سيڻَ جي سنڌي معنيٰ
گهوٽ يا ڪنوار جي مائٽن لاءِ محاوِرو. سڱيڻو، مائٽ، مِٽَ، عزيز. سڄڻ، دوست، محبوب، محبُ. ڀتار.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
relatives, beloveds, dears, nears, friends
سيڻَ جا بيتن ۾ حوالا
وِساريجِ مَ ويڻَ، آھي جوڀَنُ ٻَہ ٽي ڏِينھَڙا،
اَصلِ اَسارَنِ جا، سُتي وِئَڙا سيڻَ،
جيڏِيُون جَي مُون وِسَھو، نِنڊَ مَ ھيرِئو نيڻَ،
لوٺِيُون سَھَنِ لوڪَ جا، وِھاڻِيءَ ٿِيُون ويڻَ،
آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، جَهلِ تُون نِنڊان نيڻَ،
راتِڙِيُون جاڳَنِ جٖي، سي آئُون ڪَندَڙِي سيڻَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 9 ]

سُورِيءَ مَٿي سيڻَ، ڪِھَڙي ليکي سَنِرا،
جيلاھَ لَڳا نيڻَ، تَہ سُورِيائِي سيڄَ ٿِي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 8 ]
جيلاھَ لَڳا نيڻَ، تَہ سُورِيائِي سيڄَ ٿِي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 8 ]
دارُون ۽ ڪارُون، جانۡ ڪِي ڪِئا ويڄَ مُون،
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جِي، نِھاري نارُون،
جَنِ جُون سيڻَ لَھَنِ سارُون، تَنِ تان ڏُکوندو ڏُورِ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 7 ]
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جِي، نِھاري نارُون،
جَنِ جُون سيڻَ لَھَنِ سارُون، تَنِ تان ڏُکوندو ڏُورِ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 7 ]
سَڌين سيڻَ نَہ ھُونِ، نِينھُن نِياپي نَہ ٿِئي،
ڪارِيءَ راتِ رَتُ ڦُڙا، جان جان نيڻَ نَہ رُونِ،
موٽَڻُ جَنِي ميھَڻو، پِڙَ تي سيئِي پُونِ،
جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين، سي مَرُ رويو رُونِ.
[ سُر کنڀات، وايون، 4 ]
ڪارِيءَ راتِ رَتُ ڦُڙا، جان جان نيڻَ نَہ رُونِ،
موٽَڻُ جَنِي ميھَڻو، پِڙَ تي سيئِي پُونِ،
جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين، سي مَرُ رويو رُونِ.
[ سُر کنڀات، وايون، 4 ]
ھيڪاندا ھُونِ پِرِين، سانگِ مَ وَڃَنِ سيڻَ،
رَھيا آھِينِ رُوحَ ۾، نِتُ جَنِي جا نيڻَ،
جَنِ وِماسِئا ويڻَ، تاريءَ تَڳي تَنِ ھِينيُون.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 9 ]
رَھيا آھِينِ رُوحَ ۾، نِتُ جَنِي جا نيڻَ،
جَنِ وِماسِئا ويڻَ، تاريءَ تَڳي تَنِ ھِينيُون.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 9 ]
اوڙاھِ وِئا نَہ وَرِئا، آئُون تَنھِن مارِي ويڻَ،
ڪَري سامُونڊِي سيڻَ، جُسي جارُ پِرائِيو.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 15 ]
ڪَري سامُونڊِي سيڻَ، جُسي جارُ پِرائِيو.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 15 ]
اَچَنِ سِڙَه اُپَڙِئا، مَٿِنِ ڪَپَڙَ ڪوٽَ ،
سامُونڊِي مُون گهوٽَ، سيڻَ سَلامَتَ آيا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 17 ]
سامُونڊِي مُون گهوٽَ، سيڻَ سَلامَتَ آيا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 17 ]
وِئو ڪانگُ ڪَھِي واڌايُون وِصالَ جُون،
اِجهي سَڄَڻَ آيا، ڏاڍي ٺاھِ ٺَھِي،
وِپَتَ سَڀَ وَئِي، سيڻَ سَلامَتَ آيا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 17 ]
اِجهي سَڄَڻَ آيا، ڏاڍي ٺاھِ ٺَھِي،
وِپَتَ سَڀَ وَئِي، سيڻَ سَلامَتَ آيا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 17 ]
ڀورِيءَ جا ڀِري، سيڻَ سَلامَتَ آيا،
تَني کي ڦِرِي کِلِي تَنھِن کِيڪارِيو.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 19 ]
تَني کي ڦِرِي کِلِي تَنھِن کِيڪارِيو.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 19 ]
ڀَڄِي آئين ڀَڄِڻا، لَڄايَئِي مُون سيڻَ،
ويٺِيون وِجَهنِ ويڻَ، مُنھَن مَٿاھان جَنِ جا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 17 ]
ويٺِيون وِجَهنِ ويڻَ، مُنھَن مَٿاھان جَنِ جا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 17 ]
English Meaning
relatives, beloveds, dears, nears, friends