گُلَ جي سنڌي معنيٰ
ڦُول وڻ، ٻوٽي، ٻوڙي جا ڦُل. قسم گُلاب، موتيو، سوسن، سمن، زعفران، ڪَيسر، دائودي، سُنبل، آتشي، نرگس، گونٽو، بِنفشو، ياسمين، جاءِ گل، رتن جوت، خيرو، ٽانگر، ڪيتڪي، چنبيلي، مُگرو، کٽڻھار، نيلو فر، ڪنول، جافري وغيرہ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Flowers, roses, blooms, blossoms, flowerets, floret.
گُلَ جا بيتن ۾ حوالا
گُلَ گُلَ پَسِي گودَڙِئا، گَهڻا مَ ڀانئيجِ،
سوئِي سُڃاڻيجِ، ھِيءُ ھُو آھي ھيڪِڙو.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 20 ]

چِيھو چُکِيءَ ڪَنڌيين، ڪِئائِين گَڙنگَ تي گُلَ،
ھَڏا ڪُٽِئان ھَليو، ڀَري تَرايُون تَلَ،
آسدِي آبَ اُڇَلَ، مَٿي باغَ بَھارُ ڪَري.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 4 ]

ڏَاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ ڏاڙُهونءَ گُلَ جِيئَن،
چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ،
ميڙي ۾ مُحَّمَدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ،
تَنھِن سُورِھَہ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرزا ٿئي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 2 ]

جَي ھُوندَ ڏِٺائُون وو جيڏِيُون، حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو جِھَڙو،
سو جي سومِ ڪَنَنِ سين، پَھُ جو ڪِئائُون،
ٻانھُون ٻيلَ نَہ لاھِيان، پُنَهلِ کي آئُون،
چَڙِهي نَہ سَگهان چوٽِيين، مارَڳُ مَٿاھُون،
ھُو جي پَھَڻَ پَٻَ جا، مَڻِيا مُڪائُون،
مُون مُٺِيءَ تي مَنڊئا گُوندَرَ گِلائُون،
ھِينئَڙو ڏَندَڻَ پاڙَ جِيئَن، ڇِڪِيءَ ڇِنائُون،
ھِينئَڙو ڌاڙُھُونءَ گُلَ جِيئَن، ريھي رَتائُون،
ڏُکِيءَ سَندي ڏيجَ ۾، ڏُونگَرَ ڏِنائُون،
ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين، تان گهورِي مَرُ آئُون،
ويندي ڪِيُون وَڻَنِ سين، سَسُئِيءَ سُکائُون،
پُنهون وَٺِي پاڻَ سين، موٽِيَسِ جي آئُون،
ڏِيندِيَسِ شاخَ سَڀَ ڪَنھِن، وَڻِ وَڻِ واچائُون.
[ سُر حسيني، وايون، 1 ]

جِھَڙا گُلَ گُلابَ جا، تِھَڙا مَٿِنِ ويسَ،
چوٽا تيلَ چَنبيلِئا، ھا ھُوءَ جي ھُمَيشَ،
پَسِئو سُونھَن سَيِّدُ چئَي، نِينھَن اَچَنِ نيشَ،
لالَڻَ جي لِبيسَ، آتَڻِ اَکَرُ نَہ اُڄَھي.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 1 ]

راڻا نَہ ڄاڻان، تَہ ڪِيئَن وِڏوھِيين وَلَها،
پيئِي کيھَ کَٽُنِ تي، ٿِئا پَلَنگَ پُراڻا،
جايُون گُلَ زَباتَ وَڻَ، تو ريءَ ڪُوماڻا،
ڌَرِيائِي ڌورا ٿِئا، وَرَ ري وِھاڻا،
مَينڌَرا ماڻا، تو ريءَ ڪَندِيَسِ ڪَنِ سين.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 10 ]

جِھَڙا ڪَڻِڄِ ڪَکَڙا، تِھَڙا جائِنِ ڦُلَ،
تَنِ سامِيَنِ جي سَڌَ مَران، جَنِ جي گودَڙِيُنِ ۾ گُلَ،
اَندَرِ مُلَ اَمُلَهہ، ٻَھَرِ ڪوجها ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 19 ]

مُون ۾ عَيبَ اَپارَ، يارَ سَتارَ، آئُون جا،
طامِعِ آھِيان توھَ جي.
اَمُرَ اوڏِي نَہ وَڃان، نَھِيءَ ڪِيَسِ نِڪارَ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ جي، توکي سُڌِ سَتارَ،
ھِڪُ وِڃايَمِ ويسَرِي، ڄاڻِي سَڀَ ڄَمارَ،
جيڪِي وَھي وُجُودَ ۾، سو تُون ڄاڻين ڄاڻَڻَھارَ،
جِيئَن سي گُلَ گُلابَ جا، کِڙِئا کَٽَڻَھارَ،
مُنھِنجِي سِڪَ سَيِّدَ ڏي، مَدِيني موچارَ.
[ سُر بلاول، وايون، 1 ]

ڪالُهُون پوءِ لَڪَنِ ۾، مُنھِنجي نِنڊَ نَہ نيڻَنِ نيڻَنِ،
ڪالُهُوڻان اَڄُ گهَڻِي، ڪَرَ جهورڙِي ڪيڻَنِ،
ھِينئَڙو ڏاڙُهونءَ گُلَ جِيئَن، روئِي رَتَڙو نيڻَنِ،
ٻِيُون سَڀَ واڳِيُون وَرَنِ سين، آئُون جَا واڳڙي ويڻَنِ،
موٽُ تُون آيَلِ ماءَ مُنھِنجَڙِي، تان ڪو ڏُکُ نَہ ڪيڻَنِ.
[ سُر ڏھر، وايون، 2 ]

نَہ ڀُلِڪارَ نَہ ڀُلَ، نَڪو رائُرُ ڏيھَ ۾،
آڻِئو وِجَهنِ آھُرين، روڙِئو رَتا گُلَ،
مارُو پاڻِ اَمُلَ، مَلِيرونِ مَرَڪَڻُو.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 11 ]