مانَ جي سنڌي معنيٰ
مَنَ، ٿي سگهي ٿو تہ، متان،
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Would that, I wonder if, perhaps.
مانَ جا بيتن ۾ حوالا
توڻي نِينِ نَہ نِينِ، آئُون اُنِين جِي آھِيان،
زورو ھِنَ ضَعِيفِ سين، ڪامِلَ ڪوھُ ڪَرِينِ،
پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ڪَرَھَلَ ھُوءِ نَہ جهِلينِ،
جَتَ پانهِنجِيءَ جُوءِ ۾، جانِبَ مانَ جَٽيِنِ،
ٻانِهي ٻاروچا پانھِنجي، سَڳَرِ مانَ سَڏِينِ،
پِڪَ پَدَمَنِئا اَڳَرِي، سُرِڪِي مانَ سَڃِينِ.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 4 ]

جَڏِيءَ وَٽِ جالي، مانَ اللهَ ڪارَڻِ لِکَ سِينءَ،
آھِيان آرِيءَ ڄامَ جي، ھِتِ ھُتِ حَوالِي،
عَيبَ مُون ۾ اَڳِراَ، مانَ نِرمَلُ نِڪالي،
پَرٽِياڻِي پالي، ڪامِلُ نِيندو ڪيچَ ڏي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 8 ]
آھِيان آرِيءَ ڄامَ جي، ھِتِ ھُتِ حَوالِي،
عَيبَ مُون ۾ اَڳِراَ، مانَ نِرمَلُ نِڪالي،
پَرٽِياڻِي پالي، ڪامِلُ نِيندو ڪيچَ ڏي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 8 ]
مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتان لاھِ مَ چُرَ،
اُنِهين جا اَمُرَ، کَڻُ تَہ خالِي نَہ ٿِيين.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 1 ]
اُنِهين جا اَمُرَ، کَڻُ تَہ خالِي نَہ ٿِيين.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 1 ]
مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ ڪَريجِ چيتُ،
سِڙَه ڌُئاري صافُ ڪَري، صابُڻَ ساڻُ سُفيتُ،
سامُونڊِي سُچيتُ، ٿِيءُ تَہ پَھچين پارَ کي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 4 ]
سِڙَه ڌُئاري صافُ ڪَري، صابُڻَ ساڻُ سُفيتُ،
سامُونڊِي سُچيتُ، ٿِيءُ تَہ پَھچين پارَ کي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 4 ]
ڪاتِي جَنِ ڳَري، مانۡ لَنئُن لَڳو تَنِ سين،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، وَڃان پيرَ ڀَري،
اَڏِيءَ سِرُ ڌَري، مانَ ڪُھنِھُون سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 16 ]
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، وَڃان پيرَ ڀَري،
اَڏِيءَ سِرُ ڌَري، مانَ ڪُھنِھُون سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 16 ]
ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿُ کَڻِي، ٻَنگان لَھِي ٻاڻُ،
ماڳھِين مُون مِنھُن ٿِئي، جهولِيءَ وِجهان پاڻُ،
اِنَ پَرِ ساجَنَ ساڻُ، مانَ مُقابِلو مُون ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 8 ]
ماڳھِين مُون مِنھُن ٿِئي، جهولِيءَ وِجهان پاڻُ،
اِنَ پَرِ ساجَنَ ساڻُ، مانَ مُقابِلو مُون ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 8 ]
ويڄَ مَ ٻُڪِي ڏي، اَلا چَڱِي نَہ ٿِيان،
سَڄَڻُ مانَ نَہ اَچي، ڪَرَ لاھُو ٿِي ڪَڏِھِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 13 ]
سَڄَڻُ مانَ نَہ اَچي، ڪَرَ لاھُو ٿِي ڪَڏِھِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 13 ]
سِرُ سانڌاڻِ ڪَري، پُڇِجِ گهَرُ لُھارَ جو،
ڌَڪَنِ ھيٺِ ڌَري، مانَ گَڏينِئِي رُڪَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 20 ]
ڌَڪَنِ ھيٺِ ڌَري، مانَ گَڏينِئِي رُڪَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 20 ]
کَنڀاتَڙِي تَڙَ وَرِي، اُڀِي تَڙِ واجهاءِ،
مانَ ڏِينھُون ڪا، سُواڌائِي سَڄَڻين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 13 ]
مانَ ڏِينھُون ڪا، سُواڌائِي سَڄَڻين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 13 ]
آڻي ٻَڌُمِ وَڻَ جاءِ، مانَ مُکِڙِيُون چَري،
ڪُڌا تُورو ڪَرَھو، لِڪِئو لَڻِي کاءِ،
اِنَ مَيي سَندي ماءَ، مُون کي ڳالِهڙِيُنِ ڳوِڙھا ڪِئا.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 46 ]
ڪُڌا تُورو ڪَرَھو، لِڪِئو لَڻِي کاءِ،
اِنَ مَيي سَندي ماءَ، مُون کي ڳالِهڙِيُنِ ڳوِڙھا ڪِئا.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 46 ]
English Meaning
Would that, I wonder if, perhaps.