ڪَمِيڻِي جي سنڌي معنيٰ
نيچ. گهٽ رتبي واري، ڪم ظرف، سِفلي، رَذِيل، ذَلِيل، بي مان، بي عزتي، واھياتُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Abusive, foul-tongued, obscene, mean.
ڪَمِيڻِي جا بيتن ۾ حوالا
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ويچارِي وَري،
لالَڻَ لَئي لَطِيفُ چئَي، پُرِي پيرَ ڀَري،
ڪَمِيڻِي ڪَري، ڪارُون ڪيچَ ڌَڻِيَنِ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 5 ]

ڪيچان اوري ڪِٿَھِين، وَڻُ نَہ ويساھِين،
ڪَمِيڻِي ڪيچِيَنِ لاءِ، پُورِجِ پَراھِين،
تاڻِجِ تيڏاھِين، وارِجِ ڪا مَ وَرَڻَ جِي.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 4 ]

مُون ڀانيو مَھمانَ، ھَميشه ھُوندا پِرِين،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ ڪِيائُون ڪانَ،
ڏيئِي وِئَڙا ڏاھِ کي، سُورَنِ جا سامانَ،
جورو راتِ جُوانَ، جيڏو جَتَ ڪَري وِئا.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 1 ]

جَتَنِ سين جَوابُ، ڪِھَڙو ڪَندِيَسِ جيڏِيُون،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَري ڏيرَ ڪَبابُ،
آرِياڻِي آبُ، رَکُ ڪَمِيڻِيءَ جو ڪيچَ ۾.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 7 ]

ھي جٖي آيا ھيرَ، سي جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾،
آئُون تَرسان ھُو تَڪِڙا، پَٽِ نَہ کوڙِينِ پيرَ،
ڀَنڀُولِيَسِ بَرَنِ ۾، پَسِي ڀِينڊِيَنِ ڀيرَ،
آءُ آرِياڻِي اُسِرِي، ٿِي واھَرَ جِي ويرَ،
ھِيءَ ڪَمِيڻِي ڪيرَ، تُون پارِس رَسِجِ پَٻَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 6 ]

سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، تَہ ڪِي اوٺِي ڪَندا اِيئَن،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ڪِيئَن، جَتَنِ راتِ جَڏِي ڪِي.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 9 ]

آڻي لِکِئي لَنئُن لائِي، آئُون ڪا جوڙَ جَتَنِ جو،
ٻَڙِي جيڏِيُون، آئُون ڪا ڪُڙُمُ ڪيچِيَنِ جو،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ نَہ ڪِئائُون ڪائِي،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، ڏيرَ ڪَري وِئا ڏاڍائِي،
ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، ڪونهي سُورَنِ ڀائِي،
پَسِي پَنھِنجا ڪَمَڙا، لالَڻَ آئُون لَڄائِي،
پورِھِيَتِ پُنهونءَ ڄامَ جِي، ڪيچِيَنِ ڪَمِ نَہ آئِي،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ھوتَ ڪَرِيو ھَمراھِي.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 6 ]

آتَڻُ اورانگهي وِئا، ڪَري ڪَمِيڻِي ڪِيئَن،
ھاڻي گُهرِجي ھِيئَن، جِيئَن ڏِجي باھِ ڀَنڀورَ کي.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 26 ]

نَڪِي ٿِيان سَڱَ ۾، نَڪِي سَڱِيڻِي،
آھِيان ڪَمِيڻِي، ذاتِ ٻاروچِيءَ نَہ جُڙانِ.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 15 ]