Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
- سُر ڏھر جَي نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ جو بيت
مُسَنِ مُنھَن سَنِرا، کَرِئا گهَڻو کِلَنِ،
سي تان وِسِرِئَنِ، آئِيا جَنِ ڪَمَنِ لَيءِ.
رسالن ۾ موجودگي: 60 سيڪڙو
سمجهاڻي
هڪڙا (وڏيءَ عمر وارا) بي فڪرا ٿي پنھنجا منھن خوامخواھ ملوڪ ڪيو پيا گهمن، ٻيا جيڪي اڻ سڌريل ۽ اڻ گهڙيل آهن، سي گهڻو ۽ اجايو سجايو پيا کلن. دراصل اهي ٻيئي جنھن مقصد ۽ مطلب خاطر هتي آيا هئا، سو وساري ويھي رهيا آهن.
[مُسن عربي لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي پوڙهو يا وڏي عمر وارو. مثنويءَ ۾ هڪ پوڙهي عورت پنھنجي منھن کي هار سينگار ڪري جوان ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، تنھن لاءِ رومي چوي ٿو:
چون مُسن گشت و درين ره نيست مرد،
تو بنـﮧ نامش عجوز سال خورد.
(دفتر ششم، 1244)
معنيٰ: جڏهن ڪوبہ ماڻهو وڏي عمر جو ٿي وڃي ۽ حق جي راھ تي مردن وانگر نہ هلي تہ ان تي عمر رسيدہ پوڙهيءَ (بيڪار) جو نالو رکي ڇڏ.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڏھر، بيت نمبر : 3067
مُسَنِ مُهَ سَنَرَا کَرِئَا کَنٌ کِلَنِ﮶
سٖيْ تَا وِسِرِئَنِ آَئِيَا جَنِ ڪَمَنِ لَىءِ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
मुसनि मुंहं सनिरा। खरिआ घणू खिलनि।
से तां विसिरिअनि। आइया जनि कमनि लए॥
ROMAN SINDHI
Mussan munhn sanira, khariya ghanno khilan,
Se taan wisriyan, Aaiya jan kaman lae.
TRANSLATIONS
Those with beautiful faces (i.e. with good performances) are in difficulties; and the evil minded persons laugh and enjoy life. They have forgotten the job with which they have been commissioned in this world.
Benefit yourself with your disbelief a little while; you are surely of the inmates of fire. (8, AI-Zumar).
The lovers faces follow, evil persons laugh,
They forgot the purpose of their coming into this world.
ہنستے مکھ تو مرجھائے، بروں کو دیکھا ہنستے،
یہ وہ بھلا ہیں بیٹھے، کہ کیوں وہ جگ میں آئے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اللهَ جِيئَن نالوءِ، تِيئَن مان…
- (بيت) جيڏو تُنھِنجو نانءُ، ٻاجَهہ بِہ…
- (بيت) جَرَ تي ڦوٽو جِيئَن، لَڳي…
- (بيت) جَڏھِن ٻُڌوسُون، تَہ ٿو بَخِشِين…
- (بيت) جِيئَن تُون قائِمُ ڪانڌَ، تِيئَن…
- (بيت) سَتُرُ ڪِجِ سَتارَ، آئُون اُگهاڙِي…
- (بيت) صاحِبَ تُنھِنجِي صاحِبِي، عَجَبَ جِھَڙِي…
- (بيت) صاحِبَ تُنھِنجِي صاحِبِي، عَجَبُ ڏِٺِيسُون،…
- (بيت) مَ ڪَرِ ڍولَ ڍِلو، ناتو…
- (بيت) مِرُون ڪِينَ وَلَنِ، پَکِي ڪَنِ…
- (بيت) مِٺو جِيئَن نالوءِ، تِيئَن مُون…
- (بيت) ويئِي ڪالَهہ ھَٿان، سا ڪالَهہ…
- (بيت) وَرَ سين وِجِهئو ڪاڻِ، کَرَ…
- (بيت) ڦِرِئا پَسِي ڦِيڻُ، کَرِئَنِ کِيرُ…
- (بيت) ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ…
- (بيت) ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ…
- (بيت) ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ…
- (بيت) ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ…
- (بيت) ڪَرِ ڪو ڀيرو ڪانڌَ، مُون…
