِلياسِ، نَہ تَہ گهورِيَس ٻاروچَلَ تان.
رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو
سمجهاڻي
(سسئي ٿي چوي) هتان (ڀنڀور کان) اُٿي آءٌ سڌو پنھنجي محبوب پنهونءَ جي ملڪ ڏانھن رواني ٿينديس. هي جيڪي مون وٽ سون جا زيور ۽ ٻيا ٻانھُن جا ڪڙا وغيرہ آهن، سي سڀ ڏونگر کي ڏيئي ڇڏينديس. مان جڏهن ٻاروچن سان ملنديس تہ غم جي رنگ وارا پيلا (زعفراني) ڪپڙا ڍڪينديس. جيڪڏهن هنن سان ملڻ منھنجي نصيب ۾ آهي تہ ملنديس، نہ تہ پنھنجي پنهونءَ تان قربان ٿي وينديس.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 718
هِئَا ٿِيْ هَلَندِيَاسِ سَرَتِيٌ سَانٖيْهَ سَامُھِيْ﮶
سُوْنَ ڪَرُوْلَا سَکَرٌ ڎُنْکَرَ کٖيْ ڎٖيْدِيَاسِ﮶
آَيَلِ ٻَارُوْچَنِس﮼ ڪَيْسَرِيَا ڪَندِيَاسِ﮶
مِلِيَسِ تَا مِلِيَاسِ نَةَ کُوْرِيَسِ ٻَارُوْچَلَ تَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
हिआं थी हलंदियासि। सरतियूं साणेह सामुहें।
सोन कड़ोला संघरूं। डूं॒गर खे डीं॒दियासि।
आयलि बा॒रोचनि सें। कैसरिया कंदियासि।
मिल्यसि त मिल्यासि। न त घोरियसि बा॒रोचल तां।
ROMAN SINDHI
hi'aa'n thi halandiyaas'ay, saratiyoo'n saanneh'a saamu'hee'n,
son'a karrolaa sanghharoo'n, ddoongar'a khhay ddeendiyaas'ay,
aayal'ay Barochan'ay see'n, kesariyaa kandiyaas'ay,
milyas'ay ta milyaas'ay, na ta ghhoriyas'ay Baarochal'a taa'n.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آئُون پِہ گَڏِجان ھوتَ کي،…
- (بيت) اوجَهڙِ وَٽان آنءُ، ٻِيُون سَڀَ…
- (بيت) اُٿِيو ۽ اُٿِياڪُ، ڪالهوڪو ڪاڏي…
- (بيت) جيڪي طالِبَ تاتِ جا، تاتِ…
- (بيت) جيڪي ڪَرِيان اِيئَن، جِيئَن ڪَمِيڻِي…
- (بيت) جِيئَن جِيئَن جَهلي جَڳُ، تِيئَن…
- (بيت) سَؤُ سُکَنِ ساٽي ڏِيان، سِرُ…
- (بيت) سَؤُ سُکَنِ ڏيئِي، وِرھُ وِھايُمِ…
- (بيت) سَؤُ سُکَنِ ڏيئِي، وِرھُ وِھايُمِ…
- (بيت) سَنڌِيُون سُورَ ڪَرِينِ، ھَڏُ پُڻ…
- (بيت) سَڄَڻُ ڏِٺو جَنِ، تَنِ ڳِچِيءَ…
- (بيت) سَڄَڻُ ڏِٺو جَنِ، موٽَڻُ تَنِي…
- (بيت) سُورَ وِراھِيان سَرَتِيُون، جَي وِراھِيا…
- (بيت) سُکَنِ مَٿي سُورَ، ڪا مَٽائِيندِي…
- (بيت) نَہ ڪا تاتِ نَہ تُوتِ…
- (بيت) نِينھَن مَ نالو ڳِنُ، پِريَتَڻي…
- (بيت) وِرھُ جَنِ وَٿاڻُ، سُورُ سَلامِي…
- (بيت) ڇِڪَ ٿِئي تِتِرُ لَنئي، مَٿان…
- (بيت) ڏيکارِيُسِ ڏُکَنِ، گُوندَرَ گَسُ پِرِيَنِ…
- (بيت) ڏُکَ سُکَنِ جِي سُونھَن، گهورِيا…
- (بيت) ڪا مَٽُ مَٽائي، سُورَ مان…
- (بيت) ڪَنِي ڪَنِي ماڻُهِين، گُوندَرُ وَڏِي…
- (بيت) ڪِينِهي طالِبَ تاتِ جا، آھي…
- (بيت) گهوڙَنِ ھَنئِي سَڀَڪا، آئُون ڪَنواٽَنِ…
- (بيت) گهوڙَنِ ھَنئِي سَڀَڪا، اُٺَنِ ھَنئِي…
- (بيت) ھَلو ۽ مَلهو، ڏُکُ مَ…
