Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
ھِن وائيءَ جا مُکيہ اِسم
- سُر ديسي جَي وايون جي وائِي
جيڪَرَ جيڏِيُون اَلو، ڪَرَھَ سَندانِ چاريان،
پيرين آئُون نَہ پُڄِڻِي، ڪَرَھَلَ ھُوءِ نَہ جَهلِينِ،
ڳُجِهي آئُون نَہ وَڃِڻِي، پَڌَرِ پِريِن نَہ نِينِ.
رسالن ۾ موجودگي: 55 سيڪڙو
سمجهاڻي
(سسئيءَ جي زباني) اي جيڏيون سرتيون، جيڪڏهن هو مون کي پنھنجا اٺ چارڻ لاءِ ڏين تہ آءٌ (وڏي خوشيءَ سان) انهن کي چاريان (انهن جي بہ خدمت ڪريان). بلڪہ جيڪڏهن هو پنھنجا اٺ چارڻ لاءِ منھنجي حوالي ڪن (مون کي اهو ڪم ڏين) تہ آءٌ جيڪر مُئي بہ جيئري ٿي پوان! آءٌ پيرين پيادي يعني پنڌ ڪري هنن وٽ پھچڻ واري ناهيان ۽ هو وري پنھنجا اٺ ترسائڻ لاءِ تيار ناهن. ٻئي ڪنھن لڪل نموني سان تہ آءٌ وڃي نٿي سگهان ۽ ظاهر ظھور هو مون کي نٿا وٺي وڃن.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪارايل، بيت نمبر : 4004
جٖيْڪَرَ جٖيْڎِيٌ اَلُوْ ڪَرَہَ سَندَانِ چَارِيَان مَا چَارَائِيْنِ﮶
پٖيْر﮼ آَءٌ نَپُڃِنٍ ڪَرَهَلَ هُوْءِ نَجَلِيْنِ﮶
کُجِيْ آَءٌ نَوَڃِنِيْ پَڌَرِ پِرٍ نَہ نِيْنِ﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जेकर जेडि॒यूं अलो। करह संदानि चार्यां।
पेरें आऊं न पुजि॒णी। करहल हूए न झलीनि।
गु॒झी आऊं न वञिणी। पधरि पिरीं न नियनि॥
ROMAN SINDHI
Jekar'a jeddiyoo'n alo, karah'a sandaan'ay chaaryaa'n,
peren aaun na pujjinni, karahal'a hoo'ay na jhhaleen'ay,
ggujhhi aaun na wanjinni, padhar'ay piree'n na neen'ay.
TRANSLATIONS
جذبۂ دلفگار کیا کہئے
خلش نوک خار کیا کہئے
اپنے پیارے بلوچ کی خاطر
سفر کوہسار کیا کہئے
مدعا اپنا ساربانوں کو
روک کر بار بار کیا کہئے
رنگ آمیزی حنا کیا خوب
چشمِ خوننابہ بار کیا کہئے
عہد و پیماں غم محبت کے
کیوں نہ ہوں استوار کیا کہئے
’کیچ‘ کی سمت اٹھ رہے ہیں قدم
وصل کا انتظار کیا کہئے
جادہ پیما ہے کس بھروسے پر
اک غریب الدیار کیا کہئے
ان کی باندی کہلائوں گی
میں ان کے اونٹ چرائوں گی
رکتے ہی نہیں کیچی پیارے
اب کیسے ان کو پائوں گی
آئیں گے وہ لینے مجھ کو
جائوں بھی تو کیسے جائوں گی
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) آئُون تي ڇُلان مَٿي ڇَپَرين،…
- (وائِي) جِيئَري ساڻُ جَتَنِ، لَڳو ناتو…
- (وائِي) جِيَسِ جِيَسِ وو جيڏِيُون، مُنھِنجو…
- (وائِي) دَردَ فِراقَ مِيان پُنهون سائِين،…
- (وائِي) سَڳَرَ مَجِهہ سُڻِينِ، اي يا…
- (وائِي) لَڪَ لَنگهِيائُون، وَڃِي ڏيرَ قَرارِئا…
- (وائِي) مُون کي لَڳَڙِي آھِ لَغارَ،…
- (وائِي) ويندِيَسِ ڪيچِ ڪَھِي، سيڻَنِ ساڻُ…
- (وائِي) ٻاروچي جِي ذاتِ، سَڄَڻَ ٻاروچي…
- (وائِي) ٻَڙِي مادَرِ ماءُ، مُون ۾…
- (وائِي) ڀَلو جيڏِيُون، ھوتَ بَلوچي جِي…
- (وائِي) ڇا کي ٿا ڪَرَھَ قَطارِئو،…
- (وائِي) ڏاگهَنِ ڏيرَنِ ساڻُ، ڪَرَھَنِ ڪيچِيَنِ…
- (وائِي) ڏُونگَرَ ڏِجو ڏَسُ، مِيآن ڪو…
- (وائِي) ڪيچِ ڪَمِيڻِيءَ کي نِجا وو…
- (وائِي) ڪِھَڙي آندين سانگَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ…
- (وائِي) ھاڙھي ھيٺِ لَڳا، سَڄَرَ پيرَ،…
- (وائِي) ھوتَ نَہ ڀانيُمِ ھِيئَن، مارِي…
- (وائِي) ھِينئَڙو ٿو ھُنَ ساري مُنھِنجو…
